منهنجو نالو راجا شيخ آهي آ شهداڪوٽ کان آهيان۔
مونکي هن پيار ڀرئي اڱڻ تي اچي دل کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي آهي ۔
منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي ساٿين کي قرب ڀريو سلام قبول پوي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وعيلڪم السلام
سنڌ جي سهڻي شهر شهدادڪوٽ جي پياري دوست راجا شيخ کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اڄ به شهدادڪوٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي هجڻ سبب بلوچستان ۽ سنڌ جي ثقافت جو گڏيل ڏيک ڏيندو آهي ۽ ڪاروبار به گڏيل پيو هلندو آهي، ڪمن سانگي يا سنگت سان ميل جول لا اڪثر شهدادڪوٽ وڃڻ ٿيندو هو ۽ شهدادڪوٽ جي شاهي بازار جيڪي پوري شهر جي وچ مان گذرندي هئي سا گهمي مزو اچي ويندو هو ۔۔۔ گنداخي بلوچستان وڃڻ لا پڻ شهدادڪوٽ وڃبو هو ۽ پو اتان وري پريان وڃي بس پڪڙيندا هياسون ۔۔۔
شهدادڪوٽ ۾ تمام سهڻا ماڻهون، علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ۽ سنڌ جي سياست ۾ پڻ سٺو ڪردار ادا ڪندڙ آهن۔
اميد ته اوهان به سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پنهنجيون دوستون وڌائي سنڌيت جو شان ۽ مان وڌائيندا
هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار
سنڌ سلامت ساٿ سلامت