معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
شهمير سومرو ۽ سندس شاعري
هي منهنجي انهن دوستن مان آهي، جن کي آئون اڃا تائين وساري ناهيان سگهيو، جيتوڻيڪ شهمير سان نه ملئي پندرنهن ورهيه وهامي چڪا آهن هڪ لڱا هن جو چهرو منهنجي ذهن جي ڦرهي تان ڌنڌلو ٿي ويو هو پو ٻي ويري فيس بڪ تي هن سان مکا ميلو ٿيو، جيڪو ڏوراپن سان شروع ٿيو۔ هي هر صبح جو منهنجي پياري ڪوي دوست سعيد ميمڻ جيان مون کي ”صبح جو سلام“ ڪندو آهي، موبائل فون ذريعي ايس ايم ايس ۾۔هي ڊزائين واري شاعري هن جي آهي ۽ پاڻ سوڌي سينگاري اسڪيچ رکي ٺاهي اٿس۔شهمير جنهن کي آئون شاهه مير سڏيندو هان، پوليس کاتي ۾ ملازم آهي، هن وقت لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي آفيس ۾ ڊيوٽي ڪري ٿو۔اصل باقراڻي ڀرسان ڳوٺ سيد بچل شاهه جو رهواسي آهي، هن جي ڳوٺ ڀرسان هڪ وڏي درگاهه آهي جتي اڄ به سنڌي سماج جا پسمانده ذهن پنهنجي محرومين ماريل مائٽن جو علاج ڪرائڻ اچن ٿا، جتي سماج جي انهن گم نام باغي ڪردارن کي چريو چئي مٿو ڪوڙي ٽڪڻ تي ڏنڀ ڏنا ويندا آهن ۽ سنگهر سان وڻ ۾ سوگهو ڪري ٻڌو ويندو آهي۔ان درگاهه جو نالو به ”بچل شاهه“ سان منسوب آهي۔بچل شاهه ميان وال تحريڪ جو گم نام سنڌي سينا هو پر وقت جي رهزنن ۽ ڌنڌوڙين هن کي ميان شاهل محمد ۽ شاهه بهاري جيان ”پير“ ڪري ڪمائي جو ذريعو بڻائي لوڪ کي گمراهه ڪيو آهي۔ڳچ سال اڳ مون هن درگاهه تي ٿيندڙ انساني حقن جي پائمالي ۽ اذيتن تي اسٽوري ڪئي هئي ان دوران انيڪ انڪشاف مون آڏو عيان ٿيا هئا۔جيڪڏهن نگهت ۽ تبسم بيمار نه ٿين ها ته شايد مون کي اها خبر ئي نه پوي ها ته بچل شاهه درگاهه تي ڇا وهي واپري پيو۔نگهت لياري جي ڪلري واري علائقي جي رهواسڻ هئي جيڪا ٻه سال اڳ ستاويهن سالن جي عمر ۾ فوت ٿي، تبسم سکر جي سنگرار واري علائقي جي رهواسڻ ۽ ذات جي شنباڻي هئي۔نگهت ڪراچي ۾ علاج ڪرايو پر ڀوپن جي ڦند ڦير ۾ هن جي مسڪين ما اچي وئي ۽ هن کي کڻائي لاڙڪاڻي ڀرسان شاهه مير سومري جي ڳوٺ وٽ واقع هن درگاهه تي آندو، جتي نگهت جو مٿو ڪوڙي لوهه جي سيخ لال ڪري ڏنڀ ڏنا ويا، جيتوڻيڪ نگهت هسٽريا جي مريض هئي پر درگاهه جي ڌنڌوڙين نگهت کي بنهه چريو ڪري هن جي مڙني خوابن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو ۽ ايئن تبسم سان به ساڳئي ڪار ٿي تبسم بابت خبر ناهيم ته اها جيئري آهي به يا نه؟ مون کي هن درگاهه تي ٿيندڙ اڄ به انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ان ڪري حيرت ٿيندي آهي جو لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ سجاڳ ذهن وارا ماڻهو ماٺ آهن ڀان هنن چُپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي هنن جي اها خاموشي مصلحت آهي يا بي وسي يا وري بي حسي۔ ان تي آئون وڌيڪ نه ٿو اپٽاريان
مون کي شاهه مير بابت ٻڌائڻو هو پر آئون الائجي ڪيڏانهن نڪريو ويس اوهان منهنجي هن ونڊ (شاهه مير جي شاعري )کي ڪيئن ڀانئيو ٿا ان بابت را ضرور ڏيو۔(معصوم)
1604 اٽيچمينٽ ڏسو1605 اٽيچمينٽ ڏسو1606 اٽيچمينٽ ڏسو1607 اٽيچمينٽ ڏسو1609 اٽيچمينٽ ڏسو1610 اٽيچمينٽ ڏسو