سائين احمد مخدوم صاحب

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين احمد مخدوم صاحب
    ڀلي ڪري آيا ...
    سنڌ سلامت جا دوستو، اسانجا ڀاڳ ڀلا جو اڄ اسانجي اڱڻ تي سائين احمد مخدوم صاحب جن ڦيرو پاتو آهي ... سندن جا لک لائق، سائين مخدوم صاحب جو سمورو خاندان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لئه پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي ... هن خاندان جا سڀ ڀاتي ... سنڌي قوم جو سرمايو آهن ...

    اسين سڀ سنڌ سلامت جا دوست سندس هن ڦيري پائڻ تي لک ٿورائتو آهيون ۽ اميد ته هو اسانجي هن اوطاق تي پنهنجي قرب جا قدم پيا گهمائيندا ۽ اسانجي رهنمائي ڪندا رهندا ...

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سائين نثار ابڙو سان گڏ نثار ناز سميت سنڌ سلامت جي سموري سٿ توهان کي پنهنجي دل جِي گهرائين سان ڀليڪار چئي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ ادا نثار ابڙو کي گُذارش آهي ته سائين جن جو تعارف ڪجهه تفصل سان ڪرائين ته سندن نوازشون ٿينديون۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا نثار ناز سائين
    هونئن ته آءُ چاهيندس ته سائينءَ جن پنهنجو تعرف پاڻ ڪرائن پر تنهن هوندي به آءُ ڪافي عرصي کان سائينءَ جن کي سندس ڀاءُ خالد مخدوم جي معرفت سڃاڻان جو جڏهن آءُ سائين خالد ۽ سائين مرحوم انور پيرزادي صاحب جن سان گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت تي ڪچهريون ڪندو هوس ته سائين احمد ۽ سانئڻ ثريا مخدوم ( سنڌي ورلڊ ڪانگريس جي روح روان) جو ذڪر پيو ٿيندو هو ... سائين احمد مخدوم صاحب جن ان وقت سنگاپور ۾ رهندا هئا ... ۽ سانئڻ ثريا مخدوم صاحبه، سائين خالد ۽ احمد مخدوم جي ڀيڻ آهي ۽ هن وقت برطانيا ۾ آباد آهي ...

    سائين احمد مخدوم صاحب جن جي هي ليک پڙهن ته مهرباني ڪري دوستن سان پنهنجو مختصر ئي سهي تعرف ضرور ڪرائن ...
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي سموري سٿ طرفان دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪيون ٿا۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو