شاعر، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس انور پيرزادي جي ورسيء تي ڀيٽا _____ انور پيرزادو : شاعر، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس رضوان گل نوان سال اميدن ۽ خوشين جا پيغام کڻي ايندا آهن، پر سال ۲۰۰۷ سنڌ لاءِ شروعات ۾ ئي ڳوڙهن، سڏڪن ۽ غمن جون ڀريون ٻڌي آيو هو. انهن سڏڪن جون صدائون سنڌ جي جهر جهنگ مان پڙاڏو ٿي ان ويل گونجڻ لڳيون جڏهن سنڌ جي عاشق، شاعر، آرڪيالاجسٽ، صحافي ۽ محبتي انسان انور پيرزادي جي لاڏاڻي جي خبر ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿي هئي. لِٽل ماسڪو سڏجندڙ ڏوڪري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي جنم وٺندڙ محمد انور ولد شفيع محمد پيرزادو پنهنجي تخليقن ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي، ڇوته موت ڪڏهن به ڪنهن تخليقڪار ۽ جاکوڙي عاشق کي ماري مات ڏئي ناهي سگهيو. انور پيرزادي پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ مڪمل ڪري سن ۱۹۶۲ ۾ مئٽرڪ ۽ بي اي ۱۹۶۷ ۾ ڪرڻ بعد ۱۹۶۹ ۾انگلش ايم اي ڪئي. اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ارپي جاکوڙيندا آهن سي خود تاريخ بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ڪڏهن به ناهي مرندي. انور پيرزادو پڻ اهڙن فردن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، جاگرافي، ٻولي، صحافت ۽ ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي جديد فڪري بنيادن آڌار نئين سر متعارف ڪرايو. ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ شامل بيتن جي درست پڙهڻي، ذڪر ٿيل حالتن، واقعن ۽ مقامن بابت کيس کوجنا ڪرڻ جو پڻ جنون هو. ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ پنهنجائپ وارو هو، جنهن ۾ سندس مشاهدي جي روشنيءَ مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ۽ حقيقتون رونما ٿينديون هيون. ٿر، ڪاڇي، وچولي ۽ اٽڪ جي پهاڙن کان ويندي انڊس ڊيلٽا جي وسيع ميدانن تائين هن سموري خطي جو مشاهداتي سفر ڪيو. انور پيرزادي کي ڀلي ته بنيادي طور شاعر ۽ صحافي چيو وڃي پر سندس سڃاڻپ جو هڪ ٻيو حوالو هڪ جاکوڙي آرڪيالاجسٽ وارو پڻ آهي. انهيءَ ڳالهه جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن سندس وفات کان ٻه سال اڳ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي آفيس ۾ انور پيرزادي سان هڪ ڀرپور ڪچهري ٿي. منهنجو سبجيڪٽ جاگرافي هئڻ سبب اسان جي ڪچهريءَ جو گھڻو موضوع پڻ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي رهيو. انور پيرزادي جي ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون صداقتون هيون جن کي اڄ تائين ڪنهن به لکت ۾ ناهي آندو. هو جتي به ويو نه فقط اتان جي زميني حالات جو مشاهدو ڪيائين، پر ان علائقي جي ٻولي، لهجي، محاورن ۽ موسمي حالتن بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي. هو ڪنهن به علائقي جي مٽي ڏسي ٻڌائي وٺندو هو ته ان ۾ ڪيتري زرخيزي آهي ۽ ان علائقي ۾ برساتون ڪيتري مقدار ۾ پوندڙ آهن. پاڻ ٿاڻي احمد خان مان پنڊ پهڻ (fossils) پڻ گڏ ڪيا هئائين. جهڙيءَ ريت پاڻ اتان جي زميني حالتن بابت تفصيل پئي ٻڌايائين ان مان اهو اندازو ٿي رهيو هو ته هن اتان جو چپو چپو سٺيءَ ريت ووڙيو آهي. جاگرافي ۽ آرڪيالاجي بابت جيڪا ڄاڻ جي کاڻ انور پيرزادي وٽ هئي سا سطحي نه، پر گهرائيءَ سان مشاهدو ڪيل ۽ ذاتي طور ورتل جائزي جو نچوڙ هئي. هن جهر جهنگ لتاڙي سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جو سير ڪيو. کيرٿر، هالار ۽ ڪارونجهر جي معدني زخيرن کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان به هن ڪيترن ئي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ اهڙيون تجويزون ڏنيون، جن تي جيڪڏهن عمل ٿي ته هوند اسان جا اهي معدني ذخيرا ملڪ لاءِ تمام گهڻو فاديمند ٿي پون. ذڪر ڪيل ملاقات ۾ انور پيرزادي مون کي صلاح ڏني ته جاگرافي توهان جو سبجيڪٽ آهي ۽ ادب ۾ به ڪم ڪيو ٿا. سائين ظفر حسن کان پوءِ سنڌ ۾ اوهان ئي واحد فرد آهيو، جيڪي هڪ ئي وقت جاگرافي ۽ ادب جي شعبن سان سلهاڙيل آهيو. اوهان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جاگرافيائي اهڃاڻ“ عنوان تحت ڪم شروع ڪيو، جنهن سان توهان کي شاهه سائين کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ملندو ۽ هڪ نئين رخ سان شاهه صاحب تي ڪم به ٿي سگهندو. مون کي اها صلاح ايتري وڻي جو مون ان تي عمل ڪندي هڪ تحقيقي مقالو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو آهستي آهستي طويل مقالو بڻجي رهيو آهي، ڇو ته اڄ تائين اها اسائنمينٽ مڪمل نه ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن به شاهه سائين کي پڙهندو آهيان ته ان ۾ جاگرافيائي اهڃاڻن جي حوالي سان ٿيل ذڪر کي مقالي ۾ شامل ڪري ان ۾ اضافو ڪندو رهندو آهيان. انور پيرزادي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”متان وساريو“، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”سنڌ“، ”ڀٽائي“، ”بمبئي ياترا“ ۽ ”انٽرويو ۽ تقريرون“ شامل آهن. انور پيرزادي وٽ انيڪ موضوع هئا جن تي هن ڪم پئي ڪرڻ چاهيو، سندس خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو عام ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن کي تحقيقي نوعيت وارا ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيندو هو، جنهن جو ننڍڙو مثال آءٌ مٿي پيش ڪري آيو آهيان. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس بي انتها عشق هيو. هو چوندو هو ”منهنجو وس هجي ته جيڪر سموري دنيا سنڌ بڻائي ڇڏيان.“ انور پيرزادي جو ڪيل پورهيو سنڌ جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ کين بنيادي مواد (Source Material) طور ڪم ايندو. انور پيرزادو گهڻ پاسائون شخص هو جنهن جي ڪم ڪرڻ جو انداز به غير روايتي هو. اهڙو جو ٻين لاءِ روشنين جا نوان در کوليندڙ. سندس ادب، صحافت، تحقيق ۽ آرڪيالاجي ۾ ڪيل پيار ڀرئي پورهئي مان اسان کي ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي. جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. ____
انور پيرزادو: سنڌ جو لاکيڻو ليکڪنثار کوکر هونئن ته حياتي ۾ ڪيترائي ”انور“ نالي وارا ماڻهو مليا آهن، پر انهن مان ڪجهه ” انور“ اهڙا به هئا/ آهن، جن جي ڳالهين جي ڳنڍ جڏهن به کوليون، هر طرف خوشبو ڦهلجي وڃي ٿي، اهو ڪو عجيب اتفاق نه پر ماڻهوءَ جي شعوري ڪوشش هجي ٿي ته اهڙن ماڻهن سان ملاقات ڪجي، جن جي حياتي هميشه درياهي سير جي سامهون هجي، جيڪي لهوارو لهڻ جهڙا نه هجن، انور پيرزادي جي حياتيءَ تي هڪ نظر وجهڻ سان ائين ئي لڳندو ته هو سنڌ جو اهڙو بيچين روح هو، جنهن کي ”پٿر پير ڊگها ڪري“ سنجهي ئي سمهڻ ڪڏهن نصيب نه ٿيو هو. هڪ سچي تخليقڪار جيان هميشه ان جستجو ۽ ان اُڻ تڻ ۾ رهيو ته هن ديس جي دکي انسانن ۽ پورهيت طبقي مٿان ڏکن جا بار ڪڏهن جهڪا ٿيندا؟ انور پيرزادي جهڙا ماڻهو، جيڪي شيخ اياز جي انهن سٽن جا پتنگن جيان ديوانا رهيا ته ’سماج کي ڌوڏ هن سماج کي، هي نظام آ خراب،‘ سي هميشه سسٽم سان وڙهندا رهيا ۽ انور ته ان ٽهيءَ جي اهڙن چند نالن منجهان هڪ هو، جيڪي آخر تائين سسٽم سان سرچاءُ نه سکي سگهيا. آئون سوچيان ٿو ته انور جيڪڏهن عام روايتي ”لڪير جو فقير“ ٿي هلڻ وارو ماڻهو هجي ها، ته هن وقت تائين هو ايئر فورس جو چڱو خاصو آفيسر ٿي ريٽائر ڪري ها. ڪنهن ڪنٽري ڪلب يا گولف ڪلب ۾ ماڻهن کان ڪٽيل، پر آرامده زندگي گذاري ها، پر هن ’ڪرنل کي ڪو خط نٿو لکي،‘ واري ناول جهڙو ڪردار ٿيڻ بدران، سنڌ جي زرخيز مٽيءَ مان ڦولاريل سرنهن جي گل جيان اڀري، نکري ۽ نسري فقط انور پيرزادو ٿيڻ پسند ڪيو. هو ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ جي ڏينهن ۾، انگريزي اخبار ’دي اسٽار‘ جو سکر جو نمائندو هو. هن جي صحافتي لکڻين ۾ به اهڙو ته تخليقي عنصر هو، جو کيس هڪ رپورٽ جيڪا حسن مجتبى چواڻي، رت جي لائين بابت هئي، ان رپورٽ کانپوءِ کيس جيل حوالي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ هلندڙ آپريشن دوران جڏهن فوجي ٽرڪون، ’رت جي لڪير‘ ٺاهينديون، روڊ تان گذري، پنهنجي ٺڪاڻي طرف ويون ته انور ان جي ڀرپور منظر نگاري ڪئي، ائين ته انور جون صحافتي لکڻيون بيشمار آهن، جن کي آهستي آهستي سندس فرزند ڪتابي شڪل ڏئي رهيا آهن، پر انور جون لکڻيون صرف صحافت يا سياست تائين محدود ناهن. انور پيرزادو پنهنجي لکڻين عيوض جيل جو سختيون سهڻ کانپوءِ جڏهن ٻاهر آيو، ته هو ڀٽائي جي شاعريءَ جي نئين سر تشريح ڪرڻ لڳو. سياسي، نظرياتي ۽ صحافتي موڙن تي مليل مايوسين جو علاج کيس ڀٽائيءَ جي درتي نصيب ٿيو. اسان انور پيرزادي کي ڀٽائي جي شاعريءَ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي ٻڌو. اهو اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن جو دور هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران انور پيرزادو کان هڪ ليڪچر ڪرايوسين، ان ليڪچر ۾ انور ابڙو، قاضي آصف، محمد علي پٺاڻ، انور ڏنگڙائي، دادلو يا ناصر زهراڻي، حسن جوڻيجو ۽ ٻيا ڪيترائي شريڪ ٿيا. ان زماني ۾ آڊيو ٽيپ تي ريڪارڊنگ ۽ ياشيڪا ڪئميرا تي اسٽل فوٽو گرافي ڪندا هئاسين. انور پاڻ سان گڏ لُطف کي به اهو چئي وٺي آيو هو، ته لُطف پيرزادو ڀٽائيءَ جو حافظ آهي، ڪٿي ڪنهن ريفرنس ۾ منجهي به پيس ته ڀٽائي جو اهو بيت لطف ياد ڪري ٻڌائيندو. ان ليڪچر کان ڪجهه مهينا بعد ۾ انور ڏنگڙائي جيڪو خود هڪ پروفائيل جو مستحق پورهيت ليکڪ آهي، جنهن حيدرآباد ۾ منهنجي هڪ اخباري آفيس ۾، ان وقت جي اداڪاره شمع جوڻيجو کي چيڙائي وڌو هو، سو انور ڏنگڙائي ساڻ ڪري آئون ٻلهڙيجي پهتس. اسان ٻلهڙيجي ۾ لال شاهه واري مئخاني ٻاهران کٽ رکي، هڪ ئي کٽ تي ٽيئي ڄڻا ويٺاسين ۽ انٽرويو لاءِ ڪچهري ڪندا رهياسين. اها ڪچهري ايتري ته ڀرپور ۽ مزيدار رهي، جو اسان جي ٽيپ رڪاڊر جون ٻئي آڊيو ڪيسٽون ختم ٿي ويون، پر ڳالهه ٻولهه ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. انور کي مون هميشه خوددار پورهيت ليکڪ ۽ تخليقڪار جي روپ ۾ ڏٺو. هن وٽ هٿرادو وڏائي، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي اجايو فخر يا پنهنجي ڏات کي ذاتي پبلڪ رليشنز ۾ ٻارڻ طور ڪتب آڻيندي، ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. نوي جي ڏهاڪي ۾ وري جڏهن اسان جي اوجاڳن ۽ رولاڪين جون راتيون شروع ٿيون، ته انور ادبي، صحافتي توڙي ٻلهڙيجي واري برادريءَ ۾ ڪاڪو انور ٿي چڪو هو. ان ئي ڏهاڪي ۾ اسان پنهنجي رولاڪين ۾، ڪاڪي انور کي ڪڏهن ڀٽائي جي در ته ڪڏهن سچل جي ميلي ۾، سنگتين جي چوياريءَ ۾ ڏٺو هو. هو جبل جهاڳيندڙ ۽ درياهه اڪرندڙ من موجي ماڻهو هو. توهان کي سنڌوءَ جي مهاڙ ۾ به انور ملندو ته پڇاڙ ۾ ’ تمر‘ جي وڻن ۾ به ڪاڪو انور ملندو. هو آثار قديمه سان عشق ڪندڙ اهڙو ته الستي ماڻهو هو، جو ڪڏهن چوڪنڊي قبرستان ته ڪڏهن وري ڪاهوءَ جي دڙي تي بيٺل هوندو هو. سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ انور، توهان کي انقلابين جي ميڙ ۾ به ملندو ته لاهوتين جي سفر ۾ به ساڻن ساڻ هوندو هو. هو اهڙن اڙانگن گسن تي هليو، جنهن لاءِ ڀٽائي سرڪار چيو ته ”دودڪ دهليا جت، گوڏا هلن نه گس ۾“ يا جيئن سر ’سهڻيءَ‘ ۾ چيو اٿس، ’جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي،“ سو ڪاڪي انور جو سنڌ سان محبتن جو سفر، هر طرف هلندو رهيو، هو هڪ ئي وقت آرڪيالوجيءَ تي ڪنهن ماهر جيان ڪم ڪندو رهيو، هو کاٻي ڌر جي سياسي ٽيم جو حصو رهيو، هن شاعري به ڪئي، صحافت به ڪئي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪيو، پر هر عمل ۾ انور جو انداز تخليقي رهيو. انور پيرزادي جو ڀٽائي سرڪار سان عشق ايڏو ته گهاٽو ۽ گهرو هو، جو مون کي سندس ان محبت تي رشڪ ايندو آهي. انور پنهنجي آسپاس سنڌي سماج اندر اوچ نيچ جي انائن کي ڏسي، هڪ شاعر جي دل واري دانهن ڪئي ۽ هن ڀٽائي کي نياپو ڏيڻ لاءِ ان ئي”ميسينجر“ کي چونڊيو، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عاشق پنهنجي محبوب تائين نياپو پهچائڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. انور چيو: ’اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ،جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا،سا رات اڃا ڀي جاري آ،اڄ رات رنو آ رت ڦڙو،۽ تارا سور پٽين ٿا پيا،هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي،۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا،توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان،اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ! اهو عجيب شخص هو، جنهن ڀٽائي جي شاعريءَ جي نئين سر تشريح ڪئي ۽ ڀٽائي کي ئي مخاطب رهيو. انور اهو چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي، ته سنڌجي سورن ۽ دردن جو درمان ڀٽائيءَ جي در وٽ آهي. دانهين ٿجي ته اهڙي شاعر وٽ، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ کي لازوال حيات بخشي ڇڏي آهي. انور جي ڀٽائيءَ سان محبت يا مرشد سان حجت جو عالم هو، جو کيس دنياداريءَ ۾ ڪا به تڪليف ڪو ڏک پهچندو هو، ته انور ڀٽ شاهه ۾ هڪ ڪتاب رکرائي ڇڏيو هو، جتي هو پنهنجي انداز سان وڃڻ شرط ڪا نه ڪا سٽ لکي چوندو هو، ته مون ڀٽائي سرڪار جي ديس ۾ ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي آهي. اهڙي ايف آءِ آر جون ڪاپيون مونکي ان ڏينهن هڪ ڪتاب ۾ نظر آيون، جيڪو زرار پيرزادي مهرباني ڪري مون کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ڀٽ شاهه تي ڀٽائي سرڪار وٽ داخل ڪرايل ايف آءِ آرز ۾ هن جيڪا ايف آءِ آر، ملڪ الموت خلاف پنهنجي جوان پٽ جي ڪمهلي موت تي درج ڪرائي آهي، سا پڙهڻ کانپوءِ هر حساس دل جون اکيون آليون ضرور ٿينديون. انور پنهنجي لکڻين ۾ ڀٽائي سرڪار کي شاعريءَ جو ديوتا سڏيو آهي. انور جو اهڙو پيار سنڌ ديس سان ۽ اهڙي دانهن، ڀٽائيءَ در ٻڌي، مون کي پوري پڪ آهي ته سندس نالو سدائين روشن رهندو. هو سنڌ سان محبت ڪندڙ هر ان ٽهيءَ جي ٽهڪن ۾ زندهه رهندو، جن جو ويساهه آهي ته تخليقڪار، ڌرتيءَ تي فرشتن جي روپ ۾ اچن ٿا ۽ انياءَ خلاف وڙهندي پرين جي ديس اڏامي وڃن ٿا، پر سندن يادون خوشبوئن جيان گڏ رهن ٿيون. ڪاوش جي ٿورن سان
تن اکين اتان سک !!؟ – لطف پيرزادو انور پيرزادو جڏهن ننڌڙو هو ته سندس ماءُ هن کي گلو سڏيندي هئي،ان نالي هن جي شخصيت تي اهڙو ته اثر ڪيو جو، هي جوانيءَ ۾ دوستن جي ساٿ ۾ نشانبر ڪنهن بهترين آڳي يا اڳواڻ جيئان لڳندو هو،بلڪل ائين جئين هڪ نوڙيءَ ۾ پوتل اٺن جي قطار ۾ آڳڙ اٺ پنهنجي پوري شان سان پنهنجي قافلي جي اڳواڻي ڪندي نظر ايندو آهي،گلي لفظ جي معنيٰ به اها اٺن جي قطار يا وڳ آهي،انور پيرزادي ۾ هڪ ڳالهه تمام اعليٰ معيار جي موجود هئي، اها هئي ٻئي کي متاثر ڪرڻ ۽ جلدي پنهنجي راءِ سان سهمت ڪرڻ،هن وٽ لفظن جو اهڙو ته جادو هو، جو اڳلي کي ترت قائل ڪري وٺندو هو، نفسياتي طور تي هي هر ماڻهو جي چڱائين کي اهڙو ته اڀاريندو هو جو اڳلو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءَ مجبور ٿي پوندو هو، ان ماڻهو کي ائين لڳندو هو ته هن جنهن ڳڻ يا ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي مون ته ان تي ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو، مون هن جون ٻه ٽي اهڙيون ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون، جيڪي شايد ائين نه هجن ها، ان ۾ هن جي سوچ ۽ عقلي سگهه نروار هئي، فقير يار محمد کان آخري بيماريءَ جي حالت ۾ شاهه جي رسالي جي شرح لکائڻ هن جو وڏو ڪارنامو هو،ان ڪرت ڪري ڄڻ ته فقير سائين جي اڪيلائي ختم ٿي وئي، هن کي هڪ عجيب قسم جو اتساهه مليو،جو فقير سائين کان پنهنجي جسماني تڪليف ۽ ڪمزوري وسري وئي،سڄو ڏينهن ڪتابن جي مطالعي ۽ لکڻ ۾ گذاريندو هو،هونءَ به هميشه فقير لطيف جي بيتن تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندو هو،جن ۾ تاريخ، فلسفو، قرآن شريف ۽ حديث جا مثال ور ور ڏيندو هو،ان ڪثرت ڪري به شرح لکڻ هن لاِ آسان ٻڻي، ٻيو ڪارنامو اهيو ڏٺم ته هڪ ڏينهن پنهنجي گهر ۾ٿر جا ڪجهه فوٽو رکيو، انهن کي ڪئپشن ۽ ترتيب ڏئي رهيو هو،هي ڪجهه دوستن سان تازو تازو ٿر جو ڀيرو ڪري موٽيو هو، مونکي جڏهن اهي فوٽو ڏيکاريائين ته آئون، هڪ فوٽو هٿ ۾ جهلي گهڙي کن سڪٽي ۾ اچي ويس،پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه پيو اچي،ان فوٽو ۾ هڪ جوڙ دوست ڪارونجهر جبل تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هڪ پير مٿي رکي هٿ جي ٽيڪ سان پاڻ کي مٿي ڪري رهيو هو ، جڏهن انور مون سان ڳالهايو ته مون فوٽوءَ تان نظرون هٽائي کيس چيو ته هي تنهنجي وڏي ڪاميابي آهي، جو اهڙو ماڻهو جيڪو سڌي پٽ تي به ڏکيو گهمندو آهي،اهو جبل تي چڙهڻ لاءِ تيار ٿيو آهي، ٻئي دفعي وري هن جي گهر ويس ته کٽ ڦوٽن سان ڀري پئي هئي، اسٽار اخبار ۾ سسئي جي ميلي جي رپورٽ ۽ اهي فوٽو ڇپيل هئا،پاڻ سرهو ٿيندي ٻڌائيائين” اسٽار جي ايڊيٽر کي ڳالهه ڪيم ته سسئي جو ميلو آهي، هي سنڌي ثقافت جي هڪ وڏي فگر آهي،هن تي شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ پنج سر لکيا آهن، اهڙي طرح سسئي تي ليڪچر ڏئي هن کي قائل ڪيم ته هن ميلي جي رپورٽنگ ٿيڻ کپي. هن به جوان دير ڪانه ڪئي پئسا ڪڍرائي ڏنائين،ڊرائيور ۽ گاڏي ڏنائين، اجهو سسئي جو ميلو رپورٽ ڪري آيو آهيان “ ڪچهري ڪندي مون کي اڪثر چوندو هو ته، ” اوهان هي جيڪا بڪواس ڪري رهيا آهيو،ان کي لکندا وڃو،“ بس اهو ئي سبب هيو جو آءُ لکڻ ڏانهن مائل ٿيس،ڪچا ڦڪا جملا لکي سندس اڳيان رکندو هوس جن کي سوڌي سنواري مونکي ٻيهر اتارن لاءِ ڏيندو هو،آءُ ته صرف ان ڪري کيس هتان هتان جون خبرون ڪندو هوس ته هو انهن کي ڪٿي نه ڪٿي لکندو،پر هن مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو،ڳوٺ سڌار سنگت کي منظم ڪرڻ، ان جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ، سڀني دوستن کي همت ڏيارڻ ، پوليس،وڏيرن ۽ چورن خلاف سڄي ڳوٺ کي گڏ ڪرڻ ۾ هن جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي،جڏهن ته پاڻ اين جي اوز جي ڪردار ۽ پاليسين جو مخالف هيو، چوندو هيو ته” هن جهان ۾ ڪجهه وٺڻ ۽ ڏيڻ جو چڪر آهي،اسين وٺڻ جي ته پوزيشن ۾ آهيون پر ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.“ اخباري رپورٽنگ به ڏاڍي محتاط انداز سان ڪندو هو،مونکي به تاڪيد ڪندو هو ته اسانکي اهڙي رپورٽنگ نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اسان جو ڪردار هڪ مخبر يا چغل خور وارو بڻجي،سدائين هر ڳالهه جي مثبت پهلوءَ کي اجاڳر ڪندو هو،ڳوٺ جي نوجوان چورن کي چوندو هو، ته اوهين اهو ڌنڌو ڇڏيو ته اسين اوهان کي نوڪريون وٺي ڏيون. باقي وڏيرا اوهان کي ڪجهه ڪين ڏيندا، نه اوهان جي ٻارن جو ڀلو چاهيندا، اهي رڳو اوهان جي ضمانت به ان مقصد سان ڪرائيندا ته، جيئن اوهان انهن جي منشا موجب ٻيهر ڏوهه ڪري سگهو. ڳوٺ جي ڪيترن بيڪار ۽ اوباش نوجوانن کي هن ڪارائتو ۽ لاڀائتو ڪري ڇڏيو. جيڪي اڄ سماجي اڳواڻ طور ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. بس پارس هيو، جنهن سان پاسو لڳندو هوس، ان کي سون ڪري ڇڏيندو هو. هن ۾ جهول، محنت ۽ اورچائي جا گڻ اعليٰ پئماني تي موجود هئا. هميشه پنهنجي ذهن کي مثب انداز سان استعمال ڪندو هو، ڪڏهن به خرابات يا تخريب کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنائين. هر معاملي ۾ محتاط ۽ هر ڳالهه تي ڏهه دفعا سوچي پوءِ ڪو فيصلو ڪبو. فيصلو به اهڙو ڪبو، جنهن سان پاڻ متفق هجي، جنهن سان دلي سڪون ملي، ڪنهن به اڻ تڻ ۾ الجهڻ وارو نه هيو، پاڻ بنيادي طور انگريزي ادب جو شاگرد هيو ۽ مطالعو به انگريزيءَ ۾ گهڻو هوس، مارڪسي ۽ لينن لٽريچر به خوب پڙهيو هئائين. جڏهن سنڌي ادب ۽ شاهه جي رسالي ۾ منهن وڌائين ته هن جي ڪايا پلٽجي وئي. کيس سنڌ جو عشق آرڙهه جي چڻنگ جيئان لڳي ويو. سنڌ کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ لطيف جو گس وٺي سيلاني بڻجي ويو. جبل، ٿر، سمونڊ، درياهه، واهڻ، شهر، ڍنڍون، ڍورا سڀ ڏوري پنهنجي اکين پسيائين. لطيف جو رنگ هن تي اهڙو چڙهيو، جيئن استاد منظور علي خان چوندو هيو ته ”جيئن ڪاري ڪپڙي تي ٻيو رنگ ناهي چڙهندو، تيئن اسان تي لطيف کان سواءِ ٻيو رنگ نٿو چڙهي.“ هوبهو ان طرح هيءُ به لطيفي رنگ ۾ رنڱجي ويو. لطيف کي مهاگرو سڏيندي چوندو هو ته، اسان کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سمجهڻي هجي ته پوءِ لطيف کي ئي پڙهڻو پوندو، ان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن وٽ اهڙي معلومات ڪونهي. ان حوالي سان دعويٰ ڪندو هو ته جيڪڏهن لطيف رسالو نه ڇڏي وڃي ها، ته سنڌ اڄ جيئان هڪ ايڪائي ۾ متحد نه هجي ها، اهو ئي سبب آهي جو هڪ مضمون جو عنوان ئي رکيو هئائين. ”ڀٽائي سنڌ جو وحدت الوجود“. لطيف پنهنجي رسالي ۾ سنڌ جي پنجنئي طبعي حصن جي ٻولي، ثقافت ۽ ڪلچر کي لڪجاءِ ڪري سنڌ کي هڪ وحدت بڻائي ڇڏيو آهي. انور چوندو هو ته، گروءَ جي طريقت ڏکي آهي، هن جي جتيءَ ۾ ڪنهن جو پير نٿو پئجي سگهي. اڪثر ڪري هسي بيت پرهندو هو. ڪنهن چيوئي پاءِ، پير پريان جي پير ۾، سيڻن ستورُ سُهاءِ، تون سکن جون سڌون ڪرين. بدر ابڙي، سنڌو وهندو رهيو، ۾ هڪ جاءِ لکيو آهي ته جتي به پهچندا هئاسين ته سڀني کان اڳ ۾ انور اتان جي ماڻهن کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو، انهن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو. ڄاڻڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي، هن ۾ ايتري ته تانگهه ۽ تڙپ هئي جو، جڏهن ڪا ڪم جي ڳالهه ٻڌندو هو ته هڪدم پنو پين ڪڍي، ان ڳالهه کي لکي ڇڏيندو هو، يا ٽيپ رڪارڊر ۾ ٽيپ ڪري ڇڏيندو هو. هن جون اهڙا نوٽس وٺڻ واريون پرچيون اڄ به محفوظ آهن. ڪابه معلومات وٺڻ ۾، ڪڏهن به پنهنجي گهٽتائي محسوس نه ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هي علم جو ڀنڊار بڻجي ويو. جنهن ڳالهه جي هن کي خبر نه هوندي هئي يا ڪنهن لفظ جي هن کي معنيٰ نه ايندي هئي، ته اها معلوم ڪرڻ ۾ جهجهڪ نه ڪندو هو، نه وري ان ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجهندو هو، مونکي پڻ اهڙي هدايت ڪندو هو ته، شاهه جي استعمال ڪيل لفظن جي ڌُڪي ئي معنيٰ نه ڪر، انهن کي ڇنڊي ڇاڻي، انهن جي باري ۾ سهي معنيٰ معلوم ڪجي ته پوءِ ئي لطيف جي ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهه ۾ ايندي ۽ ذهن ۾ وهندي. وائي ورائي ونگڙي، ڪاجا ڪيائون، ورُ وائيءَ جو لهين يا ساپر پروڙڻ داکڙو. لطيف جي ٻوليءَ سان اهو اصول واڳيل آهن، ڇو ته هن جي ٻولي ٻجهارت آهي، هي فنڪار پنهنجي ڳالهه اشارن ۽ ڪناين ۾ ڪندو آهي. انور صاحب وٽ ڪيترن ئي سالن جا، سڀني اخبارن جي ڪٽنگ جا فائيل پيل آهن، جن ۾ لطيف، سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، ڌاڙيل، موهن جو دڙو، ڪارو ڪاري وغيره جي نالن تي اهي محفوظ آهن. انور لٽي ڪپڙي، کاڌي پيتي جو ڏاڍو شوقين هيو، هر وقت پاڻ کي ٺاهي رکندو هو، جنهن ڪري هن جي شخصيت ۾ ڇڪ محسوس ٿيندي هئي ۽ ڏسڻ واري کي متاثر ڪندو هو. هن ۾ لٻاڙ ۽ پاڻ پڏائڻ واري عادت بنهه ڪانه هئي، هو سدائين ٻين کي پڏائيندو هو، انهن کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پنهنجي تشريح ۽ نيڪيءَ کان ونءُ ويندو هو. هن کي هميشه اهو الڪو دامن گير رهندو هو ته ڪٿي ڪير اهو طعنو نه ڏئي ته ”انور پاڻ کي ڪئش ڪرائي رهيو آهي. سندس اهڙي گڻ تي مونکي ڪامريڊ سجاد ظهير جا اهي لفظ ياد ايندا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڪتاب ”روشنائي“ ۾ لکيا آهن. ”خود پرستي ۽ رجعت پرستيءَ جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو تعلق آهي، جيڪو شخص پنهنجي ذات ۾ قيد آهي، اهو ڪڏهن به ڪنهن کي فيض ڏئي نه سگهندو. ڇو ته هو پاڻ مان ئي واندو ناهي ٿيندو جو ٻئي لاءِ سوچي.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي سدائين بالويشيڪ چوندو هو، جيڪا ڳالهه مونکي ان وقت سمجهه ۾ نه ايندي هئي، پر پارٽي ٽٽڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڪيترائي دوست ڪراٽسڪائي، موقعي پرست ۽ وغيره هوندا هئا. تن اکين اتان سک، کلي کڻن جي پرينءَ پاٻوهڻ سين، دور ڪيا سڀ ڏک، ماڻهن ليکي بک، سامي سور سنها ڪيا. (شاهه)
انور پيرزادو جنهن تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو – شبير شر اسان جو يار، اسان جو ساٿي، لطيف سرڪار جو عاشق، جاني انور پيرزادو ڏاڍو ياد ايندو آهي، هن جون ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاصيتون آهن، ڪي هن جي ٽهڪن ۾ ته ڪي هن جي انداز بيان ۾، هو ڳالهائڻ شروع ڪندو ته محفل ۾ ويٺل جملي سنگتي خاموش ٿي هڪ ٽِڪَ ٻڌي اکيون کپائي هن کي غور سان ٻڌندا رهندا. ڪوبه وچ ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي ڀُلَ به نه ڪندو ته ڪٿي هن جو تسلسل نه ٽٽي پوي. انور جڏهن 2004ع ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ ڪامريڊ غلام حسين شر جي وفات تي تعزيت ڪرڻ آيو ۽ هن بُڪ تي جيڪو تعزيتي نوٽ هنيو اهو به شاهڪار آهي .هن لکيو ته ”هيءُ ماڻهو (ڪامريڊ غلام حسين شر) قزاق هو، خانا بدوش هو، هن جا وڏا ڪٿان کان پنڌ ڪندا، مارا ماري ڪندا هن ڌرتيءَ تي پهتا ۽ هن ڌرتيءَ جا سچا پٽ ثابت ٿيا. هيءَ ثقافت، سڃاڻپ ۽ تاريخ لاءِ وڙهندي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي هي جهان ڇڏي ويو.“ ڀاءُ ڪامريڊ غلام حسين شر جي وفات بعد ڪي اهڙا دوست هئا ۽ آهن، جن کي ڏسي آٿت ايندي هئي ۽ آهي ته هو پاڻ نه آهي ته هن جا دوست ته نظر اچن ٿا. هن جي سڪ پوري ڪندا رهن ٿا. ڪامريڊ غلام حسين شر هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ ناٿا خان ڳوٺ ۾ رهندڙ اسان جي پراڻي يگاني ڪامريڊ، ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادي وٽ رات رهيا، ڪامريڊ غلام حسين ان زماني ۾ ضياءُ الحق جي مارشل لا خلاف جلوس ڪڍڻ، جلسا ڪرڻ ۽ پمفليٽ ورهائڻ جي ڪيترين ايف آءِ آرس ۾ ايجنسين کي گهربل هو، منهنجو ٻيو ڀاءُ لياقت علي (هاڻ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ) بيروزگار هجڻ سبب روزگار جي ڳولها ۾ ڪراچي ويل هو، مان ان وقت گلستان شاهه عبداللطيف اسڪول ۾ نوڪري ڪندو هيس. لياقت عليءُ کي بيروزگاريءَ سبب رهڻ جو مسئلو هو، سوبه اسان جي يگاني يار انور پيرزادي جي ويجهو مائٽ ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادو جي جاءِ تي وڃي رهيو. جيئن ته عبدالرحيم جو وڏو فرزند زلف (هاڻوڪي صحافي) ۽ لطف تازو ئي جيل ڪٽي نڪتا هيا، عبدالرحيم پيرزادو جو گهر ڪامريڊن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي چڪو هو ۽ ايجنسين جي به نظر تي اچي چڪو هو. مان صبح جو گلستان شاهه عبداللطيف اسڪول ۾ نوڪري تي هيس ته انور جو ٻيو نمبر فرزند زرار پيرزادو جيڪو ان وقت چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، هو شرميلو هجڻ سان گڏوگڏ گهڻو ڪري چپ چپ رهندو هو، هو مون وٽ آيو ۽ هڪ پرچي ڏني، پڇيومانس ته ڪنهن ڏني آهي، چيائين ”انور“ ايئن چئي هليو ويو. انور جا سڀئي ٻار زبير پيرزاي سميت انور سان دوستن وانگر ڳالهائيندا هيا ۽ سندس نالو کڻندا هيا.، نئون ماڻهو ايئن سمجهندو هو ته هي ٻار مائٽن مان هوندس يا پاڙي وارا، ننڍي ۾ ننڍو زيد هوندو هو، اهو به انور سان هجائتو هوندو هو. انور جي اها ئي ته خاصيت ۽ خوبي هئي ته هو پنهنجي اولاد کي دوست ٺاهي رکندو هو. اهو ئي سبب آهي ته سڀ اولاد اسان وانگر سندس دوست رهيا ۽ آهن. مان چٺي کولي پڙهي جنهن ۾ لکيل هو ته رات رات ڊاڪٽر (عبدالرحيم) جي گهر مان تنهنجن ٻنهي وڏن ڀائرن (غلام حسين شر ۽ لياقت علي شر) کي عبدالرحيم ۽ ان جي آڪهه سميت ايجنسيون گرفتار ڪري کڻي ويون آهن. گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، مان هڪ ڊرامو ڪيو آهي جي فٽ ويو ته ٻئي همراهه آزاد نه ته هڪ ته ضرور آزاد ٿيندو. مان پريشان ٿي ويس، انور ان وقت سوويت يونين تي قونصل خاني ۾ ملازم هو، مون ڪلاس ۾ وڃي زرار کان پڇيو انور هن وقت گهر هو يا نوڪري تي هليو ويو، هن وراڻيو نوڪري تي هليو ويو هو. مان سڄو ڏينهن بيچيني سان انتظار ڪندو رهيس. شام جو هن جي گهر ويس، پريشان ڏسي هو کلڻ لڳو، چيائين ته چٺيءَ ۾ مان جيڪو لکيو تو ان تي عمل ڪيو يا نه. مان چيو مان ڳوٺ نياپو ڪري ڇڏيو آهي ايئن ئي ٿيندو. هن، ڊرامي جو جڏهن ٻيو رخ ٻڌايو ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو. هو ڪنهن طرح سان منهنجي ٻنهي ڀائرن ڪامريڊ غلام حسين شر ۽ لياقت علي شر سان رابطو ڪرڻ ۾ ترت ڪامياب ٿي ويو هو ۽ هنن کي چئي موڪليو ته ڪامريڊ غلام حسين لطف يا ڪنهن ٻئي نالي سان پيرزادو آهي ۽ ٻلهڙيجي جو رهندڙ آهي. لياقت شر کي چيو ته هو ڪنهن به قيمت تي اهو نه چوي ته اهو مٿي ڪوڙيل همراهه (ڪامريڊ غلام حسين شر) ڪو سندس ڀاءُ آهي. منهنجن ڀائرن جي اها دعويٰ ايجنسين لاءِ چئلينج بڻجي وئي، هنن ٻه آفيسر روانا ڪيا، جن سان هڪ کي ٻلهڙيجيءَ ۽ ٻئي کي سينگهو فقير شر موڪليو ته اهي معلوم ڪن ته هي گرفتار همراهه ڪهڙي ڳوٺ جو آهي. انور مون کي چيو آفيسر روانا ٿي ويا آهن، توهان جا ڳوٺ وارا کين ٻڌائن ته ٿوري دير اڳ ۾ ڪامريڊ غلام حسين ٻاهر نڪري ويو آهي، اتي هيو. ٻلهڙيجيءَ ۾ ڪامريڊ گلاب پيرزادو کي، ڪامريڊ غلام حسين شر جي وارث جو رول ڏنو، جڏهن آفيسر ٻلهڙيجي پهتو ته گلاب پيرزادو پنهنجي عورتن سميت روئندو ٻاهر نڪتو، اسان جو بيگناهه مسڪين پڪڙيو آهي، هتان روزگار لاءِ ڪراچي ويو، اسان جو شرن سان ڪهڙو واسطو ر ته ڌاڙيل ٿيندا آهن، اسان مسڪين ماڻهو! ٻيو آفيسر اسان جي ڳوٺ پهتو ته اتي انور پيرزادي جي گهڙيل ڊرامي جا ساڳيا ڊائلاگ مليا ۽ و اتان رپورٽ کڻي پهتو ته هڪ آفيسر چيو، کيس يقين آهي ته هي ته ڪامريڊ غلام حسين شر آهي، ان تي هن جي برابر جي رينڪ جا جاچ ڪري ايندڙ آفيسر به اٽڪي پيا ته هنن به غلط جاچ نه ڪئي آهي هو وڏي تياريءَ سان مختلف روپ ڪري جاچ ڪري آيا آهن. جنهن جي بنياد تي منهنجي ٻنهي ڀائرن کي 15 ڏينهن بعد آزاد ڪري ڇڏيو، لياقت علي ته آزاد ٿي وڃي ها پر ڪامريڊ مون جيان ڪافي سال جيل جي سزا ضرور ڀوڳي ها. مان شام جو انور وٽ ويس هي تو ڊرامو ڪيئن ڪيو، انور شربت جو گلاس اڳيان رکندي اسلم آزاد کي چيو، شر کي چئه ته انب کائيندو ڪري کوکڙيون نه ڳڻيندو ڪري. ان تي اسلم آزاد چيو، شر! انور به چي گويرا کان گهٽ ناهي. مون هن جهڙا حاضر دماغ ۽ دلير ماڻهو گهٽ ڏٺا، هيءُ بيروزگاريءَ جي صورت ۾ به ڪڏهن به پريشان نظر نه آيو، چوندو هو ته صحافي ڪڏهن بيروزگار نٿو ٿي سگهي. او، ڀل وڃي جهور ڪراڙو ٿئي، تڏهن به پروف پڙهي روزگار ڪندو رهندو. بس پڙهندڙ پاڻ انڌو نه ٿئي. ايئن چئي وڏو ٽهڪ ڏيندو هو جيڪو اڄ به منهنجن ڪنن ۾ گونجي ٿو. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽن عظيم شخصيتن کان متاثر ٿيو آهيان، منهنجون ملاقاتون ته تمام گهڻين مشهور ۽ مصروف شخصيتن سان ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ سائين شيخ اياز، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، رسول بخش پليجو، جمال نقوي، ڪامريڊ امام علي نازش، شهيد فاضل راهو، شهيد علي احمد ڏاهري، امان الله چانڊيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي شهيد نذير عباسي وغيره، هنن سڀني سياسي تربيت ۾ ضرور منهنجي مدد ڪئي پر اولاد سان دوستاڻو رويو مون ٽن شخصيتن مان سکيو. نه رڳو سکيو پر ڪوشش ڪيم ته مان به پنهنجي اولاد سان دوست وانگر هجان. هاڻ اهو اڳتي هلي منهنجي اولاد ٻڌائيندي ته مان ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهيو آهيان. اهي ٽي شخصيتون آهن شهيد فاضل راهو، جمال الدين ابڙو ۽ انور پيرزادو. اسان جيل ۾ هوندا هئاسون ته جڏهن به شهيد فاضل راهو سان سندس اولاد ملڻ ايندي هئي ته هو هنن سان هٿ ۾ هٿ جهلي ايئن بيهندو هو ڄڻ ڪي فاضل دوستن سان بيٺو آهي. مرحوم صديق ته جهڙو شهيد جو ننڍو ڀاءُ لڳندو هو. بهرحال جن شخصيتن کان مان اولاد سان رويو رکڻ جي سلسلي ۾ متاثر ٿيس، انهن ۾ اهي مٿي ڄاڻايل اسان جا بزرگ دوست هئا، انور سان سندس وڏي پٽ زبير کان ويندي زرار، زيد ۽ امر تائين سڀ انور سان دوستن وانگر ڳالهائيندا هيا. مان جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ سندس گهر ويس ته اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته هيترا ورهيه گذري ويا آهن پر زيد اوترو ئي اوترو ۽ اونئن ئي انور کي تنگ ڪري رهيو هو. مان بيزار ٿي چڙ ۾ انور کي چيو ته انور مان اٺ سال جيل ڪٽي آيس پر زيد نه وڏو ٿيو نه سڌريو. انور پنهنجي مخصوص انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ان وقت مرحوم هدايت منگي ويٺو هو، تنهن کي مخاطب ٿي چيائين ته هدايت اسان جا ڪامريڊ جيل ڇا ويا ڄڻ هنن لاءِ زندگي بيهي رهي، هي اٺن سالن کان پوءِ آيو آهي ته سمجهي ٿو زندگي اتي جو اتي هوندي جڏهن هي جيل ويو هو ته زيد اٺن سالن جو هو هاڻ هو 16 سالن جو جوان آهي. مونکي چيائين ته هوڏانهن ڏس مان ڪنڌ ورائي ڏٺو ته زرار جيان هڪ شرميلو ڇوڪر ڪتاب پڙهي رهيو هو. انور ٽهڪ ڏئي چيو شبير هي زيد ناهي هي امر آهي. زيد هو ويٺو آهي. انور سدائين يارن جي محفل گهر جي ڇت تي ڪندو هو، تنهن زماني ۾ ڪراچي جي سانوڻ جي موسم ڏاڍي قاتل موسم هوندي هئي. مئي کان وٺي آگسٽ تائين ڪراچي تي ڪارا بادل ڇانيل رهندا هئا ۽ هلڪي هلڪي بوند وسندي رهندي هئي. شام جي وقت اهڙي موسم ۾ انور مئي جا مٽ کڻي پنهنجي گهر جي ڇت تي هلي ويهندو هو ۽ سڀ سنگتي، تاج بلوچ، هدايت منگي، اسلم آزاد، مصباح اسراڻ، عبدالرحمٰن نقاش ۽ ٻيا دوست اچي هن جي ڇت تي ڪٺي ٿيندا هئا. ان دوران اسان جو ننڍڙو ۽ پيارو دوست زبير جيڪو ان وقت اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پڙهندو هو. ايندو ۽ ايندي ئي انور جو گلاس کڻي پي ويندو هو. اسان اهو منظر ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين ته هي ماڻهو ڇاهي. جڏهن ڪجهه دوستن چيس ته هيءُ ٻار آهي هن کي خراب نه ڪر. تڏهن انور چوندو هو. ته توهان شادي ڪيو ۽ زبير جهڙو اولاد ٿيوَ ته پوءِ خبر پوندوَ ته اولاد ڪيڏو پيارو هوندو آهي. مان هن کي خراب نه پر ٺاهيان ٿو. واهه هي هو انور پيرزادو جنهن اولاد کي پنهنجو دوست بڻايو. منهنجي ته اڄ ڏينهن تائين انور پيرزادو بڻجڻ جي حسرت رهي آهي. انور تي لکڻ لاءِ مون وٽ انيڪ مواد آهي پر هي مختصر ليک انور جي ورسيءَ جي موقعي تي لکي سگهيو آهيان. دعا ڪجو ته وڌيڪ لکڻ جو وقت ۽ همت ملي.
انور پيرزادو: سنڌ جي انسائڪلوپيڊيا عباس ناصر (ڊان جو اڳوڻو ايڊيٽر) مون سڀني کان پهريون انور پيرزادي جي قداور ۽ حسين شخصيت 1984ع ۾ اسٽار اخبار جي آفيس ۾ ڏٺي هئي. ان کانپوءِ ڪيترن ئي سالن کان وٺي، ڊان اخبار ڇڏڻ کان ڪجهه سال اڳ تائين اسان هر هفتي اسٽار جي آفيسر ۾ ملندا هئاسين، انور پيرزادو تمام وڏو دانشور هُيو. اسان جون سنڌ جي سياست، شاهه سائين جي ڪلام، شيخ اياز، ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ سُُڪارايستائين جو ڪچي جي ڌاڙيلن تي گمام گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي اثرائتي شخصيت متاٿر ڪندڙ هوندي هُئي. ۽ هن جي سڀني شين جي باري ۾ ڄاڻ ۽ خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان Encyclopedic هوندي هُئي. هو ٿورو شرميلو هوندو هيو پر ڪڏهن به مغرور نه هوندو هو، جيئن ڪيترائي هوشيار دانشور ۽ قابل صحافي هوندا آهن. هو هر ان ماڻهو جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو جيڪو هن کان ڪجهه لکرائڻ لاءِ رابطو ڪندو هُيو. مان ذاتي طور اهڙن ڪيترن ئي صحافين کي سڃاڻان ٿو، جن پنهنجو مقام سنڌ جي ماهر طور فقط انور پيرزادي جي فراخدلانه هدايتن جي ڪري ٺاهيو آهي. هن جي مُرڪَ هن جي انداز بيان (ڳالهه ڪرڻ جي انداز) وانگر ڏاڍي پياري هُئي. هو سنڌ جو اهڙو فخر لائق پٽ هيو، جنهن جي وڇوڙي اسان ۽ سنڌ امڙ کي بنهه ويران بڻائي ڇڏيو آهي. اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو مان انور کي پنهنجي اهڙي ساٿي جي حيثيت ۾ سڃاڻان ٿو جيڪو تمام گهڻي عزت ۽ مانَ جي لائق هو. هن جي سڄي زندگي حاصلات سان ڀريل هُئي. اڄ به جڏهن مان هي سٽون لکي رهيون آهيان ته هن جو مسڪرائيندڙ چهرو، گهاٽيون مُڇون ۽ سنڌي ٽوپي منهنجي تصور آڏو تري ٿي اچي، انور پيرزادي سائين اوهان کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو.!!
انور پيرزادو: سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”انور پيرزادي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، 25 جنوري 1945ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش امام بڻيو. انور پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سويرو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي. ننڍپڻ ۾ شيخ اياز جو ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهندو هو. هن 1955ع تائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، پوءِ اٽڪل ڇهه ڪلو ميٽر پنڌ يا سائيڪل تي وڃي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انور 1963ع کان 1968ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، موهن جي دڙي اسڪول، ٽڳڙ باغبان (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شيرمحمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو. انور، ٽڳڙ باغبان ۾ ٽيچر هجڻ دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي اوطاق ۾ رهندو هو. اُن وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ’برسات‘ ۾ ”وڏيري جي اوطاق مان“ عنوان سان لکيل ڪالمن ۾ ڪيو آهي. انور 1969ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1970ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي پشاور سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. انور جو ڏوهه اهو هو ته هن بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ”20 صديءَ جو عظيم جنگجو“ قرار ڏنو هو. فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. انور لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا، تنهنڪري امرجليل جي سفارش سان کيس هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب، ان سال ئي ”ڊان“ اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. آر. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“، ”برسات“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو. انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار به هو. هوچي من جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا، جن ۾ ”تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي“ (فيڊرل ڪاسٽرو جي تاريخي تقرير) ۽ ”شاهه جي رسالي جو سماجي مقصد“ اهم آهن. هيل تائين سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”متان وساريو“(2007ع)، ”سنڌ“ (ڊسمبر2008) ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سندس ڪتاب ”Sindhi Language and Literature A brief account“ پڻ ڇپجي چڪو آهي. پاڻ 7 جنوري 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي آهي. انور پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1973ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جُو صحافي رهيو آهي. هن نومبر 1989ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. ٿر ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هُو تاج بلوچ، بدر ابڙي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، هدايت منگي، ڪيهر شوڪت، ستار پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي کي گهڻو ويجهو رهيو. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، موهن جو دڙو ۽ ٿر هئا. انور پيرزادو: سنڌ جي انسائڪلوپيڊيا
انور پيرزادو سنڌ جو ذهن ٻار هو، جنهن نه رڳو اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان جهڙو تاريخي نظم سنڌ جي جهول ۾ وڌو، پر هن سنڌ جي قدامت تي تحقيق ڪري ڪيترائي ناياب ڪتاب اسان کي مهيا ڪيا، هو حساس انسان، عالمي پايي جو محقق ۽ عظيم شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سچو ساميوادي هو، جنهن صحافتي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو، هميشه حق جو هوڪو ڏيندي، پنهنجي ضمير جي چئي تي سنڌ لا جاکوڙيندو رهيو.
انور پيرزادو : سندس ورسي ڀٽائي جي سمورن سُرن جو محور عاجز جمالي مون اڃا سندس اُهو مشهور نظم ڪو نه پڙهيو هو، جنهن جي ادبي لڏي ۾ هاڪ هُجي پر مون کيس پهريون ڀيرو ان مزار جي اڱڻ تي پنهنجي ٻن يارن سان گڏ ڏٺو، جڏهن هُو مزار جي اڱڻ تي ويهي سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو، بعد ۾ هُو اتان اٿي اچي مزار جي اندر ڀٽائي جي راڳين وٽ ويهي رهيا. هي ٽئي همراهه ڪامريڊن جي ٻاراڻي تنظيم ساٿي ٻارڙا سنگت جي ڪنوينشن ۾ آيل هُئا. سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر سان واڳيل هر نوجوان سنڌ جي هنن ٽنهي ڪردارن کي وڏي احترام سان ڏسندو هو، پر انهن هزارين نوجوانن منجهان مون سميت سنڌ جا ڪجهه اهڙا نوجوان هُئا، جن اڳتي هلي سنڌي صحافت ۾ پير رکيا، اها اسان جي خوش قسمتي هئي جو ڄاڻايل ٽنهي شخصيتن جي ويجهڙائپ ۽ قربت نصيب ٿي. ان کانپوءِ مون کي سندس نظم ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ“ سمجهه ۾ اچڻ لڳو. انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري ۽ بدر ابڙو اهي ئي ڪردار هُئا جيڪي سنڌ ۾ انقلاب جو رومانس رکندڙ نوجوانن لاءِ ديومالائي ڪردارن جهڙي حيثيت رکندا هئا، بعد ۾ ڀلي انقلاب آدرش جا خواب چڪناچور به ٿيا هُجن پر ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ مان سنڌي صحافت جو انقلاب برپا ٿيو. لياري جي چاڪيواڙي جي هڪ ننڍڙي آفيس مان جيڪا اخبار نڪتي هي سڀ ڪردار ان ۾ گڏ هئا. سچ ته مون پنهنجي 22 سالن جي عملي صحافتي زندگيءَ ۾ جيترا به وڏا صحافي ڏٺا اُهي انهيءَ اخبار ۾ ئي ڏٺا. سهيل سانگي، عبدالرحمان نقاش، امداد اوڍو، حسن مجتبيٰ ۽ تڏهوڪا سمورا وڏا ڪالم لکندڙ، ڪمپيوٽر تي نڪرندڙ پهرين سنڌي اخبار جي سٿ ۾ ”جوهي“ کان نمائندي جي صورت ۾ شامل ٿيس. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. شاعريءَ جو شوق رکڻ وارو ماڻهو لکڻ ڏانهن مائل ٿيندو آهي. شاعريءَ کان شروعات ڪري صحافت تائين پهچي ماڻهو ”ادب“ جي ميدان مان وڃائجي وڃي ٿو. ”جوهي“ مان عراق، ڪويت جنگ دوران عراق تي آمريڪي حملي بابت مون جڏهن بيت لکيا ۽ لفافي ۾ وجهي ٽپال وسيلي پنهنجي اخبار تائين پهچايا. هڪ ڏينهن منهنجون اکيون دنگ رهجي ويون ته اخبار جي پهرين صفحي (فرنٽ پيج) تي منهنجا اهي بيت ٽئين دور جو ڪيڏارو جي عنوان سان ڇپيل هُجن. صحافت ۾ ان قسم جي نواڻ ڪو شاعراڻو مزاج رکندڙ ايڊيٽر ئي آڻي پئي سگهيو. مون کي ٻن سالن کانپوءِ اها خبر پئي هئي ته هي ايڊيٽر ڪو ٻيو نه پر ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ“ جو خالق انور پيرزادو هو. بعد ۾ ان ساڳي اخبار ۾ نوڪري ڪرڻ سبب مرحوم انور پيرزادي سان ويجهڙائپ ٿي. جيڪڏهن هيئن چئجي ته اسين کائنس گهڻو ڪجهه سکيا آهيون ته غلط نه ٿيندو. اسان جي صحافي دوستن جي لڏي منجهان انور ابڙو، مان. همسفر گاڏهي، الهه بخش راٺوڙ، معصوم ٿري، اڪثر انور صاحب جي ڪچهرين ۾ وهيندا هئاسين. ڳوٺاڻي ماحول مان ڪراچي آيل مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان اهم پهلو انور صاحب ۾ ”ڪچهريءَ جو ڪوڏيو“ هُجڻ هو. شاعري، ادب، ڀٽائي، سياست ۽ دنيا جي هيڏانهن هوڏانهن جا موضوع، گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، اسين سڀ دوست پنهنجي هن محترم استاد کي اڄ ”انور صاحب“ چوندا آهيون. اهو لفظ چئي مان اڄ به پاڻ کي ذهني طور انور صاحب جو ماتحت تصور ڪندو آهيان. مون کي ائين لڳندو آهي ته ”متان وساريو“ جو ڪلاس اڄ به جاري آهي. سندس لکيل تحريرن منجهان اڄ به اسين گهڻو ڪجهه سکي رهيا آهيون. هُو اڄ به اسان جو ”ايڊيٽر“ آهي ۽ دُعا آهي ته هُو سڄي حياتي ان رشتي جي ناطي اسان کي سيکاريندو رهي. جسماني طور موجود هُجڻ منهنجي نظر ۾ ايڏي معنيٰ ڪانه ٿي رکي، جسماني طور ته اسان وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت شهيد، ڪارل مارڪس، شيڪسپيئر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ناهن، پر ڇا دنيا اڄ تائين کانئن سِکي ڪانه رهي آهي؟ مون رات جو هِن صحافتي استاد بابت سندس ستين ورسيءَ تي لکڻ جو ارادو ڪري شاهه جو رسالو کنيو. ڇو ته انور صاحب به پاڻ کي ڀٽائي جو شاگرد سمجهندو هوندو، وري سوچيم ڀٽائي جي ڪهڙي سُر ۾ انور پيرزادي کي ڳوليان، جيڪو مٿس صفا ٺهڪي اچي. کاهوڙي، ڪيڏارو، رامڪلي، سارنگ، گهاتو، مارئي، ڪوهياري، يمن ڪلياڻ، سامونڊي، سسئي، ڪاپائتي، ڏهر، بلاول، شاهه لطيف جا هيڏا سُر مون کي هر سُر ۾ ”انور“ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکيل ملي ٿو. سوچيان پيو هي ڇا ماجرا آهي. شايد ان جو اِهو ئي جواب آهي ته هي تحقيق جو ڪم آهي. انور پيرزادي جو اولاد صالح آهي، جنهن گذريل ستن سالن ۾ اسان جي دوست جا لکيل ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي پنهنجي صالح هُجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ اسان پڙهندڙن تي وڏي مهرباني ڪئي. مون لاءِ انور صاحب ۾ اُتساهه جو ٻيو نقطو سندس شانائتي انگريزي ٻولي هُجڻ آهي. ظاهر آهي ته هُو ايئرفورس جو آفيسر هو، مٿس ڪورٽ مارشل ڪري کيس سزا ڏني وئي هئي، پر اُن سزا مان سنڌي ٻوليءَ جو باغياڻو ادب سرجيو، جنهن هن ملڪ ۾ عوام تي ڏاڍ ڪندڙ رياست کي شيخ اياز جي لفظن ۾ هي احساس ڏياريو ته: ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان. شيخ اياز جي وڇوڙي تي سنڌ جي شعور وڏو صدمو محسوس ڪيو هو، انور صاحب به ڏاڍو ڏکارو هو. ڪراچيءَ کان ڀٽ شاهه تائين شيخ اياز جي مڙهه جي قافلي ۾ مان به شريڪ هُئس، مان مرحوم قمر شهباز جي گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ هئس. اياز جي قبر تي انور صاحب مٽي وجهي رهيو هو. شيخ اياز جي تدفين بابت انور لکي ٿو ته، ”قبر جڙي راس ٿي، هڪ مُلان آيو، دعا گهريائين، سڀني هٿ مٿي کنيا ۽ ڪجهه لمحن کانپوءِ هيٺ ڪري ڇڏيا، اياز جي اسلامي تدفين مڪمل ٿي وئي. مون کي مدن فقير ياد آيو، جنهن کان ڀٽائي پڇيو ته تون ڪير؟ مان ڪير؟ ته چيائين تون ڌوڙ ته مان ڇائي، ڀٽائي جي فقيرن جڏهن مدن فقير کان وضاحت طلب ڪئي ته هُن وراڻيو مان مرندس ته هندن جي حوالي ٿيندس، مون کي ساڙي رک ڪندا، ڀٽائي مرندو ته مسلمانن جي حوالي ٿيندو جيڪي هن کي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح مٽي، مٽيءَ سان ملي ويندي“ نه رڳو اياز پر انور صاحب سنڌ جي سمورن وڏن ماڻهن بابت مضمون لکيا، پر هُن جي هر مضمون ۾ ڀٽائي ملندو. هُن کي سنڌ جو رُخ شاهه لطيف جي شاعري ۾ نظر ايندو هو، ڇو ته پاڻ ڀٽائي جو پارکو هو، مون توهان کي ڀٽائي ان طرح گهرائي سان سمجهه ۾ ڪونه ايندو، ڇو ته اسان ڪڏهن به شاهه سائين کي گهرائي سان پڙهيو ڪونهي. انور ۽ بدر ٻه اهڙا گهاٽا يار هُئا جو زندگيءَ جا گهڻا رخ هنن گڏجي ڳولي لڌا. هنن نه رڳو گڏجي ڪتاب لکيا پر گڏجي تحقيق به ڪئي. گورک هل اسٽيشن ڏانهن پهريون اڻانگو سفر به هنن همراهن ڪيو. اسان ڪاڇي جا ماڻهو اسان کي ڪاڇي بابت هنن ٻڌايو ته ڀٽائي چوي ٿو ”ڪاڇي ڪيو ڪُرلاءُ“. سندن ڪچهرين ۾ نه رڳو ”مدن فقير“ پر شاهه لطيف سان واڳيل هر ڪردار بابت ڄاڻ جو خزانو ملندو هو. علم ادب جا مڻيا ملندا هئا. اسان کان هاڻي اُهو سڀ ڪجهه وڃائجي ويو آهي. انور فقير ۽ نقاش ته دنيا ۾ نه رهيا پر بدر ابڙو، سُهيل سانگي، آغا سليم، ڊاڪٽر سليمان شيخ، امر جليل، الطاف شيخ، رسول بخش پليجو، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه سميت ان نسل جا ڪيترائي استاد هن سٻاجهي سنڌ ۾ موجود آهن. انور صاحب اسان کي ٻڌائي ويو آهي ته ”انٽرنيٽ“ جو زمانو تيزيءَ سان حاڪميت ڄمائي پيو، ان ڪري اسان کي انٽرنيٽ کي درست رخ ۾ استعمال ڪرڻو پوندو. انور صاحب ان زماني ۾ ٽائيپ رائيٽر ذريعي انگريزي مضمون ٽائيپ ڪندو هو، جڏهن تمام گهٽ ماڻهو ٽائيپ رائيٽر استعمال ڪندا هئا. اسين سنڌي محترم ماجد ڀرڳڙيءَ جا وڏا احسانمند آهيون، جنهن اڄ اسان کي گلوبل وليج ۾ وڏي مانائتي طريقي سان شامل ڪيو آهي جو اڄ گهر ۾ ويٺي پنهنجي موبائل فون جي ننڍڙي اسڪرين تي به انور پيرزادي جا پراڻا مضمون پڙهي رهيا آهيون ته شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کان به مدد وٺي رهيا آهيون. انٽرنيٽ ۽ جديد مواصلاتي سرشتو ڪيڏو به تيز هُجي پر روحاني رابطو ان کان به تيز آهي. روحن ۽ دلين جي سامهون سڄي ٽيڪنالاجي فيل ٿيو وڃي. ان ڪري انور پيرزادي جو ڀٽائي سان روحاني ڳانڍاپو ابد کان ازل تائين جو رشتو هو، مان اڄ به سمجهان ٿو ته اُهو جيستائين ڪائنات جو وجود آهي تيستائين اسان سنڌين جو ڀٽائي ۾ ايمان رهندو ۽ ڀٽائي رهندو ته ڀٽائي جا ڄاڻو به رهندا. انور پنهنجي حياتيءَ ۾ ڀرپور زندگي گذاري، هُو ڀٽائي جي سڀني سُرن جو محور آهي. انور جون يادون هڪ قيمتي سرمايو آهن، جيڪي اسان وٽ سدائين محفوظ رهنديون. انور جي نسل جي اديبن ۽ صحافين جي پيڙهيءَ جا وڏا نالا اڄ به اسان وٽ موجود آهن، جن جو ذڪر ڪري آيو آهيان، اُهي سڀ سنڌ ڌرتيءَ جا ”ليجنڊ“ آهن. اسين حياتيءَ ۾ کين مان ۽ مڃتا ڏيون. گذريل هفتي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلاٽيشن (SIUT) جي سرواڻ اديب رضويءَ طرفان محمد ابراهيم جويي سان رهاڻ رچائي وئي. اعلان ڪيو ويو ابراهيم جويو جي ٻن سالن کانپوءِ سندس حياتيءَ ۾ ”سينچري“ ملهائي وڃي. سُٺي صلاح هئي. اهڙيون ئي ڳالهيون انور صاحب ڪندو هو ته اسان پنهنجي ماڻهن کي سندن حياتيءَ ۾ مان ۽ مڃتا ڏيون. مان انور کي ڀٽائي جي انهن ئي اکرن سان ڀيٽا ڏيندس، جيڪي هُن فقير محمد لاشاريءَ جي ورسي تي کيس ارپيا هُئا. سري ڪين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا، ڪوجو سُخن ڪلاڪ جو، پتي تي پيون، تهان پوءِ ٿيون، مرڻ متارن کي. (ڀٽائي)