لڳي ته لک هزار ! الهه بخش راٺوڙ جيڪڏهن ٻن اجنبين جو اوچتو ميلاپ ٿي وڃي،هلندي هلندي ٻنهي ۾ رشتو اهڙو جڙي پئي، جنهن ۾ ٻنهي روحن لاءِ واپسيءَ جا در ڄڻ بند ٿي وڃن ۽ اهو رشتو ڪمزور ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي وڃي ته ان کي ختم ڪرڻ آسان نه هوندو آهي.ڪو ڪنهن جي ويجهو به هجي نظر نه اچي ۽ ڪو ڏور هلئي وڃڻ کانپوءِ تن جي تند جوڙي وٺي ته يقين نه ايندو آهي ته زندگيءَ ۾ اهڙا حادثا به ٿي سگهن ٿا.هن نوعيت جا حادثا هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ پيش ايندا آهن، انهن کي شايد ٽارڻ ممڪن نه هجي. ساجده ڪراچيءَ ۾ ڏهاڪو سالن کان وڌيڪ رهي، هن جو خوبصورت رنگ ڪنهن کي نظر ئي ڪونه آيو. هن جي وجود ۾ شايد ايتري تانگهه ئي نه هئي، جو ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ها. هوءَ انهن سهيلين جي گهيري ۾ هئي، جو انهن کيس ٻيو ڪجهه سوچڻ ئي نه ڏنو، هوءَ انهن جي وچ ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويٺي هئي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ هن جا ڏينهن ۽ راتيون گذري ويون، ڪنهن هن ڏانهن يا هن ڪنهن ڏانهن ڪا پنهنجائپ واري هڪ نهار به نه کنئين. هوءَ ماٺ ميٺ ۾ هيترا سال گذاري ڪنهن ڏوراهين شهر ڏانهن هلي وئي. هوءَ ڪيترن ئي سالن تائين اڪيلائپ جو شڪار رهي، هن کي پاڻ تي شڪ ٿيندو هو. هن کي لڳندو هو ته شايد هن دنيا ۾ ڪوبه اهڙو نه آهي، جيڪو کيس هڪ نظر کڻي ڏسي ها. هوءَ بدصورت به نه هئي. هن جو مک به تمام گهڻو موهيندڙ هو. پر ان جي باوجود هوءَ جوهريءَ جي نظر ۾ اچي نه سگهي. هن کي اتفاق ئي چئي سگهجي ٿو. هن کي زندگيءَ جون ٽيهه بهارون گهاري ڇڏڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته ڪو کيس سٺو به لڳي ٿو. هن ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش به ڪئي، هن کيس پازيٽو سگنل به ڏنا، پر اهي هن دير سان محسوس ڪيا. ايستائين جو هو نه صرف شينهڻ ڪلهي چڙهي چڪو هو، پر ٻن ٻين روحن جو پالڻهار به هو. گهران نڪرڻ کان پوءِ هن جي وني سندس واٽون نهاريندي هئي. آخرڪار هڪ ڏينهن هنن ان رشتي کي توڙ تي پهچائي ڇڏيو ۽ هميشه لاءِ هڪٻئي کان پرڀرو رهڻ جو فيصلو ڪيو. پر اهو فيصلو به راس ٿي نه سگهيو. هوءَ هن کي پنهنجي وجود جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ محسوس ڪرڻ لڳي. ڄڻ هو ڪو اهڙو وجود هو، جيڪو هر موڙ تي سندس اڳ جهلي بيٺو ٿي. ساجده ملڻ کانپوءِ ڪيترن ئي مهينن تائين ماٺ هئي، هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اسان جي وچ ۾ ڪهڙو نئون رشتو جنم وٺي رهيو هو. هوءَ نئين رشتي کي ڦلهورڻ لڳي. نيٺ هڪ ڏينهن هوءَ صفا ساڻي ٿي پئي. هن جي وجود کيس جواب ڏئي ڇڏيو. هن پنهنجي اندر کي اظهارڻ گهريو ٿي. هوءَ پهريان مون ڏانهن گهوري ڏسڻ لڳي. ڄڻ هن کي منهنجو وجود به ڪاغذي لڳو ٿي. هن کي، منهنجي ان جي قريب رهڻ جو احساس گهٽ ٿي رهيو هو. هن کي لڳو ٿي ته هي رشتو به عارضي نوعيت جو آهي، بس ان بس جيان جنهن جا مسافر روز هڪٻئي سان ملندا آهن، پر سمورا پنهنجي منزل اچڻ تي ڪنهن جي پنهنجائپ واري هڪ نهار جو به انتظار ڪرڻ کانسواءِ لهي ويندا آهن، ۽ وري ٻئي ڏينهن ساڳيا ماڻهو مرد ۽ عورتون، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هڪ ئي گاڏي ۾ سوار ٿيندي ائين محسوس ڪندا آهن، ڄڻ انهن کي ساڳي ماڳ ڏانهن وڃڻو آهي، پر وري هڪٻئي کان موڪلائڻ کانسواءِ پنهنجي پنهنجي واٽ وٺندا آهن. زندگي به ان بس جيان آهي،ان جو احساس ساجده کي به شدت سان محسوس ٿيو ٿي. هڪ ڏينهن ساجده پنهنجي اندر کي، منهنجي سامهون کولي ويهي رهي. اهو سڀ ڪجهه منهنجي ئي اجائي پڇيل سوال جي جواب ۾ ٿيو. بس پوءَ هوءَ مسلسل ڳالهائيندي رهي. ائين لڳو ٿي هن جي يادن جا ٻنڌ ٽٽي پيا آهن. هاڻ هن جي جواني جو اسٽيئرنگ بلڪل سندس ڪنٽرول ۾ نه رهيو هو. هن کي هڪڙو ئي احساس هو ته عمر جي هن حد تائين پهچڻ کانپوءِ ڪو هن کي پنهنجو نه ڪندو، جيڪڏهن ڪيو به ته ان جي ٻئي وني هوندي، هن کي اهو به منظور نه هو. چوڻ لڳي- مان زندگيءِ ۾ انتهائي سخت جان ۽ جگر واري رهي آهيان، پر هاڻ منهنجو پنهنجو پاڻ تي وس نٿو هلي.خبر ناهي ته مون کي ڇا ٿيو آهي؟ مون کيس ٻڌايو-زندگي ۾ عمر جي هڪڙي حد اهڙي ايندي آهي، جڏهن ماڻهو بيوس ٿي ويندو آهي. اصل ۾ تنهنجي هي عمر وڌيڪ ميچوئرٽي واري آهي، زندگي جي هن حصي ۾ ئي وڌيڪ انجواءِ به ڪبو آهي، پر اسان مردن کي سنهڙي ڪمريا واريون چنچل وينگس گهرجن ٿيون، اهو انڪري به ته ميچوئر ڇوڪريءَ سان زندگي گذارڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هوندو آهي. مون کيس پنهنجي ان دوست جي باري ۾ به ٻڌايو، جنهن جي وڏي ڄمار ٿيڻ ۽ مٿي جا وار هلڪا ٿيڻ جي باوجود اهڙي ئي ڇوڪريءَ جي ڳولا هئي. چيائين ته-هن جي يادن جون ويرون به تيزي سان اچڻ لڳيون آهن، انهن کي ٽاري به نٿي سگهان. بس رات ڏينهن ان جو اوسيئڙو رهي ٿو، اها پڪ اٿم ته هو منهنجو نه ٿيندو، هو اڳ ۾ ئي پنهنجي منزل ماڻي چڪو آهي.هاڻ وڃان ته ڪاڏي وڃان؟ هن پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو هو. هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. هن جا لڙڪ ايترا ته گرم هئا جو مون چڱي ريت محسوس ٿي رهيا هئا. هن جي زوردار سڏڪن منهنجن اکين کي زري گهٽ آلو ڪري ڇڏيو هو. مان هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳس. هن جي مٿي ۾ چاندي واضح طور تي نظر اچي رهي هئي. هن جو سمورو وجود ڌڏي رهيو هو. هن جي مون سان چنبڙي پوڻ جو گهٽ احساس هو. هن جي سڏڪن ۾ ماٺار آئي. -“ڇا تون هن جي ٻي گهرواريءَ ٿيڻ پسند ڪندين”؟ مون هن جو انت لهڻ جي ڪوشش ڪئي. چوڻ لڳي-مان هن سان شادي ڪرڻ نٿي گهران، پر اهو ئي مون کي خوش رکي سگهي ٿو، انڪري مان هن جي قريب رهڻ گهران ٿي. منهنجي لاءِ هن جي وجود جو پاڇو ئي ڪافي آهي !. ۽ پوءِ چوڻ لڳي: زرا زرا هي روح، ريزا ريزا هي جسم، اي وقت ! تجهي ڪيا ملا؟ هم يارون ڪو جدا ڪرڪي...! مون کيس مشورو ڏيندي چيو جنهن کي چاهي ٿي، ان ڏانهن ئي هلي وڃ. چيائين-منهنجي ٽرين ته ليٽ ٿي وئي. مان هن کي حاصل ڪري نه سگهيس. پر مان هن ڏانهن وڃي ڪري سندس گهرواريءَ جو گهر ڪيئن تباهه ڪري سگهان ٿي. مان به هڪ عورت آهيان، مون کي هن جي گهرواريءَ جو احساس آهي. هن تي پهريون حق سندس گهرواريءَ جو ئي آهي. “تون هن سان پاڻ کي شيئر ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهين، ڪجهه رشتن ۾ ڪنهن دستاويز تي صحيح ڪرڻ ضروري نه هوندي آهي”. مون کيس چيو. “منهنجي من جو دوزخ وسامي چڪو آهي. ان ۾ هن کي ساڙڻ نٿي گهران. مان هن جي جسم تي تيل جو ڪم ڪرڻ به نٿي گهران. بس هن کي هڪ نهار ڏسي موج ۾ رهڻ چاهيان ٿي”. هن پنهنجي اندر کي پالهو ڪري ورتو. ۽ پوءِ هوءَ اوچتو غائب ٿي وئي، خبر پئي ته هوءَ هن جي پاڙيسرياڻي ٿي وئي ۽ هن جيڪو پيغام موڪليو اهو هي هو- شام ڪي سائي جو سورج ڪو ڇپاني نڪلي، هم ديئي لي ڪر ڪي، انڌيرون ڪو جلاني نڪلي، اور ڪون ٿا جو جرعت بغاوت ڪرتا ايڪ هم هي ٿي جو يي رسم نڀاني نڪلي، شهر مي دشت ۾ صحرا مي ڀي تجهه ڪو پايا، اي غم يارتيري ڪتني ٺڪاني نڪلي. چاند نڪلا تو مي، لوگون سي لپٽ ڪر رويا، غم ڪي آسو ٿي جو، خوشيون ڪي بهاني نڪلي. ................................................................................. صفدر وڳڻ جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ پروفائل تان ورتل
ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔ الله بخش راٺوڙ صاحب جن جي هڪ تمام سٺي ڪهاڻي هت ونڍ ڪري اسان کي ان کي پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي اوهانجون مهربانيون۔محبت تڏهن امر ٿيندي آهي جڏهن ٻه پريمي پاڻ ۾ هميشه لاء نه ملي سگهندا آهن ۽ سڄي زندگي وڇوڙي ۾ گذاريندا آهن۔