• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ميچ کٽي سيريز به کٽي ورتي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪلڪتي ۾ کيڏي ويندڙ ٻئي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم هندستان کي آسانيء سان 85 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستاني ٽيم 250 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. ناصر جمشيد لڳاتار ٽين سينچري ٺاهي ظهير عباس جو رڪارڊ برابر ڪيو. پاڪستاني اوپنرن 24 اوورن ۾ 141 رنسن جي شراڪت ڪئي۔

جواب ۾ پاڪستاني تيز بالرن خاص ڪري جنيد خان ۽ اسپنرن جي شاندار بالنگ سبب هندستاني ٽيم صرف 166 رنسون ٺاهي سگهي. جنيد خان ۽ سعيد اجمل 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته عمر گل ٻه وڪيٽون ورتيون. ڌوني 54 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔ ناصر جمشيد کي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو۔

ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم ڪلڪتي ۾ ڪابه ون ڊي ناهي هارائي۔
 
ڪلڪتا جي تاريخي گرائونڊ تي لڳ ڀڳ 80000 تماشائي ان اميد سان آيا هئا ته هو انڊيا جو جوابي حملو ڏسي سگهن۔۔۔ ۽ سچي ڳالهه ته اها به آهي ته اڄ موبائيل بند هجڻ جي ڪري مان به سڪون سان اهڙو حملو ڏسڻ لاءِ ٽي وي تي سوير ئي ويهي رهيس۔۔۔ اهڙو حملو بلاشبه انڊيا طرفان نظر به آيو جڏهن 141 جي مضبوط اوپننگ پارٽنرشپ ٿيڻ کان پوءِ انڊين بالر اهڙا حاوي ٿيا جو باقي 9 وڪيٽون رڳو 109 ڪيرائي وڌن۔۔۔ ۽ جڏهن ٽارگٽ 251 جو بيٺو ته مقابلي ۾ دلچسپي پيدا ٿي۔۔۔ پر جڏهن بيٽنگ جو وارو آيو ته دنيا جي مضبوط چورائيندڙ بيٽنگ لائين پري کان ئي دٻاء جو شڪار ٿيل نظر آئي ۽ تڪڙيون وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ انڊيا اهڙو ڦاٿو جو اڃان اڌ اوور ئي گذريا هئا ته انڊيا هارائجي چڪو هو۔۔۔ جيتوڻيڪ انڊين ڪپتان مردِ بحران جو ڪردار ادا ڪندي آخر تائين بيٺو رهيو پر بس کيس هاف سينچري ئي ملي سگهي۔۔۔ انڊيا جي اهڙي ڪارڪردگي ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ئي شرمائي ڇڏيو۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه انڊين هندي ڪامينٽيٽرس روئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪري ڏنو۔۔
جيئن هن وڊيو ۾ ڏسو۔۔۔​
 
هاهاهاهاهاها! کڙا تو چوڪيدار ڀي رهتا آهي۔
مون کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ جو پُراڻو ڪرڪيٽي جوان اڪبر لغار سدائين چوندو هو ته جڏنهن اها پڪ هُجي ته مئچ هٿ ۾ ناهي رهي ته وڪيٽ تي بيهي گهٽ مارجن سان (يا جيترو ٿي سگهي مارجن گهٽائڻ) به هڪ فائدو اهو ٿيندو ته اوهان وٽ وڏي فرق سان هارايل مئچن جو تعداد گهٽ هوندو۔
پر اُها مئچ ڏسندڙ ته ظاهر آهي بور ئي ٿيندا۔
 
ناهي مزو هن ڪرڪيٽ سيريز ۾۔۔۔ سنسني هجي ته خبر پوي ته هائو ٻيلي پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ پئي هلي۔
 
ناهي مزو هن ڪرڪيٽ سيريز ۾۔۔۔ سنسني هجي ته خبر پوي ته هائو ٻيلي پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ پئي هلي۔
اهو ته توهان پيا چئو نه۔۔۔ معنا توهان شوقين ئي ناهيو۔۔۔ ٿورو شوقينن سان ته ڳالهايو اهڙي ترنگ ۾۔۔۔ :D
 
يارو حد ٿي وئي۔۔۔ راند ۾ جيت هار ته ٿيندي رهندي آهي پر پاڪستانين کان ته اهي ڏينهن به وسري ويا جڏهن انڊيا کين هارايو به آهي۔۔۔ فيس بوڪ تي گهمندي هڪ ٻي وڊيو به نظر مان گذري ۔۔ دوستن جي دلچسپي لاءِ حاضر آهي۔۔۔ :)

هن موضوع ۾ ٻروچ جي تبصري کي شدت سان مس پيو ڪريان۔۔۔ :rolleyes:
 
يارو حد ٿي وئي۔۔۔ راند ۾ جيت هار ته ٿيندي رهندي آهي پر پاڪستانين کان ته اهي ڏينهن به وسري ويا جڏهن انڊيا کين هارايو به آهي۔۔۔ فيس بوڪ تي گهمندي هڪ ٻي وڊيو به نظر مان گذري ۔۔ دوستن جي دلچسپي لاءِ حاضر آهي۔۔۔ :)

هن موضوع ۾ ٻروچ جي تبصري کي شدت سان مس پيو ڪريان۔۔۔ :rolleyes:
هاهاهاهاها ڇا چوندا آهن ڀائي لوگ ته۔۔۔
آني دو آني دو۔۔۔۔ جاني دو جاني دو۔۔۔
 
Back
Top