هڪ دفعي مون هڪ خواب ڏٺو.... خواب ۾ مون هڪ فرشتي کي ڏٺو...
کيس مون چيو ته “ڇا توهان وٽ ڪجهه وقت آهي...؟ مان دراصل سنڌ سلامت لاءِ توهان کان انٽرويو ڪرڻ گهران ٿو...”
فرشتي مسڪرايو ۽ جواب ڏنو ... “مون وٽ وقت تنهنجي سوال جي نوعيت تي آهي.... تنهنجي ذهن ۾ ڪهڙو سوال آهي... ؟”
مون پڇيو.... “توهان کي انسانذات ۾ ڪهڙي حيران ڪن ڳالهه لڳي...؟”
فرشتي جواب ڏنو...
“هو ٻالڪپڻ مان تنگ ٿيندا آهن ۽ جلد وڏو ٿيڻ چاهيندا آهن.... ۽ بعد ۾ ٻيهر ٻالڪپڻ ڏانهن موٽڻ گهرندا آهن....”
“هو دولت گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجي صحت وڃائي ڇڏيندا آهن.... ۽ وري ساڳي صحت کي حاصل ڪرڻ لاءِ دولت وڃائيندا آهن....”
“هو مستقبل بابت تمام گهڻو فڪرمند هوندا آهن .... ايسيتائين جو پنهنجو حال به وساري ويهندا آهن.... اهڙي طرح هو نه حال ۾ رهي سگهندا آهن ۽ نه وري مستقبل ۾ .... ”
“هو اهڙي طرح رهندا آهن جهڙوڪ انهن کي مرڻو ئي نه آهي .... ۽ وري مرڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي جهڙوڪ دنيا ۾ رهيا ئي نه هجن....”
اچانڪ زور زور سان سجاڳي جو گهنڊ وڳو ۽ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيم... مون پنهنجيون اکيون کوليون۔۔۔۔ الارم کي بند ڪيم ۽ گهڙي پل لاءِ گهري سوچ ۾ گم ٿي ويم....