رب پاڪ جون نعمتون ۽ اسان جو شڪر...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    هڪ شخص بهتر گهر خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو پهريون گهر کپائڻ جو فيصلو ڪري ورتو۔۔۔ ان مقصد لاءِ هو پنهنجي ڪنهن اهڙي دوست وٽ پهتو۔۔ جيڪو جائداد جي خريد و فروخت جو ماهر هو۔۔۔
    شخص پنهنجي ان دوست کي گهر کپائڻ لاءِ ڪو اشتهار ٺاهڻ جو چيو۔۔ سندس دوست سندس گهر کي چڱي ريت ڄاڻندو هو۔۔ هن اشتهار ۾ گهر جي محل وقوع، رقبو، ڊيزائين، تعميراتي مودا، باغيچو، سوئمنگ پول سمت هر خوبي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو۔۔ تحرير مڪمل ٿيڻ تي دوست ان شخص کي اشتهار پڙهي ٻڌايو۔۔
    ان شخص اشتهار کي غور سان ٻڌو ۽ پنهنجي دوست کي هڪ دفعو ٻيهر پڙهڻ لاءِ چيو۔۔۔ دوست هڪ دفعو ٻيهر جڏهن اشتهار کي پڙهي ٻڌايو ته اهو شخص تقريبن رڙ ڪندي وراڻيو۔۔۔ ”ڇا مان اهڙي شاندار گهر ۾ رهندو آهيان۔۔۔ ؟ ۽ مان آهيان جو سڄي زندگي اهڙي گهر جا خواب ڏسندو رهيو آهيان۔۔ جنهن ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هجن۔۔۔ پر اهو ڪڏهن خيال ئي نه آيو ته مان اهڙي گهر ۾ رهان پيو جنهن ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهين۔۔ مهرباني ڪري اهو اشتهار ضايع ڪري ڇڏ۔۔۔ مون کي گهر کپائڻو ئي ناهي۔۔۔۔

    *********​
    ترسو دوستو منهنجي ڳالهه اڃان ختم نه ٿي آهي۔۔۔ هڪ پراڻي چوڻي آهي ته الله تعالى جيڪي نعمتون توهان کي ڏنيون آهين انهن کي هڪ ڪاغذ تي لکڻ شروع ڪريو ۔۔۔ يقينن ان لکائي کان پوءِ توهان جي زندگي وڌيڪ خوش ۽ خرم ٿي ويندي۔۔
    اصل ۾ اسان رب پاڪ جو شڪر ڪرڻ ئي وساري ويٺا آهيون۔۔۔ ڇو ته جيڪي برڪتون ۽ نعمتون اسان مٿان جاري آهين۔۔۔ انهن کي اسان ڳڻڻ ئي نه ٿا چاهيون۔۔۔ اسان ته بس پنهنجيون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون پريشانيون ۽ ڪوتاهيون ڏسون پيا۔۔۔ ۽ برڪتن ۽ نعمتن کي وساري ڇڏيو آهي۔۔
    ڪنهن سچ چيو آهي ته : اسان شڪايت ڪندا آهيون ته الله تعالى گلن جي هيٺان ڪنڊا رکيا آهن۔۔۔ جڏهن ته ٿيڻ اهو گهرجي ته اسان رب پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چئون ته ان ڪنڊن جي مٿان به گل پيدا ڪيا آهن۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    توهان جي ڳالھ درست آهي مان ان کان انڪار ته نه ڪندم پر، اتي ئي جي اسان پنهنجي چوگرد ڏسو ۽ پاڻ کي ٻين کان
    وڌيڪ ٻين کي سمجهون انهن کان پاڻ کي گهٽ به سمجهو ٿا، ۽ اسان وٽ اهي به پنا ڀرجي سگهن ٿاجيڪي شيون اسان وٽ نه آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جو جملو توڙي جو ايترو واضح لکيل ناهي پر مون کي لڳو ته توهان ڪجهه هن تصوير وانگر چوڻ ٿا چاهيو۔۔۔

    [​IMG]
    ڏسو ۔۔۔ اسان هميشه شين کي ائين ڏسندا آهيون۔۔۔ جيئن هو نظر نه اينديون آهن۔۔۔ پر جيڪڏهن حقيقت جي گهرائي کي ڏسجي ته نقصان ڏيندڙ شين ۾ به پنهنجي لاءِ فائدو ڳولي سگهجي ٿو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو