سائين توهان جي موڪليل تصوير نمبر هڪ ۽ چار ۾ هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن جي لاءِ ائين چئجي ته سندس نالو هن ڌرتي تي موجود ساڍا ڇهه عرب ماڻهون ڄاڻندا ئي هوندا۔۔۔
مدر ٽريسا 1930 ۾ ٽيچر بڻجي هندستان آئي هئي ۽ 1948 ۾ ڪلڪته ۾ هن اداري جو بنياد وڌو ۔۔
هن دنيا ۾ خوشي جو هڪ نئون تصور ڏنو هو ۔۔ هن جو چوڻ هو ته خوشي هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جي خدمت ڪري ئي ملندو آهي۔۔ انسان کي روئندڙ ۽ رڙيون ڪندڙ ڪنهن ڇوري ڇني ٻار جي مٿي تي هٿ رکي جيڪا خوشي ملندي آهي ان جو ڪو به مَٽ نه آهي۔۔
ڪنهن بکايل کي ماني کارائڻ۔۔۔ ڪنهن بي سهارا عورت جي مٿي تي چادر رکڻ۔۔۔ ڪنهن معزور جو سهارو بڻجڻ۔۔۔ ڪنهن انڌي جي لٺ بڻجڻ ۔۔۔ ڪنهن يتيم جو رانديڪو بڻجڻ۔۔۔ ڪنهن غريب ٻار جو استاد بڻجڻ ۔۔۔ ڪنهن زخمي جي زخم تي دوا لڳائڻ۔۔۔ ڪنهن بي سهارا پوڙهن جو سهارو بڻجڻ سان جيڪو خوشي جو مزو ۽ ذائقو ملندو آهي اهو دنيا جي هر نعمت کان اونچو هوندو آهي۔۔