• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مٺو ها يا ڪڙو پر عشق جو آواز پئي گونجيو،

عرس پريو

سينيئر رڪن
مٺو ها يا ڪڙو پر عشق جو آواز پئي گونجيو،
لنگهيو ٿي چيٽ ڳائيندي، ڪندي ڪوڪون ڪتي گذري.


گواهه آهن ٻِٽا ڀاڪر، ڊگها بوسا جوان وِڄ جا،
وهي منهنجي ڇهي شعلا، شرارن کي چُمي گذري.


جڏهن تنهنجون ملاقتون به ٿي ڪاتيون کُتيون اک ۾،
تڏهن عيدن جي ڏينهن تي به ٿي ويڌن وڏي گذري.


بخاري، زندگي محبوب آ هڪ هڪ ادا هنجي،
ڪڏهن سهڻي سُکي گذري ڪڏهن ڏاڍي ڏکي گذري.
1615 اٽيچمينٽ ڏسو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top