• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برازيل ۾ سمگلر ٻلي جي گرفتاري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

مختلف نيوز چينلس تي اها خبر هلي آهي ته برازيل جي هڪ جيل ۾ هڪ سفيد رنگ جي ٻليء کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ ان ٻليء تي اهي الزام آهن ته کيس جاسوسي ۽ تخريبڪاريء لاء استعمال ڪيو پئي ويو۔ ٻليء جي جسم سان جاسوسي جا اوزار، موبائل فون ۽ کوٽائيء جا اوزار پڻ ٻڌل هئا۔

برازيل جي رياست الوگواس جي شهر اراپيرا ۾ واقع جيل جي مک دروازي تان گرفتار ڪيل ان ٻليء بابت جيل جو ترجمان چوي ٿو ته ان ٻليء وٽان جيڪي شيون هٿ آيون آهن اهي ڪاٺ ۽ لوهه ڪٽڻ سان گڏ جاسوسي ۾ به ڪم اينديون آهن۔ هن جو چوڻ آهي ته جيل ۾ 263 قيدي آهن ۽ ڪير ٻلي کي استعمال ڪري رهيو هو اهو ته ٻلي ئي ٻڌائي سگهي ٿي پر هوء ڳالهائي نه ٿي سگهي۔ ٻليء کي جانورن جي نگهداشت جي مرڪز ۾ رکيو ويو آهي۔

ياد رهي ته پراڻي زماني ۾ ڪبوتر يا ٻين جانورن کي به ان مقصد لاء استعمال ڪيو ويندو هو پر جديد دور ۾ هي نئون واقعو ٿيو آهي۔
 
Back
Top