دوستو اڄ ڪنهن سالڪ کان مونکي حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جو قول ٻڌڻ جي سعادت حاصل ٿي۔ سوچيم ته ڇو نه اوهان سنگت سان به ونڊ ڪجي۔۔۔ سهڻي حضرت علي المرتضي رضه الله تعالي عنه جن جو قول آهي ته چئن شين جي حفاظت ڪريو۔۔۔ 1۔ نماز ۾ دل جي 2۔ تنهائي ۾ نفس جي 3۔ محفل ۾ زبان جي 4۔ رستي ۾ نگاهه جي بظاهر لفظ ته تمام ٿورڙا آهن پر ان کان وڌ معني خيز۔۔۔ شال رب سائين اسان کي انهن لفظن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔۔ آمين۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
حضرت علي المرتضي رضه الله تعالي عنه جا قول ۽ چيل لفظ سمجهڻ واري لاءِ تمام قيمتي هوندا آهن ۔۔۔۔ سندن ڪجهه قول پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڪري مون تمام گهڻا پسند آهن جهڙوڪ: ”جيڪو ڏک ڏئي ان کي ڇڏي ڏيو۔۔۔۔۔ پر جيڪو ڇڏي وڃي ان کي ڪڏهن به ڏک نه ڏيو۔۔۔۔“ ”ڏينهن جي روشني ۾ رزق جي ڳولا ڪريو۔۔۔۔ ۽ رات جو ان جي ڳولا ڪريو جيڪو توهان کي رزق ٿو ڏئي۔۔۔“ ”آسمان تي نگاهه ضرور رکو ۔۔۔ پر اهو نه وسارجو ته توهان جا پير زمين تي آهن۔۔۔۔“ ”جيڪڏهن توهان الله پاڪ جي عبادت نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ گناهه ڪرڻ به ڇڏي ڏيو۔۔“ ”خراب صحبت کان اهي ڪنڊا بهتر آهن جيڪي صرف هڪ دفعو زخم ڏين۔۔۔“ ”پنهنجي مسڪراهٽ سان ڪنهن جي دل کٽڻ هڪ عظيم ڪارنامو آهي۔۔۔۔“
رشيد سائين تمام بهترين قول توهان اسان سان ونڊ ڪيا آهن، حضرت علي عليه السلام جن جا قول هڪ عام فهم انسان لاءِ مشعلِ راهه آهن۔۔۔۔
ادا رشيد اوهان۔۔ حضرت مولا علي مشڪل ڪشا جا وڌيڪ قول لکي هن تحرير کي اڃا به راڻو ڪري ڇڏيو اٿوَ۔۔۔۔ مهرباني اداshal judy hujeen
ادا زاهد تمام خوشي ٿي جو اهڙا پيارا قول سهڻي علي المرتضي جااوهان دوستن ڏي شئر ڪيا اوهان جي زندگي ۾ الله پاڪ وڌيڪ برڪت عطا ڪري جو اوهان اهڙا پيارا ٻول ٻڌائيندا رهو۔آمين يارب العالمين طالب دعا حافظ اسد ڏاهري
سائين حضرت علي رضي الله عنه علم جو دروازو آهي محبوبن جو شاگرد آهي جڏهن استاد اهڙو ڪامل هجي ته شاگرد ۾ به اهڙي قابليت هوندي پاڻ ڪيترائي اهڙا فيصلا ڪيائون جي ٻيا سڀ حيرت ۾ پئجي ويا هڪ ڀيري کانئن منبر تي هڪ علم ميراث جو مسئلو پڇيو ويو پاڻ فوري طور اهو مسئلو ٻڌايائون اهو مسئلو اڄ تائين منبري مسئلي جي نالي سان مشهور آهي۔
سلام ادا زاهد صاحب تمام پيارا ٻول آهن حضرت علي ڪرم الله وجه جن جو هڪ قول هي به آهي ته مونکي عبادت ۾ ٻه شيون پسند آهن 1 سرد موسم ۾ فجر جي نماز ّّ 2 گرم موسم ۾ رمضان جا روزا
مَن ڪُنتُ مَولا فهذا عَلي مولا قابل احترام سائين زاهد صاحب اسلام عليڪم اميد ته توهان خيروآفِيت سان هوندا۔ ادا سائين حضرت مولا علي مشڪل ڪشا جا قول ته انسانن کي سڌي راه جو درس ٿا ڏين۔ مولاء مشڪل ڪشا جن جو هڪ قول هيءُ به آهي ته ٽيئن ماڻهن جي دعا بارگاهِ الاهي ۾ رد ناهي ٿيندي. 1 والدين جي دعا 2 مسافر جي دعا ۽ 3 مظلوم جي دعا شل سدائين شاد و آباد هجو آمين۔ جزاڪ الله ادا
ادا عبدالستار مان بنده خاڪسار آهيان يار ايڏا وڏا لقب اسانکي نه ڏي جاني۔۔۔۔ مون ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ئي ناهي جو اوهان ايترو مَانُ پيا بخشيو۔۔۔۔ مٺڙا قرب ڪجانءِ ٻيهر صرف فقير لکي ڇڏجانءِshal judy hujeen