دروازو کليل آهــي من ڪوئـــي اچي نڪــــــــري، سڀ لوڪ سمهيل آهن من ڪوئي اچي نڪري، چنڊ رات چٽي آهـي ڪڪريون بـ وسـي هـليـون، هـر بات بـڻيل آهـي مـن ڪـوئـي اچي نـڪـــــري. ،،،،،،،،،،،،،،،،شمشيرالحيدري،،
دروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري سڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري چنڊ رات چٽي آهي ، ڪڪريون به وسي هليون هر بات بڻيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري پن کڙڪيو هوا تي ڪو ، يا سانت ڀريو سڏڪو ڪو روح رليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري دل خام خياليء ۾ ، اکين کي ڌتاري پئي هيء ان تي هريل آهي، ، من ڪوئي اچي نڪري هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري هن برھ جي بستيء ۾ ، ” شمشير “ جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
يار سليمان! ڪالهه کان هن غزل جو منهنجي سوچ تي قبضو آهي ۔۔۔ جيئن ٿو پڙهان سوچيان تيئن سائين ياد ٿو اچي ۽ ڪيترائي راز کلن ٿا ۔۔۔ لک قرب