سهڻي پارس
سينيئر رڪن
اريج توکان پوءَ
ڏينھن رات،
صبح شام جي
خبر نـ اٿم
ڪنھن خوشئ،
غم جو احساس نـ
اٿم،
اريج توکان پوءَ
ھي برسات ڏنگي ٿي،
جيڪا مون کي
وڻندي ھئي،۽
جھڙالي مند،اڄ
جون جولائي
جو ڪو گرم
ٻرندڙ ڏينھن
پيو لڳي
اريج توکان پوءَ
اکين جي ننڊ
من جو چين،
روح جو سڪون،
پل نـ ملي سگھيو اٿم،
اريج توکان پوءَ
ھر پل توسان
گھاريان ٿي
در ڏي روز نھاريان ٿي
آوازن ڏي ڪنايان ٿي
اريج توکان پوءَ
ھر گھڙِي توکي
پڪاريان ٿي
تصويرن ڏانھن
نھاريان ٿي
اکيون خالي
ٿر جيان ڀانيان ٿي
اريج توکان پوءَ
ٻانھون ڀاڪُر لاءَ
سڪن ٿيون
ڪن سڏ لاءَ
ترسن ٿا،
ھٿ محسوس ڪرڻ
چاھين ٿا
توکي ڇھڻ
چاھين ٿا
اريج توکان پوءَ
مان بـ نـ رھي آھيان
مان بـ نـ رھي آھيان!!