• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏائڻ ارڙي

سنڌي منهنجا ٻالڪ ٻار
ڏائڻ ارڙي ڪيا بيمار
روز اجهامي ٻرندڙ ڏيئو
بدو بيماري ڪيو بيزار
کوڙ گهرن روز تڏو آ
موت ماري ٿوپيو معمار
جهانگي منهنجا روز جهرن ٿا
جيون جن لئه آ آزار
گرمي سردي سر تي سهندي
ڏک ڏولاون ۾ هن گار
او مولي ا ٻڌ تون درد دعاون
تون ئي آن جن جو هت ونهنوار
 
اارڙي ڪيس آهي سنڌ ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻجي چڪي آهي ايئن کڻي سمجهو ته سنڌ ۾ صحت کاتو ارڙي روڪٿام واري جنگ هارائي چڪو آهي تڏهن ته سوين مائرن جون جهوليون خالي ٿينديون پيون وڃن
 
Back
Top