الله پاڪ انسان کي چار اهڙيون خاصيتون عطا ڪيو آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن ٻي مخلوق کي مليل ناهن.. انهن مان پهرين نمبر تي زبان يا ڳالهائڻ.... ٻئي نمبر تي شعور... ٽئين نمبر تي مزي وٺڻ جي حِس آهي... جڏهن ته چوٿين نمبر تي ڌوڪو ڏيڻ جي خصوصيت آهي.. انسان الله پاڪ جي اڪيلي مخلوق آهي جيڪا پوري دنيا کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿي.. انسان ديوتائن کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو... هي چنڊ، تارن ۽ موسمن کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو.. هي اڀرندڙ سج ۽ گذرندڙ راتين کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو... هي جبلن، دريائن، ندين، نالن ۽ سمندن کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو... هي هوائن ۽ فضائن کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو... هي ٻين انسانن کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو ... ايتري تائين جو هي پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو.. پر ان جي باوجود دنيا ۾ هڪ شي اهڙي به موجود آهي جنهن جي سامهون انسان جي هي خاصيت بي بس آهي ... اها ڪهڙي شي آهي...؟ جي ها انسان پنهنجي مقدر کي ڌوڪو نه ٿو ڏئي سگهي ... انسان جو مقدر هن ڪائنات جي اها آخر حد آهي جتي پهچي ڪري انسان جا سڀ ڌوڪا، سڀ فريب ۽ سمورا مڪر جواب ڏئي ڇڏيندا آهن... هڪ يوناني چوڻي آهي ته ..”تون ديوتائن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو پر پنهنجي تقدير کي کٽي نه ٿو سگهين ڇو ته تون ڪيترو به مضبوط، ڪيترو به باختيار ۽ ڪيترو به دولتمند ڇو نه هجين پر آخر آهين ته انسان ئي نه...“
سائين منهنجي ذهن ۾ چند سوال اڀرن پيا۔۔ٰ! ڇا اهي مٿي بيان ڪيل چار خصلتون صرف انسان کي آهن۔۔؟ ڇو ته جنات به الله جي هڪ اهڙي مخلوق آهي، جنهن کي منهنجي خيال ۾ اهي چار ئي خصلتون مليل آهن۔۔! ٻيو ته ڌوڪو ڏيڻ مان ڇا مراد آهي۔۔۔؟ خاص ڪري جيئن توهان لکيو آهي ته دريائن، تارن، چنڊ کي به انسان ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو۔۔ ٻيو ته ديوتا ڇا آهن۔۔؟ انهن جو تقدير سان تعلق۔۔؟