جديد اليڪٽرانڪ ڊائري۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيئن ماڻهن موبائيل جهڙي هن جديد دور ۾ خط لکڻ واري هر دلعزيز عادت وساري ڇڏي آهي اهڙي طرح اڄ جي هن تيز رفتار ۽ پريشانين ۽ مسئلن سان گهيريل دور ۾ ڊائري لکڻ يا ان لاءِ وقت ڪڍڻ به ختم ٿي ويو آهي۔۔۔
    ڊائري لکي ماضي جي يادن کي پنهنجي لفظن جي خوبصورت اظهار سان رنگين بنائڻ پڻ هڪ فن آهي جيڪو هر انسان پنهنجي خداداد صلاحيت استعمال ڪري ئي ڪري سگهي ٿو ۔۔۔ ان جو مقصد اهو بلڪل به نه آهي ته لفظن جي زخيري جو مالڪ، اديب ۽ خوبصورت لفظ پروئيندڙ شاعر ئي ڊائري لکي سگهي ٿو پر اڄ جهڙي ترقي يافته دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان توهان به پنهنجي خوبصورت ڊائري لکي سگهو ٿا۔۔۔
    هتي مان توهان سان هڪ اهڙي ڊائري ونڊڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ اکر لکڻ کان سواءِ توهان پنهنجيون ۽ دوستن جون خوبصورت تصويرون پڻ لڳائي سگهو ٿا ۔۔۔۔ نه صرف ايترو پر پنهنجيون موبائيل جي ذريعي بنايل يادگار آڊيو ۽ وڊيوز يا نيٽ گردي جي دوران پسند ايندڙ وڊيوز کي پڻ پنهنجي ڊائري جي زينت بڻائي سگهو ٿا۔۔۔ ان کان سواءِ هن ڊائري ۾ توهان ٻين پروگرامن جون فائيلز پڻ منسلڪ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    چاهيو ته ڊائري کي ڪي بورڊ سان ۔۔۔ چاهيو ته مائڪروفون سان ۽ چاهيو ته ويب پيج ذريعي ڊائري کي لکي سگهو ٿا۔۔۔
    ڊائري کي خوبصورت ڊيزائين ڏيڻ سان گڏو گڏ پاسورڊ ذريعي پروٽيڪٽ به ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ هن ۾ موجود ڪلپ آرٽ جي ذخيري يا اموشنز جي ذريعي پنهنجي لفظن کي احساسن جي زبان ڏيڻ پڻ انتهائي آسان ۔۔۔ چاهيو ته ڪنهن دوست کي دعوت ڏيو ۽ مائڪرو فون وسيلي سندس سان ٿيل ڪچهري جي آڊيو جي ريڪارڊنگ ۽ جيڪڏهن ويب ڪيمرا هجي ته وڊيو ريڪارڊنگ ڪري يادن کي محفوظ بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔

    [​IMG]

    هيتريون کوڙ ساريون سهولتون ڏيندڙ DiaryOne جي ڪُل قيمت 30 ڊالر آهي جنهنجو ٽرائيل ورجن هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ جڏهن ته مفت ۾ مڪمل ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ذاتي پيغام موڪليو يا وري ادا ڦلپوٽو سان رابطو ڪريو۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام سٺي ۽ لاڀائتي شيئرنگ آهي ادا۔۔ اُميد ته مستقبل ۾ اهڙا بهترين ونڊ ڪندا رهندو
     
  3. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    واه ادا رشيد ڊائيري تمام بهترين آهي پر ڪمپيوٽر کان ٻاهر ڪون نڪرندي :d
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو