ڇهن مهينن جي عمر ۾ عينڪ ڪولمبس (آمريڪا) جي ڪارل جائلز ڇهن مهينن جي عمر ۾ عينڪ پائڻ شروع ڪئي. انهي ڪري ان جو شمار سڀ کان گھٽ عمر ۾ عينڪ پائڻ وارن ۾ ڪيو وڃي ٿو.
تباهه ٿيل جهاز ۾ ٽپال جو ٿيلهو چالو نڪسن فرانس جي هڪ ٽڪريءَ تي هڪ ٽپال جو ٿيلهو مليو آهي. اهو ٿيلهو ڀارتي هوائي ڪمپني ايئر انڊيا انٽرنيشنل جي انهي جھاز ۾ رکيل هو جو 31 سال پهريائين 1950ع ۾ فرانس ۽ اٽلي جي سرحدي جبلن جي وچ ۾ ڪري تباهه ٿيو هو. انهي حادثي ۾ 48 ماڻهو مري ويا هئا. ٿيلهي ۾ هندوستان ٽائمز جي هڪ ڪاپي به آهي. جنهن تي 31 آڪٽوبر 1950ع جي تاريخ لڳل آهي.
دنيا جو پهريون ڇپيل ڪتاب دنيا جو سڀ کان پهريون ڇپيل ڪتاب رسول اڪرم ﷺ جي سيرت پاڪ تي مبني آهي جو چين جي هڪ مبلغ سن 618ع ۽ سن 648 جي وچ ۾ ڪاٺ جي بلاڪن تي ڇاپيو هو. هن وقت انهي ڪتاب جا صرف ٻه صفحا بچيا آهن.
ديوار-- چين ديوار چين 200 سال قبل مسيح ۾ تعمير ٿي. ان جي ڊيگھ ٻه هزار پنج سو پنجاهه مليل آهي.
وڏي تصوير 1940 ۾ نيويارڪ جي هڪ مصور جان نبوارڊ هڪ تصوير ٽن ميلن ڊگھي ڪينواس تي ٺاهي. اها تصوير مڪمل ڪرڻ ۾ هن کي چار سو ڏينهن لڳا. چيو وڃي اها دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي تصوير آهي.
وڄندڙ پٿر آمريڪا ۾ هڪ اهڙو پٿر آهي، جنهن کي ماڻهو ”وڄندڙ پٿر“ چون ٿا. انهي پٿر ۾ مٿان هڪ وڏو سوراخ آهي، جنهن ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان زوردار آواز ٿئي ٿو جيڪو ٻن ميلن تائين ٻڌي سگھجي ٿو. مقامي روايت جي مطابق 1871ع ۾ جڏهن ڊنمارڪ ۽ جرمني ۾ جنگ ٿي رهي هئي تڏهن شاهه الفريد انهي پٿر کي وڄائي پنهنجي ڇڙوڇڙ فوج کي گڏ ڪيو هو. اهو عجيب و غريب پٿر جنهن کي شاهه الفريد جو بگل به چون ٿا، اڄ ڪلهه هڪ ڳوٺاڻي جي ملڪيت آهي جو هرسياح کان ڏهه پئسن وصول ڪرڻ کان پوءِ ڏيکاري ٿو.