فورم تي موجُود سڀني سنڌي ڀائرن کي راشد قريشي جو سِڪ ڀريو سلام۔ سائين مان دادو ضلعي جي شهر پيارو اسٽيشن جو رهواسي آهيان، منهنجي عُمر تقريبا 18 سال آهي، سِول اِنجنيِئرنگ ۾ ڊِپلوما جو آخري سال اٿم، ٿوري گهڻي شاعري بهِ ڪندو آهيان، اُميد آهي ته اوهان سَڄڻ منهجي حوصلا افزائي ڪندا۔ اسلام اعليڪم۔sindhsalamatsaathsal
ادا راشد قريشي صاحب، جي آيا ڀلي آيا ... سنڌ سلامت جي اڱڻ ته اوهان جهڙا نوجوان ڏسي اصل دل باغ بهار ٿيو پوي ... اسين سنڌ سلامت جا دوست سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ ويٺا رنڊا روڙيون ... اوهان پنهنجي شاعري ضرور پڙهائجو ... هينئن سان هنڊائبي ۽ اسانجي اڱڻ جو مور شاعر سائين محترم نثار ناز پڻ موجود آهي جو اوهانجي شاعريءَ جي تورتڪ ڪري سگهندو ... اسين ته بس اوهانجي فڪري اڏام کي ئي جاچي ۽ پرکي سگهنداسون ... خوب مچندي ڪچهري جڏهن ويهندا چريا چار ... هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ... shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ادا راشد توهان کي سنڌ جي پيار ۽ قرب ڀري آنلائين اوطاق تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ توهان کي هن سنڌي فورم تي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، ٻيو ته اميد آهي ته توهان جي نئين نڪور شاعري اسان کي جلد ئي پڙهڻ لاءِ ملندي ۽ توهان اهو ته ڪونه ڏسيو ته ڪهڙي يونورسٽي يا ڪاليج مان ڊپلوما ڪيو پيا۔۔؟
آخرڪار توهان کي فورم تي تحرير موڪلڻ يا وري جواب ڏيڻ اچي ويو ۔۔۔ نه ته توهان جي نالي جي سامهون توهان جي رجسٽريشن جي تاريخ مئي 2009 آهي۔۔۔۔ بحرحال دير آيد درست آيد۔۔۔ دوستو راشد قريشي منهنجو شاگرد آهي ۔۔۔ مون کيس هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهايو هو۔۔۔ فنونِ لطيفا سان دلچسپي رکڻ سان گڏو گڏ ننڍڙي عمر ۾ ئي سنجيده طبيعت جو مالڪ آهي۔۔۔ اسڪول ۾ تقريرن جو مقابلو هجي يا تعليمي مقابلو هميشه انعام سندس جي جهولي ۾ رهيو آهي۔۔۔ سندس اردو ۽ انگريزي شاعري لکڻ بابت ته پهريان ٻڌو هيم پر سنڌي شاعري اڄ پڙهن جو اتفاق ٿيو۔۔۔ مون کي يقين آهي ته اسڪول وانگر سنڌي سلامت فورم تي به پنهنجي حاضري کي 100 فيصد رکندو۔۔
Bhaira bhali kre aien. Ijho kujh dost puhta jeke twhan jo suwagat piryan je shahar, gulan je goth. Piryaloi maan haji'a ware baag maan gulaab choonde twhan je agyan rkhnda. Baqi asaaan ghrib twhaan khe chha tha daee saghun. Bus koshsh knda ahyun ta otaq te ayal otaqi bus asaan otaqyun saan gad hite ee huje, par khair har kahn khe gaah lapo bhi ta krino ahe, so kujh dost aarzi taur te alwida kre wenda ahin, umeed ta twhaan unhan maan na hunda....