(فيچر) ”روشني“ نثار بزمي 1595 اٽيچمينٽ ڏسو ڏيک پهريون صبح جو وقت... ڪکن ۽ ڪانن جا گهر... لوڙها... ڀاڻ جا ڍير... گند ۽ ڪچري جا ڍڳ.... سم... سيڪ... گهم... پوسل.... مڇرن جا ڪٽڪ... سچو ڳوٺڙو دونهين ۾ ويڙهيل... چوطرف سارين جي پوک... ست- اٺ نينگرڙا ڪتابن جون ڳوٿريون کنيو اتر طرف کان ويندڙ هڪ ٽُٽل ۽ ڀڳل ٻني تان تڪڙيون وکون ڏسجن ٿا. ڪي ڇوڪرا وڏڙا آهن ۽ ڪي ننڍڙا پِتڪڙا... راوي: هي ٻارڙا ٻه ميل کن دور ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا. وڏڙن ڇوڪرن باقي ننڍڙن کي به پڙهڻ لاءِ دلچسپي ڏيئي ڇڏي آهي. توڙي جو انهن جا مائٽ انهيءَ ڳالهه ۾ راضي ڪونه آهن. هو چاهين ٿا ته سندن ٻار ڍور ڍڳا چارين يا گهر جو ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪن. مگر هي گلن جهڙا معصوم ٻار پنهنجي ارادي تي اٽل آهن. هي پنهنجو مطلب ضرور پورو ڪندا. علم جهڙي دولت حاصل ڪري هي وڏو رتبو پائيندا. وڏا ڀلي ناراض ئي هجن. مگر نيڪيءَ جي راه تي هلڻ کان هي ٻچڙا ڪونه ڪيٻائيندا... ڏيک ٻيون پپل جو وڏو وڻ..... ٿڌي ۽ گهاٽي ڇانوَ... ٻنپهرن جو وقت....... جانڻ ۽ جمن پاڻ ۾ ويٺا ڪچهري ڪن ٿا. جانڻ: جمن! هي ڇوڪرا اڄ سوير الائي ڇو موٽيا ٿا اچن؟ جمن: (پريان ويندڙ ڇوڪرن ڏانهن ڏسندي) الائي ڇا جي ڪري موٽيا ٿا اچن. موڪل وٺي آيا هوندا. جانڻ: ادا، انهن ڇوڪرن جي ڳالهه ئي نه پڇ. ٻه اکر پڙهي الائي ڪهڙا ڪم ڪندا. اسان غريب هڪ ويلو کائون ته ٻيو ويهون. هنن نوابزادن جي خرچ ئي چيلهه ڀڃي وڌي آهي. جمن: ها نه تڏي ادا، اڄ وقت ڪهڙو لڳو پيو آهي. ڪتابن، قلمن ۽ بوڪن جا پيسا اسان ڪيئن ڀريون، ڪاڏي وڃون. جانڻ: ادا ماستر به اڄ بادشاه آهن. اهو نٿا سوچين ته مسڪين ماڻهو ايڏا خرچ ڪيئن ڪري سگهندا، ڪهڙي ويل کي پڄندا. ڪهڙا پاراتا ڏيون ماستر ميرل کي جنهن ڏٽا ڏئي ڇورن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. راوي: ماستر ميرل ويچاري اهو ڏوه ته ڪري وڌو هو. هن کي ڇا پتو ته چڱي ڪم کي بڇڙو سمجھيو ويندو. هن ڇوڪرن کي هدايت برابر ڪئي هئي ته: پٽ علم کان سواءِ بس اونده آهي. ڇوڪرن جي دل تي نه ڪو چڱو اثر پئجي ويو هو. پهريائين هڪڙو پڙهڻ ويو وري ٻه ٿيا آخر ته ٽولو بڻجي ويو. ڏيک ٽيون گهٽيءَ جو موڙ... والو حجم گلڻ ملاح جا وار ويٺو ڪَتري... سج لهڻ کان اڳ ٻه ٽي همراه واري جي انتظار تائين ويٺا اوڀاريون لهواريون ڪن... هڪ: اڙي ادا، بس ڪيون ويٺو هج... اِهي ڇورا پڙهي ڪليٽر ٿيندا. ميان! اسان جي لاءِ مصيبت پيد اڪري ڇڏي اٿائون. والو: (تڪڙ مان) ڪالهه جادل اوري پٽ ته پوريون ڪري ڇڏيون. چيائين اهي وارَ بج ٻاهر ڦٽي ڪندو ڪر. هتي گند ٿو ٿئي. اصل وڙهڻ لاءِ پئي آيو. تارا کڻي ڪڍيائين. ڪو ٿو چوي ڀاڻ جا ڍير ٻاهر ڪڍو. ڪو مڇرن مار دوا واري کي وٺي اچي مٿان ٿو بيهي. هڪ ٻيو همراه: اڃا ته بيهو. اِهي وات ڳاڙها اسان کي ويهڻ به ڪونه ڏيندا. راوي: ڇوڪرا چاهين ٿا ته سندن ڳوٺڙو صاف سٿرو ۽ گهر اڇا اجرا هجن. ڀاڻ جا ڍير گهرن کان پري هجن. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪو چڱو بندوبست هجي. ته ڇا! هو خراب ٿا سوچين؟ يقيناً اهي چڱيون ڳالهيون آهن. اِهي قدم انسانيت ۽ ڪاميابيءَ ڏانهن وڃن ٿا. ويچارا ڳوٺاڻا پوڙها، پيڙيل، پراڻين رسمن جا غلام. هيڻا، هيسيل، وڏيرن جي وڪڙن ۾ ورتل. نقلي مرشدن ۽ مُلن جا ماريل. هنن کي ڪهڙو پتو ته وقت جو آواز ڇا آهي. بهرحال ڇوڪرن جي عزم ۾ ڪا ڪمي نه هئي. پڙهندا رهيا. سندن جذبا ٺريا ڪونه. ويتر جو جادل جو پٽ ڪلارڪ ۽ ڪمن جو پٽ تپيدار ٿيو ته باقي ٻيا ڇوڪرا به جل ڦٽاڪا ٿي پيا. ڏيک چوٿون مختيار ڪار جي آفيس... کاتيدارن ۽ حاجتمندن جا ٽولا... تپيدارن جو هال... وڏيون پيتيون... ڪوٽوارن جي ڀڄ ڊڪ... نائڪ جون رڙيون... ڪلارن جو ڪمرو.. ٽائيپ جي ٽِڙِڪ ٽِڙِڪ... ڪاغذن جا سُرڪا. رفيق: بشير، ڳالهه ته ٻڌ يار! تنهنجي ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟ اسان کي ته اهو پتو ڪونهي... بشير: (ٽائيپ رائٽر تان هٿ کڻندي) اڙي دوست! اهو قصو ته مزيدار آهي. دراصل منهنجي ڪکائين ڳوٺ جو ڪو نالو ڪونه هو. اسان جا وڏڙا پٺيءَ اگهاڙا سڄو ڏينهن پيا جهنگن ۽ پوکن ۾ سڙندا هئا. ڍور ڍڳا کڻي هوندا هئن، ڏڌ مکڻ ۽ کير جا ڍَوَ ته هئا پر ماڻهو ويچارڙا جانورن جهڙي زندگي گذاريندا هئا. گهرن جي ٻاهران ڍنگهرن جا لوڙها ڏنل هوندا هوا. رات جو ڪتن جي ڀؤنڪن بنا ٻيو ڪجھ نه هوندو هو. رفيق: ها پوءِ؟ بشير: پوءِ اسان مان ڪن ننڍڙن کي استاد مير محمد پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. اسان پوءِ روزانو ٻه ميل پنڌ ڪري ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا هئاسين. الله مالڪ آهي. اسانجون ڪوششون اجايون نه ويون. هاڻي ته ڏهه پندرهن کن سرڪاري ملازم آهيون. ڪو تعليم کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ آهي ته ڪو بئنڪ جو مئنيجر. ماستر ۽ پوليس سپاهي به گهڻا آهن. پنهنجي ڳوٺ جو نالو اسان ”نورپور“ رکيو آهي. راوي: جي ها، نورپور. وڏڙن ڪيترو به ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪئي؛ مگر ننڍڙن پنهنجي مرضي نه ڇڏي. هو علم جي روشنيءَ لاءِ هٿن ۾ خالي ڏيئا جهلي پنهنجو قدم اڳتي کڻندا رهيا. ٻارهن کن ورهين ۾ هنن پنهنجيون زندگيون جرڪائي ڇڏيون. وهمن ۽ وسوسن کان هيءَ ننڍڙي بستي الڳ ٿي وئي. هاڻي هتي علم ۽ عقل جي روشني آهي. جتي گند ڪچري جا ڍڳ هئا اتي اڄ سهڻيون ۽ صاف ڳليون آهن. پرائمري اسڪول جي سهڻي جاءِ سان گڏ گورنمينٽ مڊل اسڪول جي بلڊنگ کڙي آهي. اڳئين وقت جا گهڻا جذا جيءَ ته راهي بعدم ٿي ويا آهن. مگر گهڻا ڪي زنده به آهن، مگر اڳي وانگر ميرا ۽ گدلا نه آهن. ڏيک پنجون نورپور جي مٿان بجليءَ جي جڳمڳاهٽ...... پڪيون ۽ پختيون خوبصورت عمارتون... مڊل اسڪول جو کليل اڱڻ... اسٽيج ڪنوار جيان سينگاريل... سامعين جو انداز چار سئو کن... صدارت جي ڪرسيءَ تي 75 ساله پيرسن چاچو خميسو... وقت ڏهه بجه رات... موسوم هاڙه....... مقرر: ڀائرو! اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، اسان جو هي ڳوٺ ڪنهن ڳوٺ سڏائڻ جي قابل به نه هو. هتي ڀاڻ جا ڍير، لوڙها ۽ لانڍيون هيون، ٻيو ڇا هو؟ گهرن ۾ ٻن کٽولن، ڪجھ رلهين، ڪاٺ جي صندوق، ٺڪر جي ٿانون ۽ ٽم ٽمائيندڙ ڏيئن بنا ٻيو اسان وٽ ڪهڙو اثاثو هو؟ اڄ هن ڳوٺ جي حالت ٻي آهي. دنيا ڏٺو اسان نوجوانن جي عزم استقلال ۽ تنظيم رڳو پندرهن ورهين ۾ ئي ڪيئن نه پنهنجي هن ڳوٺ جي صورت بدلائي ڇڏي. اسان جو ڳوٺ هاڻي هڪ مثالي ڳوٺ بڻجي ويو آهي. ٻن سَون کن ماڻهن جي هيءَ بستي ٻن هزارن تي وڌي چڪي آهي. انشاء الله! مڊل اسڪول کي جلد هاءِ اسڪول جو درجو ملي ويندو. (تاڙين جا ڦهڪا) پاڻيءَ جي نالين کي درست ڪرڻ ۽ گهٽين ۾ فرش هڻن لاءِ وڏي رقم منظور ٿي چڪي آهي... (تاڙين جا ڦهڪا) سيٺ حاجي احمد خان جامع مسجد جي تعمير لاءِ ويهه هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. (تاڙين جا ڦهڪا) راوي: سياڻن سچ چيو آهي ته علم انسانن جي ٽين اک آهي. علم جي فضيلت ۽ برڪت کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو؟ ”نورپور“ جو اڄوڪو ڳوٺ ڪن نوجوانن جي همت جرئت ۽ جفاڪشيءَ جو شاندار نتيجو آهي. هاڻي هي شهر علم جو مرڪز سڏيو پيو وڃي. هي شهر اهڙا اديب ۽ شاعر به پيدا ڪري رهيو آهي جن جو سنڌ ۾ چڱو ناماچار آهي. هتان جا ماڻهو تاجر ۽ تعليم سان وابسته رهي گهڻو اڳتي ويا آهن. اهو سڀ ڪجھ مستقل مزاجي ۽ محنت جو سهڻو ثمر آهي
بيشڪ ادا علم ئي ترقي ۽ بلندي تائين پهچائي ٿو ، علم اونداهين کان ڪڍي سوجهري ۾ آڻي ٿو ، مگر علم عمل کانسوا ڪجھ به ناهي