سرمد جي ياد ۾

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

    [​IMG]

    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مڪي پاڪ ۾ رهندڙ سنڌ ۽ سنڌيت جي ديواني نوجوان سليم رند پنهنجي رنداڻي انداز ۾ چيو ته؛ ” سرمد جي ياد ۾ هڪ ڪچهري رکون ۽ سنگت کي به ڪوٺ ڏئي گهرايون“. مون سوچيو ته اهو سنگت سان ملڻ جو هڪ سٺو بهانو آهي، مون کيس همٿ ٻڌائي ۽ پوءِ سليم جهڙو ڳالهه جو تهڙو عمل جو پڪو ...

    بس پوءِ؛

    دل جــــي پرشوق دلاســـن تــي هليا آياسون،
    سونهــن وارن جي سلامن تـــي هليا آياسون،
    ڪنهن شهنشاه جو فرمان اسان تي نه هليو،
    نينهــــن وارن جـــــي نياپـــن تي هليا آياسون.

    مخصوص ۽ چونڊ دوست؛ جده ۾ رهندڙ اسانجا معتبر دوست نظر پياسي، صغير جتوئي، اعجاز علي ڪٽپر ۽ لال خان رند اچي سهڙيا ... مڪي پاڪ مان سليم رند ۽ اسانجي پياري دوست ۽ سهڻي شاعر جمن جماليءَ ميزبانيءَ جا فرض ادا ڪيا ... ۽ اسانجي بزرگ بگٽيءَ پڻ اسانجو ساٿ نڀايو

    بس پوءِ ڀاڪرن سان شروع ٿيل اها ڪچهري، جيئن رات ٿڌي تيئن محفل تتي ... سنڌي گيت، غزل، دوهيڙا، ساز ۽ آواز سان گڏ سنڌ جون يادون، سنڌ جون بهارون، سنڌ جون ڳالهيون .... بس سچ پڇو ته بيمار دل به جيئري ٿي پئي.

    سڀني دوستن پنهنجا گيت گنگائي ٻڌايا ... ادبي ٽيڪاٽپڻي سان گڏ عربي قهوه ۽ کارڪون به هلنديون رهيون ... بادام ۽ مغز منهن مٺو ڪندا رهيا ... ۽ محفل جي ميزبان جمن جماليءَ جي حقي جي گڙگڙ به سازن سان سر ٿي ملايا ....

    دوست سليم رند مطعم ترڪيءَ جي کاڌي جي ذائقي چکائڻ جو بندوبست ڪيو هو ۽ پوءِ بس اسان مهمانن به ميزبان جو قدر ڪندي اوڳرايون خوب ڏنيون ... ڇاڪاڻ چوندا آهن ته کائي به ويا ۽ اوڳرايون به ڏنائون ...

    هر محفل جي وقت آخر ختم ٿيو وڃي ۽ اهو ئي ٿيو جڏهن رات جو ٻيو پهر ٿيو ته سنگت موڪلايو .... موڪلاڻيون ته ظاهري ٿيون پر اڃان تائين اها گڏجاڻي ذهن ۾ تازي ۽ تواني، جاري و ساري آهي ...

    سنگت سدا سلامت رهي ... پرديس ۾ ديس جا مزا وٺندي رهي ۽ محبت جا جهان قائم ٿيندا رهن ...

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام بهترين ، سائين اهي اوهانجي زندگي جا خوبصورت لمحا هئا ، سڀني سهڻن کي اسانجو سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان دوستن کي جس هجي جن پرڏيهه ۾ رهندي به پنهنجي سنڌي هيروز جي ياد ۾ پروگرام ڪيو ۽ ڪچهري ڪئي۔ دوست سليم رند اهي فوٽو ۽ وڊيوز فيسبوڪ تي به موڪليون هيون۔ ٺيٺ سنڌي موسيقي جي محفل ۽ اها به عربستان ۾ يقينن اوهان کي سنڌ جي ياد تازي ڪرائي هوندي۔

    سدا سلامت رهو۔
     
  4. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    سنگت ڀل ڪٿي به هجي پر هميشا دل ۾ آهي ۽ رب پاڪ سڀن کي خوش رکي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو