هڪ همراه سفر ۾ ته رستي ۾ نماز جو وقت اچي ويجهو ٿيو۔۔ همراه ڪنهن آبادي ۾ داخل ٿيو ۔۔ ۽ پڇا ڪندو مسجد ويجهو پهتو۔۔ جڏهن مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته خيال ٿيس ته پنهنجي سواري يعني گهوڙي کي ڪنهن جي حوالي ڪجي ۔۔۔ ڇو ته ائين نه ٿئي ته منهنجي غير موجودگي ۾ منهنجي گهوڙي يا ان تي سينگاريل قيمتي زين چوري ڪري وٺي۔۔۔ اڃان ان ئي ڪش مڪش ۾ هيو ته ان جي نظر هڪ نوجوان تي پئي جيڪو پڻ کيس ڏسي رهيو هو۔۔۔ همراه ڇوڪري کي سڏيو ۽ کيس چيائين ته ۔۔ ”پٽ مان مسافر آهيان۔۔۔ نماز جو وقت ٿئي پيو۔۔ نماز پڙهڻ تائين منهنجي گهوڙي ۽ سامان جو خيال ڪندين۔۔۔ ؟“ ڇوڪري چيو۔۔ ”بلڪل جناب ۔۔۔ ! توهان تسلي سان نماز پڙهي وٺو۔۔۔ “ همراه خوش ٿي مسجد ۾ داخل ٿيو۔۔ ۽ جڏهن نماز پڙهي واپس وريو ته ڏٺائين ته نه ڇوڪرو موجود آهي ۽ نه ئي وري گهوڙي تي رکيل قيمتي زين۔۔۔ خير صبر ڪندي بازار ڏانهن رخ ڪيائين ۔۔ جيئن ٻي عارضي زين خريد ڪري سگهي۔۔ هڪ دڪان تي پهتو ته ڏٺائين ته سندس گهوڙي تي لٽڪايل ساڳي زين دڪاندار وٽ لٽڪيل پئي آهي۔۔۔ همراه دڪاندار کان پڇيو ۔۔ ”هي زين تو وٽ ڪيئن پهتي۔۔۔؟“ دڪاندار جواب ڏنو ۔۔۔ ”هڪ ڇوڪرو ٻن درهمن ۾ وڪاڻي ويو آهي۔۔۔“ همراه پنهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۔۔۔”ڇوڪرو جيڪڏهن ٿورو صبر ڪري ها ته ان جا اهي ٻه درهم حرام نه هجن ها۔۔ جو مان نماز پڙهي واپسي تي سوچي رهيو هيم ته ڇوڪري کي سامان جي حفاظت ڪرڻ خاطر 2 درهم ڏيان۔۔ پر افسوس۔۔۔ “ ڇوڪري تڪڙ ڪندي پنهنجي ڪمائي حرام ڪري ڇڏي۔۔۔ جيڪڏهن صبر ڪري ها ته کيس اهي ئي 2 درهم جائز طريقي سان ملن ها۔۔۔ انسان کي رزق اوترو ئي ملندو آهي جيترو سندس نصيب ۾ لکيل هوندو آهي۔۔ پر ان کي حلال يا حرام طريقي سان حاصل ڪرڻ اسان جي اختيار ۾ هوندو آهي۔۔
تمام بهترين حڪايت آهي ، اهڙي قسم جي ساڳي ئي حڪايت حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه ڏانهن به منسوب ٿيل آهي
بلڪل ايئ ئي ڪنهن ڏاهي کان مون جهڙي ڪنهن نادان پُڇيو ته جيڪڏنهن منهنجي نصيب م قتل ڪرڻ لِکيل آهي ته آئون ڪيئن بچندس قتل ڪرڻ کان؟ ۽ ڪيئن جنتي ٿيندس؟ ڏاهي سادگي سان جواب ڏِنس ته: ٿي سگهي ٿو تنهنجي نصيب ۾ پنهنجي مُلڪ جي حفاظت ڪندي ڪنهن حمله آُور جو قتل ڪرڻ لکيل هُجي۔ ۽ تون گنهگار يا قاتل ٿيڻ بجاءِ غازي ٿي وڃين۔