• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ديس جا او واسي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

شاعر:نثار احمد "ناز"
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي

سو وقت نيٺ ايندو مهڪي چمن به ويندو
آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو
رهندي نه رات هاڻي ڪا رات هت اُماسي
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي

پنهنجي ته آشيان جو، سپنن جي ساڀيان جو
هر گام همرچي سان سُوراج آجيان جو
اعلان جلد ٿيندو، ٻُڌندا خبر خُلاصي
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي

ڪنهن جي نه ڪاڻ هُوندي، ميزان ساڻ هوندي
انصاف جي ته ديوي ايمان ساڻ هُوندِي
تُرندي نه ساهمي ڪا هي ”ناز “ هيڪ پاسِي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هُوندِي خاصِي


 
مطلب ويچاري نثاراحمدناز جي هيءَ شاعري به بنا ٽڪيٽ جي ادو مگسي کڻي آيو زبردست تمام بهترين​
 
ادا ٻيهر ڪوشش ضرور ڪندس ته شاعر جو نالو ڏيان
ادا توهان پنهنجي تحرير کي هڪ دفعو موڪلڻ کان پوءِ به وري وري ايڊٽ ڪري سگهو ٿا بس ايڊٽ بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو ۽ تڪڙو ايڊٽ ڪريو يا وري Go Advance ۾ وڃي تفصيلي ايڊٽ ڪريو

ادا نثاراحمدناز توهان آهيو ڇا؟

جي ادا مگسي سنڌ سلامت فورم کي فخر آهي ته سائين نثار احمد ناز جهڙا شاعر ۽ اديب اسان جي ساٿ ۾ شامل آهن۔ سائين جن پنهنجو تفصيلي تعارف به تعارف واري سيڪشن ۾ ڪرائي چڪا آهن۔ شايد اهو بجلي جو بحران ئي آهي جنهن جي ڪري پاڻ فورم تي گهٽ پيا نظر اچن۔
 
ادا مگسي شاعري ته تمام سٺي آهي، ته هڪ دفعو توهان کي ٻيهر گذارش ڪندو هلان ته براٌ مهرباني شاعر جو نالو ضرور لکندا ڪريو،
 
Back
Top