ڇا ڪراچيءَ ۾ صرف شاهه زيب ئي قتل ٿيو آهي!؟

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڇا ڪراچيءَ ۾ صرف شاهه زيب ئي قتل ٿيو آهي!؟
    1617 اٽيچمينٽ ڏسو 1617 اٽيچمينٽ ڏسو
    هي ملڪ جنهن جو بنياد بي ايمانيءَ تي ٻڌل آهي ۽ هتان جو قانون مولانا آزاد موجب:مڇر ته ان ۾ ڦاسي سگهي ٿو پر ڏاند نه!
    بنهه ايئن ئي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به تعصب جي بنياد تي هڪ سنڌي صنعت ڪار جي پويان هٿ ڌوئي پيو آهي
    اهو چيف جسٽس جنهن کي سرعام 18 ڊسمبر 2012ع تي ڪراچي ۾ گاريون ۽ ڀونڊا ڏئي عدليه کي اکيون ڏيکاريون ويون
    اهو چيف جسٽس جنهن جي سواگت لاءِ ارباب رحيم جي سرڪار واري سمي 12 مئي تي ڪيس ڪيو ويو!
    اهو چيف جسٽس جنهن کي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪمون شهيد تائين مرندڙ ماڻهو نظر ئي نه ٿا اچن. اهو هڪ پوليس آفيسر جي پٽ جي خون جو نوٽيس وٺي سنڌي صنعت ڪار جي خاندان کي مهڻي هاب بڻائي رهيو آهي.
    ان چيف جسٽس جي ٻولڙي ۽ لاٺڙي نام نهاد اردو ميڊيا مرليون وڄائي سنڌين جي تذليل ڪرڻ لاءِ رهيل ڪسر پوري ڪري ورتي آهي.
    اها نام نهاد ميڊيا جنهن جو محور ئي سنڌ دشمني ۽ سنڌين سان وير پاڙڻ تي آهي، ان کي ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ ڌر جو نالو کڻن لاءِ وات ۾ مُڱ پيل آهن ۽ شاهه رخ جتوئي جي لاءِ ڏينهن رات ميڊيائي مرليون وڄائي ڄڻ ته ثابت ڪرڻ گهري ٿي ته سنڌي سڀئي ذليل قاتل ۽ ڌاڙيل آهن
    ڀلا! ٿوري گهڙي لاءِ اهو ويچارجي ته مارجي ويل شاهه زيب واقعي به مظلوم هو؟
    ڇا اها مظلومي هئي جو ڊفينس ۾ مساج سينٽرن تي ”مهانگو گوشت“ کائڻ جي ڪوڊ سان هن ڪيترين ”آنٽين“ کي سينو تاڻي ”گهوڙو“ ڏيکاريو.
    ڊفينس جتي سماجي غلاظتون ججهي مقدار ۾ آهن اتي ڊي ايس پي جي پٽ جا ڪارناما ڇا ان نام ميڊيا کي نظر نه ٿا اچن؟
    پراون گهرن ۾ گهڙي يا گهرن ٻاهران واڪ ڪندڙ زميندارن جي ڌيئرن ۽ ننهرن کي اکين جي ميش ڏيندڙ مظلوم آهي؟
    ڇا ڊانس ڪلبن ۾ وڃي دنگو ڪرڻ ۽ شراب پي ڊفينس ۾ اڌ رات جو گوڙ ڪرڻ ۽ چوسول تي تعينات پوليس اهلڪار کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندڙ مظلوم ٿي سگهي ٿو!”
    مڃيوسين شاهه زيب مارجي ويو، هن جو يا ڪنهن به انسان جو خون سنگين ڏوهه آهي پر ان ڏوهه جي پاداش ۾ هڪ فرد سان سلهاڙيل ٻيا ماڻهو ڇو ٿاڻن تي ۽ ٽي وي چئنلز تي ذليل خوار ٿين.
    چيف جسٽس يا ان کي لاڳيتو اکيون ڏيکاريندڙ ايم ڪيو ايم جي اصرار تي هن ڪيس کي هروڀرو هاءِ پرفائل ڪرڻ سراسر بدديانتي آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جون سڀ ڳالهيون وزنائتيون ۔۔۔۔ پر پوء به هڪ ڳالهه آهي ته بيگناهه قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن کي جيڪڏهن ڪا سزا اچي ٿي يا ان کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ان تي ارهو نه ٿيڻ گهرجي۔ هڪ ٻي ڳالهه ته ڇا لاڳاپيل سنڌي صنعتڪار سنڌ سان سچو آهي؟ هن سنڌ جي نوجوانن لاء ڪجهه ڪيو آهي؟ جيڪڏهن جواب نفي ۾ اچي ته پوء اهڙو ڏوهاري کڻي ڪهڙي به ذات، قوم يا ٻولي وارو هجي منهنجي نظر ۾ اهو قاتل ۽ مجرم آهي۔

    باقي اوهان جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته سنڌ جي ڪيئي نوجوانن کي سر عام قتل ڪيو ويو آهي ان جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٿيندو ائين آهي ته انصاف سڀن لا ۔۔۔ پر جيڪڏهن انصاف جا دروازا صرف هڪ ٽولي لا يا عدالتن جي نظر صرف ڪنهن هڪ شهر تي هجي ٿي ته انصاف تي شڪ ٿئي ٿو ۽ پاڪستان ۾ هڪ مخصوص ٽولي کي انصاف مهيا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۔۔۔

    سنڌ جي سمورن شهرن ۾ ڪيترا ئي قتل ٿيا، ڪيتريون ئي بي انصافيون ٿيون، ڪيتريون ئي عورتون قتل ٿيون، انهن جي پاداش ۾ ڪيترائي خاندان تباهه ٿيار پر انهن جو ڪو تدارڪ نه ٿيو، ساڳي جا تي هڪ ٽولي پاران هڪ ڪيس کڻي انکي اهميت ڏئي، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي پويان باهه ٻاري ويندي ته اهو خطرناڪ عمل آهي، جنهنجي خلاف اسان سنڌين کي اٿڻو پوندو ۔۔

    هڪ ڳالهه ته عورت جي عزت ۽ عصمت سڀني جي قيمتي هوندي آهي، ڪنهن جي به عزت سان هٿ چراند ڪرڻ هر مذهب ۽ هر نظرئي جي خلاف آهي، ڀل اها عزت دشمن جي ئي ڇونه هجي۔ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڌي نياڻي جي عزت تي نظر ڌريندو ته اها ڳالهه خراب پر جيڪڏهن ڪنهن ٻي جي نياڻي تي ته اها ڳالهه ڀلي ۔۔۔؟؟؟ نه هرگز به نه۔

    چوندا آهن ته ”وڇ قلعي آهر ڪڏندي آهي“ سنڌي قوم جا حڪمران،سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ڀاڙيا آهن جنهن سبب سنڌي قوم سان ٿيندڙ ناانصافين جو ڪو تدارڪ ناهي ۔۔۔

    ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين نوجوانن کي ڌارين قومن جي عورتن جي پويان لڳي انهن جي ڏوهن ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي نياڻين لا يا پنهنجي گهر جي نياڻين لا سوچڻ گهرجي ،،،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين خلاف باهه جو ڪڏهن به شاهزيب جو قتل ناهي پر اها باهه گهڻي پراڻي آهي۔ مان سوچيان پيو ته هن واقعي کي لساني بنياد نه بڻايو وڃي ته اسان سنڌين لاء ئي بهتر آهي۔ ڇو ته اهي ئي وڏيرا ۽ اوباش نوجوان نه ته ڪنهن قومي ڪم ۾ اسان سان گڏ رهيا آهن ۽ نه ئي سنڌ جي نياڻين، سنڌ جي نوجوانن يا سنڌ جي غريبن لاء ڪجهه ڪن ٿا۔

    باقي ها انصاف اسان کي به ملڻ گهرجي۔۔۔ انصاف سڀني لاء هجڻ گهرجي ۔۔۔ اها گهُر اسان جي به آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    ادا سليمان! توهان جو سوال آهي ته:
    ڇا لاڳاپيل سنڌي صنعتڪار سنڌ سان سچو آهي؟ هن سنڌ جي نوجوانن لاء ڪجهه ڪيو آهي؟


    منهنجو جواب هي آهي
    ۔۔​
    ۔۔​
    ۔۔​
    ۔۔​
    ۔۔​
    آئون ان سنڌي صنعتڪار جي ڌر ناهيان پر ان ڳالهه ۽ راءِجو مجاز رکان ٿو ته اهو سنڌي صنعتڪار جنهن کي تعصب پرست ميڊيا اچي لوئيو آهي ان جا هڪ نه پر سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ڪارخانا آهن، جن ۾ هڪ نه سوين به نه پر هزارين ماڻهو ڪم ڪن ٿا

    ڇا عدليه جو اهو عمل درست آهي ته هڪ فرد جي سزا جو ڪيتو هزارين ماڻهو لوڙين ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڏهاڙيءَ جي بنيادن تي ڪم ڪن ٿا، جن جي گهرن جون چلهيون هاڻ اجهاڻل آهن.ذيل پاڪ سيمينٽ فئڪٽري هجي يا روهڙي وارو سيمينٽ جو ڪارخانو، سکر جي ملٽري روڊ تي واقع فئڪٽري هجي يا سپر هاءِ وي تي ڪاٺوڙ ۽ نوري آباد جي وڄ واري هنڌ واقع سيمينٽ فئڪٽري هجي روهڙي، سکر، ٻٻرلوءِ يا موري جا پئٽرول پمپ هجن اهي سڀئي ڪارخانا آهن، اهي خودڪار سسٽم تي ته نه ٿا هلن، انهن کي هلائڻ لاءِ مزدورن جي محنت درڪار هجي ٿي، مزدور جيڪي تنهنجي ۽ منهنجي ديس جا بنياد آهن، جيڪي انقلاب جا پيش خيما آهن، جيڪي شاعرن جي ڪويتائن جا محور آهن، جيڪي موليٰ سائينءَ جا ويجها دوست آهن”الڪاسب حبيب الله“انهن الله جي دوستن جي معاشي ناڪابندي يا انهن جي گهرن جي اجهاڻل چلهه ۽ بک وچان چنگهندڙ ٻارن جو ڪرب تون ، مان يا نثار ابڙي سوڌو حساس ماڻهو ئي سمجهي سگهون ٿا پر منصف ٿي ويٺل اهو شخص ڇو نه ٿو سمجهي جيڪو هزارين ماڻهن جي مزدوري جي ذريعي کي بند ڪرائڻ جو حڪم صادر ڪري چڪو آهي.
    منهنجا ڪيترائي دوست آهن جيڪي ان سنڌي صنعتڪار جي هڪ نجي ٽي وي چئنل تي ڪم ڪن ٿا، انهن جي ڪيفيتن کي آئون ڀانپي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته آئون پاڻ پورهيت آهيان ۽ پورهيو ڪري پنهنجي ٻچڙن کي کارايان ٿو.
    هاڻ جڏهن شاهزيب قتل ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت جو انڌو جج ان سنڌي صنعتڪار جا اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏي يا ڪارخانا سيل ڪري ته ڇا ان سان هزارين پورهيت متاثر نه ٿيندا؟ اهو سوال آهي جنهن جو جواب مون وٽ ته آهي پر انهن ماڻهن وٽ ناهي جن شاهزيب ڪيس جو هڪ پهلو ٻڌو يا ڏٺو آهي جن کي زميني حقيقتن جي ڪا به ڄاڻ ناهي.آئون ميڊيا سان سلهاڙيل آهيان ڪرمنالاجي کي مون جيترو پڙهيو آهي ان مان نتيجو اخذ ڪرڻ جي تڪڙ ۾ ته دعوا نه ٿو ڪريان پر هن ڪيس جي حوالي سان اهو ضرور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اصل قصو اڃا ڪي ٻيو آهي.جيڪڏهن آئون ان وارتا کي هتي ونڊ ڪيان ته ان سان ڀنڀور کي ته باهه نه لڳندي پر ايترو ضرور ٿيندو ته ڪجهه ماڻهو فوري طور تي فتوائن جا ڦٽڪا مون کي علامتي طور هڻڻ شروع ڪندا ۽ راءِ اها ڏيندا ته معصوم ان سنڌي صنعتڪار جي وڪالت پيو ڪري جنهن جي ٽرڙي پٽ هڪ نوجوان کي قتل ڪيو
    پر مقتول ڪنهن مسجد جو ڪک نه هو ۽ نه وري اهو گنگا مان اشنان ڪري آيو هو اهو به اخلاقي ڏوهاري هو ۽ اخلاقيات اسان کي اهو سمجهائي ٿي ته جوابدار ڪير به هجي ان کي سزا ملڻ گهرجي. اخلاقيات اهو نه ٿي چئي ته بدڪار ۽ بدڪردار کي باڪردار بڻائي پيش ڪجي.
    منهنجي ذريعن ۽ ڊفينس ۾ رهندڙ سيرئس ڪرمنلز جي راءِ موجب شاهه زيب پنهنجي غلطين ۽ بدڪاري سبب مارجي ويو، ان کي تعصب پرست ميڊيا ڀل ”معصوم“ ڪوٺي ۽ سنڌي صنعتڪار جي پوري پريوار ۽ سنڌي راڄ جي تذليل ڪرڻ جي بڪ بڪ ڪندي رهي پر سج کي نه کاري هيٺان بند ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري سچ کي رد ڪري سگهجي ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    شاهه زيب پنهنجي غلطين ۽ بدڪاري سبب مارجي ويو
    مقتول نه مسجد جو ڪک ۽ نه وري گنگا مان اشنان ڪري آيو اخلاقي ڏوهاري هو
    اخلاقيات اهو سمجهائي ٿي ته جوابدار ڪير به هجي ان کي سزا ملڻ گهرجي.
    اخلاقيات اهو نه ٿي چئي ته بدڪار ۽ بدڪردار کي باڪردار بڻائي پيش ڪجي.

    1632 اٽيچمينٽ ڏسو
    1633 اٽيچمينٽ ڏسو
    آئون ان سنڌي صنعتڪار جي ڌر ناهيان پر ان ڳالهه ۽ راءِ جو مجاز رکان ٿو ته اهو سنڌي صنعتڪار جنهن کي تعصب پرست ميڊيا اچي لوئيو آهي ان جا هڪ نه پر سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ڪارخانا آهن، جن ۾ هڪ نه سوين به نه پر هزارين ماڻهو ڪم ڪن ٿا
    ڇا عدليه جو اهو عمل درست آهي ته هڪ فرد جي سزا جو ڪيتو هزارين ماڻهو لوڙين ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڏهاڙيءَ جي بنيادن تي ڪم ڪن ٿا، جن جي گهرن جون چلهيون هاڻ اجهاڻل آهن.ذيل پاڪ سيمينٽ فئڪٽري هجي يا روهڙي وارو سيمينٽ جو ڪارخانو، سکر جي ملٽري روڊ تي واقع فئڪٽري هجي يا سپر هاءِ وي تي ڪاٺوڙ ۽ نوري آباد جي وڄ واري هنڌ واقع سيمينٽ فئڪٽري هجي روهڙي، سکر، ٻٻرلوءِ يا موري جا پئٽرول پمپ هجن اهي سڀئي ڪارخانا آهن، اهي خودڪار سسٽم تي ته نه ٿا هلن، انهن کي هلائڻ لاءِ مزدورن جي محنت درڪار هجي ٿي، مزدور جيڪي تنهنجي ۽ منهنجي ديس جا بنياد آهن، جيڪي انقلاب جا پيش خيما آهن، جيڪي شاعرن جي ڪويتائن جا محور آهن، جيڪي موليٰ سائينءَ جا ويجها دوست آهن”الڪاسب حبيب الله“انهن الله جي دوستن جي معاشي ناڪابندي يا انهن جي گهرن جي اجهاڻل چلهه ۽ بک وچان چنگهندڙ ٻارن جو ڪرب تون ، مان يا نثار ابڙي سوڌو حساس ماڻهو ئي سمجهي سگهون ٿا پر منصف ٿي ويٺل اهو شخص ڇو نه ٿو سمجهي جيڪو هزارين ماڻهن جي مزدوري جي ذريعي کي بند ڪرائڻ جو حڪم صادر ڪري چڪو آهي.
    ڀلا جڏهن شاهزيب قتل ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت جو انڌو جج ان سنڌي صنعتڪار جا اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏي يا ڪارخانا سيل ڪري ته ڇا ان سان هزارين پورهيت متاثر نه ٿيندا؟
    اهو سوال آهي جنهن جو جواب مون وٽ ته آهي پر انهن ماڻهن وٽ ناهي جن شاهزيب ڪيس جو هڪ پهلو ٻڌو يا ڏٺو آهي جن کي زميني حقيقتن جي ڪا به ڄاڻ ناهي پر هن ڪيس جي حوالي سان اهو ضرور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اصل قصو اڃا ڪي ٻيو آهي.جيڪڏهن آئون ان وارتا کي هتي ونڊ ڪيان ته ان سان ڀنڀور کي ته باهه نه لڳندي پر ايترو ضرور ٿيندو ته ڪجهه ماڻهو فوري طور تي فتوائن جا ڦٽڪا مون کي علامتي طور هڻڻ شروع ڪندا ۽ راءِ اها ڏيندا ته مان ان سنڌي صنعتڪار جي وڪالت پيو ڪريان جنهن جي ٽرڙي پٽ هڪ نوجوان کي قتل ڪيو
    پر مقتول ڪنهن مسجد جو ڪک نه هو ۽ نه وري اهو گنگا مان اشنان ڪري آيو هو اهو به اخلاقي ڏوهاري هو ۽ اخلاقيات اسان کي اهو سمجهائي ٿي ته جوابدار ڪير به هجي ان کي سزا ملڻ گهرجي. اخلاقيات اهو نه ٿي چئي ته بدڪار ۽ بدڪردار کي باڪردار بڻائي پيش ڪجي.
    منهنجي ذريعن ۽ ڊفينس ۾ رهندڙ سيرئس ڪرمنلز جي راءِ موجب شاهه زيب پنهنجي غلطين ۽ بدڪاري سبب مارجي ويو، ان کي تعصب پرست ميڊيا ڀل ”معصوم“ ڪوٺي ۽ سنڌي صنعتڪار جي پوري پريوار ۽ سنڌي راڄ جي تذليل ڪرڻ جي بڪ بڪ ڪندي رهي پر سج کي نه کاري هيٺان بند ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري سچ کي رد ڪري سگهجي ٿو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سلامت جا دوستو منهنجي دوست محترم سليمان وساڻ صحيح پيو چوي ته اسان کي ان ڪيس کي لساني بنياد تي نه ڏسڻ گهرجي، ۽ انهن وڏيرن ظالمن جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي۔ ( جيڪي ڪڏهن پنهنجا ناهن ٿئي سگهيا انهن کي پنهنجو سمجهڻ نه گهرجي) باقي جت مخصوص ماڻهن کي انصاف لاء ميڊيا ۽ ٻيا وس وارا پاڻ پتوڙي رهيا آهن ائين سنڌ جي غريب ماڻهن جي انصاف لاء به انهن کي پاڻ پتوڙڻ گهرجي۔ ۽ انشاء الله ائين ضرور ٿيندو، ۽ مان اڃان مايوس ناهيان ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڃان رڻ مان رڙ اچي پئي متان سمجهين مئا مور سارا۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽي وي تي هڪ ٽاڪ شو ۾ سڪندر جتوئي کي گفتگو ڪندي ڏٺم ته سوچيم ته همراه جو موقف ته ٻڌجي۔۔۔ جو اڄ ڪلهه ميڊيا اصل چهرو ته ڪنهن به ڳالهه جو ڪونه ٿي ڏيکاري۔۔۔
    حيرت ۽ افسوس ٿيم ته سڪندر جتوئي ميڊيا جي سخت سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ نه ڪو هوم ورڪ ڪيو هو ۽ نه وري پنهنجي ڳالهه کي درست طريقي سان پيش ڪري سگهيو۔۔۔ ڇا ان جو سبب اهو آهي ته اسان سنڌي اردو زبان ڳالهائي نه ٿا سگهون يا وري ڌارين کان سدائين دٻيل ۽ هيسيل ٿا رهو۔۔۔ توهان به ريڪارڊ ڪيل ڪجهه ڪلپس ڏسو ۽ ٻڌايو ته ڇا اسان کي پنهنجو موقف درست طريقي سان پيش ڪرڻ لاءِ آواز ٽي وي جهڙا سنڌي چينل کولڻ سان گڏو گڏ اردو چينل به کوليون يا ڳالهه بلڪل به ڳري آهي۔۔۔

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو