سهڻي پارس
سينيئر رڪن
احساسن جي اُڏار،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
دردن جا انبار،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
سڏُڪن جا آواز،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
محبت جا سڀ ساز،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
تنهائيءَ جو راڪاس ،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
تارن بنا آڪاش ،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
من اندر جي دانهن،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!
سڏ پڙاڏا ٿي ويا،
فقط منهنجي اڱڻ تائين!