محبت ۾ اهڙي ته مقناطيسي ڪشش هجي ٿي جو ڪيترائي پيار جا پياسي پنهنجو پاڻ ڇڪجي اچن ٿا ... !!! بس اندر ۾ پيار جو جذبو جاڳيل هجي ۽ ڪائنات کي پنهنجي سڄڻ سمجهڻ جي سگهه .... پوءِ ڏسو! ته ڪائنات جا ماڻهون ۽ مال، چرند پرند، ڪک ڪانا اوهان سان ڪيئن محبت ڪن ٿا ....!!!
ادانثارابڙو اسلام عليڪم۔ محبت سدا سڳنڌ جيان لاحاصل هوندي آ، فضائن ۾ مهڪ جيان ئي وکري ويندي آ، هوائن ۾ اّٺي جي ڀنل سڳند،روح کي راحت، محبت به ابتدا ۾ ، صبح جي هير جيان گهلندي آ،(رخسانه” رخ“ سومرو)
امداد حسيني چئي ٿو: خدا آهي محبت خود، محبت خود خدا آهي، اها ئي ابتدا آهي، اها ئي انتها آهي. محبت به عجيب آهي، جنهن جو سر جو سانگو لاهي ماڻهو هلندو رهي، ڀلا ڪڏهن پتنگن کي ڏٺو اٿو۔۔۔ڪيئن نه عشق ۽ محبت جي انتها تي پهچندي جليو وڃن۔ لطيف سائين فرمائي ٿو: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، ڏسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ، سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا۔ محبت تي اوهان کان وڌيڪ مان ته ڳالهائي نه ٿو سگهان۔ اوهان به ته محبت ۾ پڇي راس ٿيا آهيو؟ اوهان جو پنڌ به ته پيار ۽ محبت جي پيچرن تي پيو هلي۔ اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنهنجو اوسيئڙو، ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾۔
محبت بلڪل مرڻي نه آهي۔ اک اهڙي آ ٺرڻي نه آهي. زنده آهي زنده رهندي. ڪنهن به صورت ۾ ڳرڻي نه آهي. بنان سبب جو ڪنهن کي ستائي ان جي ٻيڙي ترڻي نه آهي. ڏاڍو هيڻي جو حق کائي ٿو. اها خداجي ڪرڻي نه آهي. سڀ ٿياسين آدم حوا مان. دل ۾ نفرت ڌرڻي نه آهي. چيز اهڙي کي ياد ڪجي ڇو. واپس جيڪاورڻي نه آهي. رهڻ رضاتي راضي گهرجي. قضاڪڏهن به ٽرڻي نه آهي.