مگسي
سينيئر رڪن
ساز کي تار کان جدا نه ڪجي
گل کي خار کان جدا نه ڪجي
ساري ڌرتيءَ مٿان لهو هاري
سونهن سنسار کان جدا نه ڪجي
نفرتون ڌار ڪجن جيون کان
زندگي پيار کان جدا نه ڪجي
ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇو جدا آهي؟
مٽي هٻڪار کان جدا نه ڪجي
ڏکَ جي فلسفي کي ڪو سمجھي
لڙڪَ کي لارَ کان جدا نه ڪجي
بس خيالن ۾ سمائي ڇڏجي
دل کي دلدار کان جدا نه ڪجي
عشق جي ڌن ۾ ٿي ويو آ غرق
يار کي يار کان جدا نه ڪجي
اڄ به منصور کپي ڪو دانش
سچ کي دار کان جدا نه ڪجي