ابو واصف
سينيئر رڪن
دوستن کان معذرت خواهه آهيان ته ڪافي وقت کان سبقن جي سلسلي کي اڳتي وڌائي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته انتهائي مصروفيت هئي، سائين نثار ناز صاحب جي چواڻي ته: ”اسان جهڙا جهونا ڪاٺ جي پٽي، لوهه واري سليٽ، چاڪ واري اڇي پين، ٽي روپين واري ڊيئر پينسل، ۽ پنجن روپين واري هڪ لڪي ڪاپيء (نوٽ بُڪ) سميت توهان جي هن پروگرام واري ڪلاس ۾ ڪُجهه سکڻ لاءِ ڪافي ڏينهن کان روز روز چڪر لڳائيندا آهيون، هاڻي اهو ڪلاس اُجڙيو پيو آهي، توهان به شايد ٻهراڙي جي اسڪول جو هڪ ڪلاس سمجهي وڌيڪ ڪلاس شروع نه ڪري سگهيا ۽ اچي نه سگهيا، ايڊوب سکڻ وارا خُطابي ڀي توهان جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي گهر ويهي رهيا....“ سو دوستن کي عرض آهي ڪجهه پنهنجي مصروفيت ۽ ڪجهه سُستيءَ کي پڻ ضرور عمل دخل آهي، باقي هن عظيم ذميداريءَ کي پورڻ ڪرڻ جي وس آهر ڪوشش رهندي. اميد ته دل ۾ نه رکندا.
بُرش ٽول جي وضاحتي اسڪرين: هتي بُرش ٽول جي وضاحتي اسڪرين هن طرح آهي:
وضاحت: برش ٽولز جي پليٽ اسان Windows ’مينيو‘ مان پڻ کڻي سگهون ٿا. ان ۾ مختلف برشن جا نالا ۽ انهن جا فنڪشن پڻ ڄاڻايل آهي، جن کي بعد ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
ٽوٽڪو: انهن بُرشن کان سواءِ اسان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجا بُرش ٽول‘ پڻ ٺاهي سگهون ٿا. نموني خاطر’سنڌ سلامت‘ جو هڪڙو برش ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
هاڻي اوهان Edit مينيو ۾ اچي Define Brush Preset کي ڪلڪ ڪندا. وضاحت لاءِ تصوير ڏسو:
اوهان اوهان بُرش ٽول جي وضاحتي اسڪرين ۾ ڏسندا ته آخر ۾ ”سنڌ سلامت“ جي نالي سان هڪڙو نئون بُرش هن طرح ٺهي آيو آهي:
اوهان ان کي پنهنجي مرضيءَ ڪنهن به بيڪ گرائونڊ ۾ پيسٽ ڪري سگهو ٿا. يا ڊزائين ڪري سگهو ٿا. اوهان ان کي پنهنجي مرضيءَ ڪنهن به بيڪ گرائونڊ ۾ پيسٽ ڪري سگهو ٿا. يا ڊزائين ڪري سگهو ٿا. نموني خاطر مون”سنڌ سلامت“ جي ٺاهيل بُرش کي هڪڙي بئڪ گرائونڊ ۾ اپلاءِ ڪيو آهي.
’برش ٽولز‘ جي سب ٽولز بابت متعلق ڄاڻ ٻئي حصي ۾ ڏني ويندي.
ٽوٽڪو: انهن بُرشن کان سواءِ اسان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجا بُرش ٽول‘ پڻ ٺاهي سگهون ٿا. نموني خاطر’سنڌ سلامت‘ جو هڪڙو برش ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.