مان بهِ شاعر آهيان،،،،،،، شايد؟؟؟؟

'سنڌي شاعري' فورم ۾ راشد قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2009۔

  1. راشد قريشي

    راشد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2009
    تحريرون:
    182
    ورتل پسنديدگيون:
    389
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    آفس ايگزيڪٽو
    ماڳ:
    dadu
    منهجِي وفا جو توکي، چنڊ تارا ثبُوت ڏيندا
    موسم کان پُڇي ڏِسجان، هيِ نظارا ثبُوت ڏيندا
    منهِجو عشق توسان ڇا هو، ڇا هُئي تنهجي جُدائي
    درياء ثُبوت ڏيندو، ڪِنارا ثُبوت ڏيندا
    تون سُورَ ڏَئي هليو وئين، تو لئ گهُريم دُعائون
    اِن ڳاله جو ته مسجِد، مِنارا ثُبوت ڏيندا
    پنهجي وفا جو توکي، ڪهڙو ثُبوت ڏيان مان
    توکي ته يار تُهنجا ئي پيارا، ثُبوت ڏيندا۔

    دراصل مان بُنيادي طور تي ته اُردو شاعر آهيان پر هن فورم جي مُنتظمِ اعليٰ اُردو لکڻيوُن موڪلڻ جي اِجازت ناهي ڏِني. اِن ڪري سِنڌي لِکڻي پئي. نئون شاعر آهيان، اِن ڪري سخت ڪمينٽس نه ڏِجو پليز۔ ۔ ۔ ۔ ۔sadayeen gud
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن هي شاعري توهان جي آهي ته پوءِ شايد نه پر يقينن توهان شاعر آهيو۔۔۔ توهان جي شاعري جون ڳاڙهو ڪيل سٽون سٺيون لڳيون۔۔۔ توهان کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ سلامت فورم تي قابل شاعر پڻ موجود آهن جن ۾ محترم نثار ناز، ادا رنجيت، مگسي ۽ ادا رياض ۔۔۔ جيڪي توهان جي شاعري جي اصلاح ڪرڻ کان سواءِ توهان کي مفيد مشورا ڏيندا جنهن تي عمل ڪندي توهان پنهنجي سنڌي شاعري ۾ اهڙا رنگ لڳائڻ سکندو جو اڙدو شاعري ڪرڻ وسرڻ لڳندي۔۔۔
    اميد ته هي فورم توهان کي پسند آيو هوندو۔۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا راشد ھي شاعري ته بهترين آهي، اسان جي فورم جا سينيئر ميمبر سائين نثار ناز صاحب اوهان جي لکيل شاعري تي وڌيڪ تفصيل وجهندا پر منهنجي نظر ۾ هي شاعري توهان جي دل جي ترجماني ٿي ڪري۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا، شروعاتي سنڌي شاعري ۽ اها به ايتري سهڻي، ڀل کڻي ڪجه حرفي يا تورتڪ جون غلطيون هجن يا نه پر خيال انتهائي سهڻا ۽ دل کي ڌڙڪائڻ وارا آهن ... وري اوهانجي عمر کي ڏسجي ۽ اوهانجي عشقيه پيغام کي جنهن جهر جهنگ واسي ڇڏيا آهن ....

    واه ادا واه .... گودڙيءَ ۾ لعل لڪائي پيا هلو ...
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    لکن جي ڳالهه ڪئي توهان ته اسان جي سنڌ جي هر گهٽي ۽ هر مڪان ادا راشد قريشيءَ جهڙن هيرن ۽ لعلن سان ڀري پئي آهي۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن کانپوءِ اهڙي ذو معنى شاعري پڙهن لاءِ ملي تمام گهڻي مهرباني ادا راشد قريشي جو اسان جي هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري آيا...........
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ڪوشش آهي ادا راشد علي

    اهڙي ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو