دوستو حق موجود ٻڌ مذهب جا پوئلڳ ۽ عبادتگذار جن کي ”مانڪس“ ڪري چوندا آهن، سي پنهنجي روزمره جي زندگيءِ ۾ عبادت سان گڏ ڪجه يوگا جون ورزشون پڻ ڪندا آهن ۽ ان ورزش ذريعي هو پنهنجي روحاني ۽ جسماني صلاحيتن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ... هي هيٺ ڏسو ... ۔ ۔ ۔
شينهن بُک مري پر ڊڀ نه چرَي، جي چري ته اُڦٽُ مري۔۔۔۔۔۔ ادا فقير۔۔۔ سائين نثار صاحب اصل اهڙيون ته يوگو ورزش ڪندڙ ماڻهن جون تصوريرون موڪليون آهن جو اصل ڏسي اسان کي ته ڊپ ٿو ٿئي۔۔۔ باقي يار اٿن چرين وارا ڪم هاڻي ڀلا اها به ڪا ورزش آهي۔۔۔۔ سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جا لک ٿورائتا آهيون ۔۔۔۔۔۔۔
سهڻا زاهد، حق موجود اهي چري کريا آهن پر هن وقت آمريڪا، يورپ ۽ ٻين قومن کي ڏندي آڱريون ڏئي چڪا آهن ... چائنا هجي يا جاپان، ڪوريا هجي يا تائيوان، مليشيا هجي يا انڊونيشيا، ٿائيلينڊ هجي يا ويٽنام مطلب ته اهي ننڍڙا ڍينڍڙا ماڻهون، دنيا جي پئسي تي، دنيا جي سياست تي ۽ دنيا جي ماڻهن تي وڃنٿا چڙهندا ... دنيا جي ڪنهن به مارڪيٽ ۾ ڪهڙي به شئي ڳولهه ته پٺيءَ تي چائنا لکيل هوندو ... اچو ته اسين هڪ ٻي کان سوال ڪريون ته ڇو؟ دوستو جي جواب ملي وڃي ته مهرباني ڪري مونکي به عنايت ڪجو جو في الحال منهنجي پتڪڙي سوچ کان ڳالهه چڙهيل آهي ... sindhsalamatsaathsal
سائين تصويرون ڏسي ڪري ته اسان جو ساهه ٿو وڃي، عبادت پري جي ڳالهه آهي، ڀلا فقير کي ڇا ٿي ويو جو اهڙي رڙ ڪٿئ اٿس.......
سائين هي اهي ماڻهون آهي، جن جي لاءِ ڪم عبادت جو درجو رکندو آهي، مثال طور: هنن جي ملڪن ۾ (خاص طور تي چين ۾) هر ماڻهو لاءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن مزدوري ڪرڻ لازمي آهي، پوءِ اها ڪهڙي به هجي، جيئن باغباني، صفائي وغيره۔۔ انهيءَ جي ڪري اهي ترقيءَ ۾ آهن۔۔۔ ۽ هنن وٽ هڪ وڏي نشاني آهي سهڻي ماڻهوءَ جي۔۔۔ اها نشاني آهي ”گل“ ۔۔۔ ڪهڙو گل۔۔؟ نه هي عام گل نه۔۔۔ پر اهي محنت جي ڪري هٿن تي آيل ڇالن کي گل سڏيندا آهن۔۔۔۔ ۽ جنهن جي هٿ ۾ اهو گل نه آهي۔۔۔ اهو سهڻو ماڻهو نه آهي۔۔۔