اسلام عليڪم دوستو! معاف ڪندا ته ايترن ڏينهن کان پوءِ ان سلسلي کي اڳتي وڌائي رهيو آهيان۔۔ ڇا آهي جو ٽيوٽرلس لکڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو آهي ۽ اسپيشل ٽائم ڏيڻو پوندو آهي۔۔۔۔ انشاءِ الله ٿوري ٿوري وقفي سان هر ڳالهه توهان سان شيئر ڪندو ايندس۔۔۔ هن سبق ۾ اسان اسٽينڊر بار جو جائزو وٺون پيا،۔۔۔۔۔۔ اسٽينڊر بار مينيو بار جي هيٺان هوندو آهي ۽ هاريزينٽل هوندو آهي، ۔۔۔ ان کي سمجهاڻي لاءِ ورٽيڪل ڏيکاريو اٿم تصوير کي وڌيڪ بهتر نموني ڏسڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪريو http://img693.imageshack.us/img693/6514/tools.jpg
سائين اسٽينڊرڊ بار ۾ تفصيلي ڄاڻ لاٌءِ اوهان جا شُڪر گذار آهيون۔۔۔۔۔ اوهان جي سمجهاڻي تمام آسان ۽ سولي آهي۔۔۔۔ لکين کيرون لهڻو۔۔۔۔
ادا ڄامشوراڻي صاحب تمام بهتر ڪوشش آهي.! پر ڇا اهو ممڪن آهي ته ’اوپن‘، ’ڪلوز‘، ’سيو‘، ’انڊو‘، ’ريڊو‘ کي جيڪڏهن رهڻ ڏيو، ڇاڪاڻ ته اهي ته تقريباً هر پروگرام ۾ ڪم اچن ٿا، ۽ انهن جي ڄاڻ تقريباً هر فرد کي هوندي. باقي ڪورل ڊرا جي اها بنيادي معلومات ڏيو، جن جي مينيوز جي معلومات ٻين پروگرامن ۾ نه ايندي هجي. جيئن ’لانچر‘، ’سنيپ ٽُو‘،’آپشنز‘ وغيره جي معلومات سُٺي آهي. ائين ڪرڻ سان ڇا ٿيندو ته اوهان جو ٽائيم به بچي پوندو، ۽ اسان جهڙن دوستن کي ٿوري وقت ۾ گهڻو لاڀ ملي سگهندو، وڌيڪ جيئن اوهان جي راءِ هجي...!
لکين قرب ادا۔۔۔۔ بس توهان اهڙا سهڻا جواب ڏيندا ته اسان کي ٿَڪ محسوس نه ٿيندو ادا۔۔۔ مهربانيون۔ shabash
سٺي صلاح آهي ادا۔۔۔ مان پڻ اهو پهرين سوچيو پر وري چيم ته ٿوري وقت کي ڏئي مڪمل تعارف ئي لکي ڇڏيان۔۔۔ مهرباني ادا۔۔۔
سائين تمام بهترين سکيا آهي سائين زاهد وارا ته ڏسو ڪلاس جي صورت بنايو ويٺا آهن الله توهانکي خوش رکي آمين۔
محترم سائين مولوي رحيم بخش ڏاهري صاحب۔۔۔ دعا ڪيو ته مڪمل ڪلاس کي سجايون ۔۔۔۔۔ اڃان تائين مون پنهنجو پي سي ناهي ورتو۔۔۔ باقي ادا ابوواصف ۽ ادا ڄامشورائي جي ڪلاسن کي پاڻ وٽ صرف محفوظ ڪندو ٿو وڃان ۔۔۔۔ جڏهن پنهنجو پي سي وٺبو ته اهي سڀ پروگرام ان ۾ انسٽال ڪبا۔۔۔۔۔۔ بس سائين اهي اوهان جون محبتون آهن جو اسان کي ياد پيا ڪريو۔۔۔۔