ادا عاشق ۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي مهرباني ساٿي رحيم بخش جن وٽ سٺي ڄاڻ آهي۔۔۔ کين هتي جواب ڏيڻ جي گذارش ڪجي ٿي۔۔۔ نه توهان هتي ڪلڪڪري کين ذاتي ڪچهري موڪلي سگهو ٿا۔۔۔
ادا عاشق علي توهانکي سولر جي متعلق ڪهڙي قسم جي معلومات گهرجي مون وٽ سولر جو ننڍو پيڪيج آهي مان 50 واٽ جو سولر پينل (سولر پليٽ) 15 هزار ۾ ورتو هو ۽ 4500 ۾ سولر ڪنٽرولر ورتو هو جنهن تي ارڙهن يا 20 واٽ جي بيٽري چارج ٿي سگهي ٿي گرمي ۾ 12 وولٽ جو پنکو بغير وقفي جو مون ان تي هلايو آهي ليڪن اگر توهان چاهيو ٿا ته هڪ ڪمري جو نظام سولر تي هلايو ته پو توهان کي 200 واٽ جو پينل وٺڻو پوندو جيڪو هن وقت تقريبا 32 هزار ۾ ملندو هڪ چارجر ڪنٽرولر تقريبا 2500 ۾ ملندو هڪ چائنا جو يوپي ايس تقريبا 7 يا 8 هزار ۽ هڪ بيٽري 135 ايمپيئر جي وٺي توهان هڪ فين ٻه ٽي سيور ان تي هلائي سگهو ٿا۔ وڌيڪ تفصيل لاء توهان پنهنجي گهرج ٻڌايو ته ان متعلق توهان جي رهنمائي ڪئي ويندي۔
مهرباني ادا رهنمائي ڪرڻ لا مگر منهنجو عرض اهو آهي ته مان اهو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ٿو ته سولر سسٽم لا جيڪو شيشو ٺهندو آهي اهو ڪيئن ٺاهجي يا اهو ڪهڙو شيشو آهي ان جو مونکي ڊاياگرام کپي هڪ دفعو وري اوهان سڄڻن جي وڏي مهرباني
هيٺ ڪجهه لنڪس ڏجن ٿا ۔۔ متان ڪم جا ثابت ٿين۔۔۔ تفصيل لاءِ هن سائيٽ تي اچو تفصيل لاءِ هن سائيٽ تي اچو تفصيل لاءِ هن سائيٽ تي اچو۔۔۔ تفصيل لاءِ هن سائيٽ تي اچو