• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
ڪراچي!
سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي -
هَسُ ڳچيءَ جو،
سينڌ ماٿي جو ٽِڪو
۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻُ -
باک بادامي جڏهن ٿِي تنهنجي رستن تي لهي
صبح تنهنجو سونَ- ورنو ٿو لڳي
۽ جڏهن ٿي شامَ گھونگھٽَ کي کڻي



1582 اٽيچمينٽ ڏسو
سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀڃي


1583 اٽيچمينٽ ڏسو
رات پنهنجا پاندَ ڦهلائي جڏهن ٿِي تو مٿان
چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.
1584 اٽيچمينٽ ڏسو
تنهنجون رمجھم روشنيون

1585 اٽيچمينٽ ڏسو
شاهراهن تي تِکين ڪارن منجھان
جنهن گھڙيءَ برسات وانگر ٿيون ڇڻن
هر عمارت جون دريون آڪاس ڇهندي ٿيون کُلن
1586 اٽيچمينٽ ڏسو
دُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا تهنجا رهواسي رهن
تنهنجي ديوارن مٿان هي سرمئي،
رنگَ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.
تون ڪياماڙيءَ منهوڙي جي هوا!
1587 اٽيچمينٽ ڏسو
تون سراپا شاهَه غازيءَ جي دعا.
يا لڳين ٿِي سِپَ جي موتيءَ جيان،
يا اسان جي ڀاڳَ وانگر،
ڪنهن مقدس ماڳ وانگر
تون سمندر جي رهين ٿِي جاڳَ وانگر!
1588 اٽيچمينٽ ڏسو
اي ڪراچي!
تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين
۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي
پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين
زندگيءَ مصروف تنهنجي ۾ رهيا،
بي انت ڪيئي حادثا
روشنين جا سلسلا
 
ڪراچي تي هي ڪويتا احمد سولنگي جي سرجيل آهي، جيڪا مون کي ڏاڍو آئڙي، ان ڪري اوهان سڀني سان هتي ونڊ ڪئي آهي۔هن شهر جي حسناڪي هاڻ ته مريو وئي آهي جڏهن آئون ستين ۽ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هئس تڏهن هن شهر ۾ امن هو، جڏهن مئٽرڪ ۾ آيس تڏهن امن کي اڌ رنگ جي بيماري لڳي وئي، هتان جي روشني ڌيمي ٿي وئي، روشنين جو شهر چمڙن ۽ دهشگردن جي گهيري هيٺ اچي ويو، لياري کان لالو کيت تائين جتي ماضي ۾ رات جو ٻه وڳي به سائيڪل تي وڃي بڪڪن جي ڳوٺ مان کير وٺي اچبو هو ۽ کڏي جي نئين آباد مان سائيڪل تي چڙهي گرو مندر وٽ روسٽ ٿيل مڇي ۽ طارق روڊ جي اورين ڀر نوراني ڪباب وٽان چهر ڪري وري مال روڊ (شاهراهه فيصل) وٺي ميٽروپول هوٽل ۽ شيرٽن وٽان ٿيندي پي آ ڊي پل پار ڪري سلطان آباد ڪچي آبادي کان ٿيندي تمر جي ٻيلن کي ڏسندي بوٿ بيسن ۽ نيٽي جيٽي وٽ اچبو هو، اها سائيڪل سواري شايد جنون جي حد هئي ۽ هاڻ هڪ وک به اڳتي وڌائيندي هور ٿئيم ٿو مون سوڌو سڀ کي،۔ اڳ مائٽن کي چنتا نه هوندي هئي کين پڪ هئي ته سندن ٻچڙا سلامت هوندا پر هاڻي مائٽ چنتا ۾ چُور آهن۔مثال: آئون جڏهن به آفيس ويندو هان ته منهنجي ما ۽ منهنجي وني ”خيال سان وڃجان“ ضرور چونديون آهن سندن مک تي تري آيل چنتا جون ريکائون منهنجي وڌندڙ وکن ۾ ڀان ونگ وجهنديون آهن اها ئي ڪيفيت ۽ اذيت هر هڪ سان آهي هن شهر ۾۔
 
ڪراچي تي لکيل ڪويتا وڻي ۽ اوهان جون تصويرون جيڪي هر سٽ سان ٺهڪن ٿيون اهي به وڻيون ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪاش ڪراچي جو امن واپس وري ۽ ڪراچي اها ڪراچي بڻجي وڃي۔

اوهان جي خوبصورت شيئرنگ
 
ڪويتا سان گڏ منظر نگاري ڄڻ ته ڪراچي جو سير ڪرائي ڇڏيو ۔۔۔ بنا ٽڪيٽ ۽ ويزا جي ۔۔۔ سنڌ امڙ جو ڪمائو پٽ غيرن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي ۔۔۔ ۽ اهو ڪو اچانڪ ناهي ٿيو پر اسان ڀائرن هٿ وٺي پنهنجي ان امڙ جي ٻچڙي کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ جا سڀ جتن ڪيا آهن ۔۔۔ ڪاش ۔۔۔۔!!!! ۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟
 
Back
Top