سهڻي پارس
سينيئر رڪن
مون توکان رڳو ايترو پڇيو
تون سمهڻ کان اڳ،
ڪنهن کي ياد ڪندو آهين؟
خدا کي،
پنهنجي ماءُ کي ؟
يا مون کي؟
تـ تون ڪاوڙجي پئين!
مون پڇيو
تون شاعري ڇا مان ڪندو آهين؟
پنهنجي دل جي نديء مان؟
من جي مس ڪپڙيء مان؟
يا منهنجي اکين مان؟
تـ تون ناراض ٿي پئين،
هاڻي توکان پڇان ٿي،
تون چميون ڪنهن کي ڏيندو آهين؟
پنهنجي ننڍڙي ڌيءٌ کي؟
پنهنجي زال جي بيڊولن چپن کي؟ آئيني کي؟
يا منهنجي شاعريء کي؟
تون رڳو اکيون کڻي مون کي ،
ڏسين ڇا پيو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟.