اُٿي اور الله سان

'شيخ اياز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي ساٿيو هن ڌرتيءَ جي مهان شاعر مرحوم شيخ اياز جا ڪجهه بيت ۽ هڪ دُعا توهان سان ونڊ ڪرڻ تي دل پئي چاهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شيخ اياز مرحوم جي ڪتاب اُٿي اور الله مان ورتا ويا آهن۔ پيارا سنڌي دوستو هن ڪتاب جو جڏهن به مطالعو ڪندو آهيان ته اندر مان سيسڙات نڪري ويندو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔ روز فجر مهل جڏهن رب جي رحمت جو چشمون گُلن تي پاڪ ۽ پوتر ماڪ جي صورت ۾ وسندو آهي بلڪل انهي ٽاڻي پنهنجي ٻاجهاري رب سائين جي حضور دل ۾ اهو خيال کڻي ته
    جيڪي منجهه جهان سو تاري تڳي تنهنجي،
    لُطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪان،
    عدلون ڇُٽان آئون نه ڦيرو ڪجه ڪو فضل جو​

    انتهائي هيچ نماڻپ جي سجدي ڏيڻ کانپوءِ شيخ اياز مرحوم جي ڪتاب اُٿي اور الله سان جي هربيت کي پڙهي ساري جهان واسطي دُعائون گهري پوءِ پنهنجي واندڪائيءَ کي آزمائيندو آهيان۔۔۔۔۔۔ اميد آهن ته مرحوم شيخ اياز جا هي بيت ۽ دُعا توهان کي به رب سائين جي رحمانيت ۽ ٻاجهاريت جي سمنڊ مان ضرور غُوطا کارائيندا۔۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان، سچائيءَ جو سوچ
    ميان مُور نه لوچ، ڪوڙي ڪائي ڪچ کان​


    اُٿي اور الله سان، ٻيائي کي ٻوڙ،
    تڏهن پنهنجي توڙ، پهچي ويندين پاڻ ئي۔۔۔

    اُٿي اور الله سان جيئن گئونچ ڦُٽن،
    تُنهنجا ڏينهن کُٽن، سانوڻ جي ساواڻ جيان۔۔۔

    اُتي اور الله سان جيڪا رب جي رضا،
    قدم دورِ قضا، جيڪو روڪائي ڇڏي۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان نمي کمي ڏس،
    هي جو ماڻهو سِسُ، ڏاڍو آ ڏمرائتو۔۔۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان صبر پلئه وٺ
    هي جو هيڏو هٺ، سارو مِٽيءَ مامرو۔۔۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان ڇڏي وڻج واپار،
    تُنهنجِي ڪشتي بارُ، ايڏو کڻندي ڪينڪي۔۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان ڌرتي چُمي ڏي،
    جيڪا سج لٿي، ايندي تُنهنجي بَکَ ۾۔۔۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان ڳچيءَ ڪر ڳارا،
    ماڻهو ويچارا، ڀَڄِي پوندين ڪکَ ۾۔۔۔۔۔۔

    اُٿي اور الله سان پکين کان اڳ ۾ ،
    تون تن جي دڳ۾، ٻولي پنهنجون ٻولڙيون۔۔۔۔۔۔۔​


    دُعا​


    يا رب العالمين!
    تون مونکان قوم، رنگ ۽ نسل جون تنگ ڳليون ڇڏاءِ
    ۽ پنهنجي شاهي رستي تان وٺي هل،
    تُون منهنجي آغوش ايتري وسيع ڪر جو مان اُن ۾ ،
    سارِي انسان ذات سمائي سگهان۔۔۔۔۔۔۔۔
    يا رب العالمين!
    مونکي اُها استطاعت ڏي ته ڪنهن ڪاري ۽
    ڪوجهي لاءِ دل ۾ ڌِڪارَ نه رکان ۽ ڪنهن کي نٻل ۽
    نڌر ڏسي اُن جو ساٿ نه ڇڏيان،
    هر انسان رت پنءِ جو پُتلو آهي ۽ نيٺ ناس ٿيڻو آهي،
    ڇو ته فنا اُن جو مقدر آهي،
    مونکي سگهه ڏي ته مان اُن جون ڪمزوريون لنوايان ۽
    جڏهن به هُو کڏ ۾ ڪري تڏهن هُن کي هٿ ڏئي،
    ٻاهر ڇڪي وٺان ۽ ان ۾ تميز نه ڪريان ته هو منهنجو
    دوست آهي يا دشمن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    يا رب العالمين!
    هر انسان تُنهنجو پاڇو آهي،
    مان ڪير جو هن جي گناهه ۽ ثواب تي پڪڙ،
    پڇاڙ ڪريان،! تون ئي ازلي محتسب آهين ۽ تنهنجي احتساب کان،
    ڪير آجو آهي؟ تُون اهو ڪيئن ٿو ڪرين، ڪنهن وقت ٿو ڪرين،
    ڪنهن جي بدران، ڪنهن سان ٿو ڪرين، ان جو علم توکي ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔
    يا رب العالمين!
    تُون رحمت جو اٿاهه سمندر آهين، هر ڪنهن جي ٻيڙي
    تار، هن جو ناکئو به ٿي، سکان به ٿي، ۽ ساحل به ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    يا رب العالمين!
    هر قوم تي رحمت ڪر، هر ٻار ، ٻُڍي، ڳڀروءَ تي،
    رحمت ڪر ۽ اونهاري جي ڳهر ۾ هن تي ٿديري واءَ جو
    جهلڪو ٿئي،هن جو پگهر سڪاءُ ۽ هن کي مٺي ننڊ ڏي۔۔۔۔
    يارب العالمين!
    دنيا مان دنگا فساد ۽ جنگيون مٽائي ڇڏ، نقاري جي
    آواز کي، طبلي تي ٿاڦ کان وڌيڪ بي ضرر بڻاءِ جيئن،
    پيار جِي پُڪار بنسري جي سُريلِي ليءِ وانگر ڦهيلجي وڃي،
    قابيل جو سر ندامت کان جُهڪي وڃي ۽ هابيل اڳيان
    معافي طلب ٿئي۔۔۔۔۔ ڳوڙها ڳاڙي جو هابيل مان نڪتل سارو
    خون ڌوپي وڃي ۽ تنهنجي غاليچي وانگر ڌرتي صاف سُٿري
    نظر اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    يا رب العالمين!
    ڌرتيءَ تان خوف مٽائي ، خون جا داغ مِٽاءِ ۽ خنجر مياڻن،
    ۾ ائين موٽاءِ جو اهي وري نه نڪرن ۽ اُنهن جو آب تاب ،
    جَهڪو ٿي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    يا رب العالمين !
    تون هر ڪنهن کي امانَ ڏي، دشمن کي به امانَ ڏي ۽
    دوست کي پنهنجو پاڻ کان امانَ ڏي، هن جي دل کي دُعا،
    کان مونکي پناهه ۾ رک ۽ دوغلائي ۽ دولاب کي اُن جي،
    ويجهو وڃڻ نه ڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    يا رب العالمين!
    مان توکان ساري عالم لاءِ دُعا ٿو گهران،
    مُنهنجي آپي پَڻي ۽ اڏ وڏائي کي معاف ڪر! منهنجي ،
    هٺ کي درگُذر ڪر ۽ مون تي ڪاوڙ نه ڪر، جي مان
    پنهنجي وِتِ کان وڌيڪ توکان تقاضا ڪيان، منهنجي
    اڻ ڄاڻائي ۽ اٻهرائپ تي رحم فرمائي۔۔۔۔۔۔

    آمين ثم آمين


    نوٽ: شيخ اياز مرحوم جا هي سوني مس سان لکڻ وارا بيت ۽ دُعا مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور پاران ڇپايل ”ڪتاب اُٿي اور الله سان “ جي ٿورن سان لکيا ويا۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين وڏا شيخ اياز جو بيت ۽ دعا هڪ سٺي انداز ۾ ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    مهرباني سائين

    توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪير سائين وڏو؟ مان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڏاڍي پيو ٻُڌائين ”فقير وڏا“۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔لڳي ٿو اڄ ڪلهه حج جي مهيني ۾ تو وارو ڌنڌو چوپٽ لڳو پيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رمضان ۾ تو وارا ٺٺ لڳا پيا هُئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هينئر نيڪ مائي ۽ نيڪ بابا ويچارا لڳا پيا آهن ٻڪرن، ٻڪرين، گابن، گابين، مينهن سان پاڏن ۾ ۽ ٻُڌو اٿم ته هو پاڻ واري انٽر نيشنل فقير علي علي به پنهنجي ڦنڊي مينهن ڪراچيءَ واري سهراب ڳوٺ واري منڊي ۾ لاٿي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُلهه به ٻه ٽي لک رکيو اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وارو ڪر فقير اصل ڪراچي پهچ رمضان شريف ۾ جيڪا توسان ڏاڍي ڪئي هُئائين اڳيون پويون ڪسرون پوريون ڪرينس۔ نه ته پوءِ مونکي نه چئجان ته خبر نه هُئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي شيخ اياز جا بيت ۽ دُعا توکي پسند آئي لک لائق ادا وحيد ڦلپوٽا۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    wslam

    سائين هاڻ پاڻ علي علي سان حساب ڪو نه ٿا ڪريان غريب وڏي چڪر ۾ اچي ويو آهي جي توهان کان پڄي ته ان غريب جي مدد ڪريو :D:D:D مان هٿ کنيو باقي سائين هاڻي مان پاڻ اهو ڌنڌو ڇڏي ڏنو آهي اهو ان لا۽ ته جتي مان بيهان ٿو اتي اچي ادا عظيم ٿو بيهي رهي هاڻي ته سائين عظيم اهڙو چالاڪ ٿئي ويو آهي جو اهڙو ٿو گيٽ اپ ڪري جو ماڻهو ان کي ٿا .............. ڏين :D:D:D:D:D
    hall charihall charihall chari

    shal judy hujeen

    suhnan saan

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    فقيرن سان جيڪي ڦٽائيندا اهي ائين ٿيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير پِٽي پِٽي تو ته انهيءَ حال تي پڄايو ٿس۔۔۔۔۔۔۔۔ جو ڀوري مينهن ڦنڊي ڪري پيو کپائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هيل ڪراچيءَ جي ڳالهه اور آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ منڊي اصل چوٽ چڙهيل آهي۔۔۔۔۔۔۔ باقي توکي خبر هُئي ته حج ۾ ماڻهو رڳو گوشت کائڻ ۾ پورا هوندا سو رڳو ڏيکاءُ خاطر هٿ کڻي ويو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔نيڪ بابا نيڪ مائي کان وڃي پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هيرا ڦيري کان نه وڃي مونکي خبر آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آخر ته لي مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ، ميمڻ مسيت ۾ توسان گڏجي صدائون هنيون اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي عظيم ڀائي جي لٿو آهي انهيءَ فيلڊ ۾ ته هر ماڻهو کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو حق آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا رشيد واري ڳالهه ته لڳي ٿو رمضان ۾ نيڪ بابا نيڪ مائي صدا واري ڪهاڙي تو تکي ڪونه ڪئي ان ڪري بقول تنهنجي ته عظيم توکان اڳيان نڪري ويو۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اُٿي اور الله سان

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اُٿي اور الله سان

    ادي ناز جي مهرباني ته چئبي ئي چئبي پر ادي اڪبر شر جا به لک ٿورا جنهن اهڙي شئي وري پڙهڻ لئه اٿلائي جيڪا پڙهئي سال ٿيا ۔۔۔۔ ادي ناز جو هو ليک منهنجي نظر مان شايد انڪري نه گذريو هوندو جو انهن ڏينهن ۾ آ موڪلن تي سنڌ آيل هيس ۽ نيٽ کان پري هيس ۔۔۔ خئير دير آيد درست آيد ۔۔۔
    تمام سٺي دعا آهي ۽ جي عاجزي سان گڙگڙائي الله جي سامهون هڪ سچي ٻانهي جيئان ڪئي وڃي ته ٻيڙا ئي پار ٿي ويندا ۔۔۔۔ بيشڪ هو رحيم ۽ غفور آهي ۔۔۔

    شيخ اياز جي ان دعا ۾ موجود فڪر کي لطيف سڳوري سر سارنگ ۾ تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۔۔۔ هي اها ئي دعا آهي جنهنجي آخر ۾ آهي ؛ سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست! مٺا! دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو