اڄوڪو ڏينهن 2 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 2 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

2 جنوري 1885ع ليکڪ ۽ تعليمدان هيرانند ڪرم چند هنگوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 جنوري 1888ع رئيس المهاجرين جو لقب ماڻيندڙ رئيس جان محمد جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1902ع ليکڪ ۽ تعليمدان سيد عبد الحسين شاھ موسوي جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1902ع تعليمدان، سائنسدان ۽ ســنڌ يـونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1912ع عالم ۽ اديب پير غلام رسول سرهندي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 جنوري 1925ع سياستدان بيگم اشرف عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1934ع سنڌ ۽ هند جي نامور ڪھاڻيڪارہ ۽ ناول نگار ڪلا پرڪاش جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1937ع شاعر آثم ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1937ع شاعر سروپچند شاد جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1939ع يکڪ ۽ سماج سڌارڪ محمد الياس ’همغم‘ جوکيي، ڳوٺ مالماڙي، ڪوهستان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1947ع ليکڪ، پبلشر/ناشر فيروز احمد ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1948ع اديب، مورخ، تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1952ع ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن عبدالستار ڀٽيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1953ع مشھور ادب نواز ۽ علم دوست آفيسر قاضي امتياز جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1968ع ليکڪ ۽ صحافي جاويد ڀٽي بئراج ڪالوني سکر ۾ پيدا ٿيو.
2 جنوري 1970ع شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عادل عباسي، ڳوٺ لعلو رائنڪ تعلقي وارھ ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1970ع مشھور ليکڪ احمد علي جمالي جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1985ع شاعر اصغر ساگر اصل نالو علي اصغر گهمرو. ڳوٺ حاجي يار محمد گهمرو باگڙجي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1991ع ليکڪ ۽ اديب چيتن ميگهواڙ جو جنم ڏينهن آهي.
2 جنوري 1995ع نوجوان صحافي مدثر کھاوڙ جو جنم ڏينھن آهي.

وڇوڙو:

2 جنوري 1907ع مشھور شاعر حاجي خان محمد عرف خانڻ ولد مير محمد چنجڻي 76 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
2 جنوري 1934ع سماج سڌارڪ ڀائي مولچند عاج وارو ديهانت ڪري ويو.
2 جنوري 1969ع جسٽس الاهي بخش خميساڻي جي وفات ٿي.
2 جنوري 1977ع سگهڙ ٻيڙو فقير ڪنڀر جي وفات ٿي.
2 جنوري 1978ع فنِ تجويد ۽ قرائت جي ممتاز عالم، الشيخ مصطفى اسماعيل جو وڇوڙو ٿيو.
2 جنوري 1990ع اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو.
2 جنوري 1990ع مشهور براڊڪاسٽر سرور بلوچ جي وفات ٿي.
2 جنوري 2003ع نامياري شاعر ۽ مترجم نياز همايوني وفات ڪئي.
2 جنوري 2003ع پاڪستان سطح جي مشهور والي بال رانديگر خادم حسين انڙ وفات ڪئي.
2 جنوري 2011ع موسيقار ۽ راڳي استاد طفر علي خان وفات ڪري ويو.
2 جنوري 2021ع ناميارو عالم ۽ اديب محمد امين مگسي ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

واقعا:

1857ع – برطانوي فوجين ڀارتي شهر ڪلڪتي تي قبضو ڪيو.
1942ع – ٻين جنگ عظيم: فلپائن جي گادي جي هنڌ منيلا تي جاپاني فوجن قبضو ڪري ورتو.
1974ع – ڪراچي ۾ عباسي شھيد اسپتال جو افتتاح ٿيو.
1972ع – پاڪستان جي تمام اهم صنعتن کي قومائيو ويو.
1972ع – صدر محمد ضيا الحق جي حڪم تي ملتان ٽيڪسٽائيل مل جي ملازمن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻہ کان وڌيڪ پورهيت اجل جو شڪار ٿيا.
1992ع – وفاقي شريعت ڪورٽ رِبا کي غير اسلامي قرار ڏئي ڇڏيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
آثم ناٿن شاهي: غلام رسول سولنگيءَ جو ادبي نالو -آثم ناٿن شاهي- هو. هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ ۾ -الله- بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. -آثم ناٿن شاهي- پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي -تعليم- پنهنجي ناني مولوي فيض محمد ”پريشان“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. 1962ع کان پوءِ نالي واري شاعر ”محسن“ ڪڪڙائيءَ جي -اصلاح- هيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاهه سان وابسته ٿي علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاهه“ قائم ڪيائين ۽ هڪ لئبرري به کوليائين. سندس شاعري جا ٽي مجموعا ”جڏهن اُلا اُڀ ۾“ (1994ع) ۽ ”لهرون لهرون لاٽ“ (1998ع ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ) ۽ ”ڇا چيس آئيني؟“ (رم جهم پبليڪيشن دادو طرفان) شايع ٿيا آهن. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي بورڊ“ (1994ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد -انعام- مليا . سندس وفات 6 -آڪٽوبر- 2006ع تي ٿي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
 
jbirLTsaXYA3Zl.jpg



سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڀائي مولچند عاج وارو:

مشهور سماج سڌارڪ ڀائي مولچند جو جنم حيدرآباد ۾، 1850 جي ويساک مهيني جي 12 تاريخ تي مينگهراج ڪرپالاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ماءُ پيءُ جو سڪيلڌو پٽ هو. ننڍي هوندي سنڌي ۽ گرمکي اکر سکيو. سندس مائٽ وڏي پئسي وارا هئا ۽ سندن وڏو ڪاروبار هو. مولچند به شروع ۾ جنڊيءَ جو سامان خريد ڪري، سنڌ مان بمبئيءَ موڪليندو هو. پوءِ عاج جو ڌنڌو ڪيائين. ڌنڌي دوران غريبن جي ڪافي پرگهور لهندو هو. اسپتالن ۾ داخل مريضن لاءِ گاڏيءَ ۽ دوائن جو خاص بندوبست ڪندو هو. مسڪين ماڻهن جي گهر اناج پهچائيندو هو. سال 1897ع ۾ پليگ جي وڏي بيماري پکڙي ته ان وقت هن درويش پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، مريضن جي خدمت ڪئي ۽ مريضن کي هزارين رپيا کاڌي پيتي لاءِ وڃي ڏيندو هو. ان وقت هزار رپيا اڄ جي لک رپين کان مٿي هئا. هنن نيڪ ڪمن ۾ ڏيارام گدومل، ڀائي مولچند جو ساٿي هو. هيءُ نيڪ ٻانهو، 2 جنوري 1934ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
 
Back
Top