زاهد سومرو
سينيئر رڪن
غزل
جنهن يار کان وڇڙي پيار وڃي، تنهن يار جي حالت ڇا هوندي،
جي باغ منجهان مالهي نڪري، گلزار جي حالت ڇا هوندي!
گڏ تنهنجي هوندي هوش نه هو، اڄ ڌار جي حالت ڇاهوندي،
ڇو سوچيئه ڪون ڪڏهن پيارا، بيمار جي حالت ڇاهوندي!
ڪو اڌ ڪهاڻي مس لکي، ۽ ڪلڪ ڀڄي يا مَسُ کُٽي،
۽ آڌي رات هجي ته ڪهاڻيڪار جي حالت ڇا هوندي!
جنهن پئسو پئسو گڏ ڪيو، ۽ نيٺ ڳِڌو ڪو رانديڪو،
سو عيد ڏهاڙي ٽول ڀڄي، تنهن ٻار جي حالت ڇا هوندي!
جن بنجي سخي سر ٿي گهوريا، ڪن سرن بچائڻ جا سعيا،
ڏاتار جي حالت آهه بُري، نادرا جي حالت ڇا هوندي!
هو ويجهو اچڻ لئه ونگ وجهي، ويجهو ٿو وڃان ٿو ڏنگ هڻي،
جت پيار به بخشي پُور اتي، تڪرار جي حالت ڇا هوندي!
ڪج شور نه شعر ٻڌڻ کان پو، ڏس راشد جي دل جا ٽڪرا،
دل زار جي حالت هيءَ آهي، اشعار جي حالت ڇا هوندي!