• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پپو ڪلاس ۾ دير سان ڇو پهتو۔۔۔۔۔۔۔

نثارناز

سينيئر رڪن
ڪلاس ٽيچر: اڙي پپو نڀاڳا ايتري دير سان اسڪول ڇو پهتو آهين؟
پپو: سائين ڳالهه اها هُئي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هُئي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪلاس ٽيچر: رُول اُلاريندي ڇورا ڦاٽ نه ڪهڙي ڳالهه هُئي؟
پپو: سائين هُو امان بابا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُئا اُن ڪري۔
ڪلاس ٽيچر: لک جي ٿئي اڙي اُن ڳالهه ۾ تُنهنجي وري دير ڇو ٿي وئي؟
پپو : سائين ڇا ڪريان منهنجي هڪڙي پير جو بُوٽ امان جي هٿ ۾ هو ته وري ٻي پير جو بُوٽ بابا جي هٿ ۾ هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!

07AFOEEgm.gif
 
پپو ويچارو ڪيڏو نه ڀلو ماڻهو آهي، سندس پيرن جا بوٽ مشڪل وقت ۾ ماءِ پيءَ کي ڪم ۾ ته اچن ٿا۔
 
زبردست شيئرنگ آهي. منهنجي نالي کي کڻي بدنام ڪيو آهي انهن باليوڊ وارن
يار رنجيت هن ڀوڳ ۾ ڪٿي اڻ ارادي طور اِن ڊائريڪٽ تون ته ڪونه آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار ان کان علاوه مان پير کان وٺي هن لطيفي کي مٿي تائين باربار جانچيو آهي ته ڪٿي به بالي ووڊ به نظر ڪونه پيو اچي۔۔۔۔ ٻُڌائي ته سهي ته ماجرا ڇا آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رنجيت تنهنجي نالي ۾ رام رکيا رنجيت ساحل کان علاوه ڪا ”پپو“ نالي جي خوبصورتي ته ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي اها ڳالهه هُجي ته پاڻ کي پپو مان نٿو ڪندي دير ڪانه لڳندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
پپو ويچارو ڪيڏو نه ڀلو ماڻهو آهي، سندس پيرن جا بوٽ مشڪل وقت ۾ ماءِ پيءَ کي ڪم ۾ ته اچن ٿا۔
ڄامشورائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪاش ان جوڪ کان هٽي ڪري اهو جواب ڏيان ها ته شل ڪٿي به ڪنهنجا ماءُ پي پپو جي مائٽن وانگر نه هُجن۔ شال هر پپو جا ماءُ پيءُ پنهنجي هٿن ۾ گلن جون پتيون کڻي هڪ ٻي تي وارين ها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔باقي ڀوڳ ته پنهنجي جڳه تي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سو پاڻ کي پنهنجو اندر لڪائي جوڪر وانگر ٻين کي خوشيون ۽ بي لوث مُرڪون پهچائڻيون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
يار رنجيت هن ڀوڳ ۾ ڪٿي اڻ ارادي طور اِن ڊائريڪٽ تون ته ڪونه آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار ان کان علاوه مان پير کان وٺي هن لطيفي کي مٿي تائين باربار جانچيو آهي ته ڪٿي به بالي ووڊ به نظر ڪونه پيو اچي۔۔۔۔ ٻُڌائي ته سهي ته ماجرا ڇا آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رنجيت تنهنجي نالي ۾ رام رکيا رنجيت ساحل کان علاوه ڪا ”پپو“ نالي جي خوبصورتي ته ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي اها ڳالهه هُجي ته پاڻ کي پپو مان نٿو ڪندي دير ڪانه لڳندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

استاد سائين ڳالهه اها آهي ته منهنجا به ڪيترائي نالا آهي. جيئن مونکي گهر ۾ پپو ڪري سڏيندا آهن. منهنجو اسڪول جي رجسٽر ۾ نالو رنجيت ڪمار آهي. انڊيا ۾ دوست ۽ آفيس وارا ساحل جي نالي سان سڃاڻن. اسڪول ۾ دوست ڊاڪٽر سِکُ ڪري سڏيندا هئا. ٻيا دوست وري پيروُ ڪري سڏيندا هئا. مون خيرپور ۾ جيڪي به اسٽيج شو ڪيا انهن ۾ منهنجو نالو خُدو گڏهه گاڏي وارو هوندو هو............

باقي باليوڊ جو تعلق اهو آهي ته Pappu Can't Dance گاني اچڻ کانپوءِ پپوءَ تي لطيفا ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن
 
نه جاني تنهنجو هڪ ٻيو نالو به ته آهي نه۔۔۔۔۔ هو ڇا آهي۔۔۔۔! ياد نه ٿو اچي۔۔۔
ها

اڙي۔۔۔

رام رکيو۔۔۔ ها نه اهو نالو به اٿئي نه۔۔
 
استاد سائين ڳالهه اها آهي ته منهنجا به ڪيترائي نالا آهي. جيئن مونکي گهر ۾ پپو ڪري سڏيندا آهن. منهنجو اسڪول جي رجسٽر ۾ نالو رنجيت ڪمار آهي. انڊيا ۾ دوست ۽ آفيس وارا ساحل جي نالي سان سڃاڻن. اسڪول ۾ دوست ڊاڪٽر سِکُ ڪري سڏيندا هئا. ٻيا دوست وري پيروُ ڪري سڏيندا هئا. مون خيرپور ۾ جيڪي به اسٽيج شو ڪيا انهن ۾ منهنجو نالو خُدو گڏهه گاڏي وارو هوندو هو............

باقي باليوڊ جو تعلق اهو آهي ته Pappu Can't Dance گاني اچڻ کانپوءِ پپوءَ تي لطيفا ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن
هي ڀڳوان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تون به رنجيت اسان جي شهر جي هڪڙي شخصيت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جنهن کي اسان زلفي، پارس، ديوانو، قيس، ڀُٽو، ڪاظمي، شاهه ،هڪڙو نالو سينسر جي ڪري ڪونه لکندس اهو، پاڪي، خاڪي، مطلب ته پوري غزل جو بند ان جي نالي ۽ تخلصن سان ڀرجي وڃي آهي، مزي جهڙي ڳالهه اهو درويش مون جهڙي بيڪار ماڻهو لاءِ ماڻهن کي مرڻ مارڻ تائين جون ڌمڪيون ڏيندو آهي۔ جنهن کي سدائين آئون محبوب سائين ڪري سڏيندو آهيان، اهو همراهه ڏهه ڏهه ڏينهن وهنجندو ڪونهي، ساري ساري رات سمهندو ڪونهي، ڏاڙهي سدائين وڌيل، سندس هٿن پيرن جا نُنهن سدائين وڌيل، ميرا ڪپڙا، پاتل، پنهنجي جوڀن واري دور ۾ بهترين شاعر، جيڪڏهن هينئر اُن کان ڪو شاعري پُڇندو ته بلڪل شاعري ٻُڌائيندو پر اها شاعر گندي اهو سمجهو ته ڪپڙن کان آجي شاعري، چين سموڪر، پنهنجي پيءُ جي سامهون سگريٽ پيئندو آهي، پر مونکي ڏسي پنهنجي سگريٽ ته اُڇلي ڇڏيندو آهي، پر پنهنجي کيسي ۾ رکيل ٽي چار سگريٽ جا پاڪيٽ پڻ اڇلائي ڇڏيندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجي غربت جو ساٿي، شهر جو سڀ کان وڏو عاشق الغرض جيڪڏهن ان شخص جي باري ۾ لکان ته گهٽ ۾ گهٽ 200 پيجن جو ڪتاب جُڙي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وانگر تنهنجا به ڪافي سارا نانءُ آهن، ڪافي سارا ڪردار آهن، تون به مون سان بلڪل ائين ئي پيار ٿو ڪرين۔ جيئن مٿي ڄاڻايل درويش پڻ ائين مون سان پيار ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رنجيت مٺا تون ڇا آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ڄامشورائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪاش ان جوڪ کان هٽي ڪري اهو جواب ڏيان ها ته شل ڪٿي به ڪنهنجا ماءُ پي پپو جي مائٽن وانگر نه هُجن۔ شال هر پپو جا ماءُ پيءُ پنهنجي هٿن ۾ گلن جون پتيون کڻي هڪ ٻي تي وارين ها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔باقي ڀوڳ ته پنهنجي جڳه تي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سو پاڻ کي پنهنجو اندر لڪائي جوڪر وانگر ٻين کي خوشيون ۽ بي لوث مُرڪون پهچائڻيون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين اسان به ته ڀوڳن ۾ ٿا واهه واهه ڪيون نه ته اسان ڪڏهن به اها دعا نه گهرنداسين ته ڪنهن جا ماءِ پيءَ اهڙا هجن۔۔۔ ويچاري پپو جي قسمت اها آهي۔۔۔
 
هي ڀڳوان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تون به رنجيت اسان جي شهر جي هڪڙي شخصيت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جنهن کي اسان زلفي، پارس، ديوانو، قيس، ڀُٽو، ڪاظمي، شاهه ،هڪڙو نالو سينسر جي ڪري ڪونه لکندس اهو، پاڪي، خاڪي، مطلب ته پوري غزل جو بند ان جي نالي ۽ تخلصن سان ڀرجي وڃي آهي، مزي جهڙي ڳالهه اهو درويش مون جهڙي بيڪار ماڻهو لاءِ ماڻهن کي مرڻ مارڻ تائين جون ڌمڪيون ڏيندو آهي۔ جنهن کي سدائين آئون محبوب سائين ڪري سڏيندو آهيان، اهو همراهه ڏهه ڏهه ڏينهن وهنجندو ڪونهي، ساري ساري رات سمهندو ڪونهي، ڏاڙهي سدائين وڌيل، سندس هٿن پيرن جا نُنهن سدائين وڌيل، ميرا ڪپڙا، پاتل، پنهنجي جوڀن واري دور ۾ بهترين شاعر، جيڪڏهن هينئر اُن کان ڪو شاعري پُڇندو ته بلڪل شاعري ٻُڌائيندو پر اها شاعر گندي اهو سمجهو ته ڪپڙن کان آجي شاعري، چين سموڪر، پنهنجي پيءُ جي سامهون سگريٽ پيئندو آهي، پر مونکي ڏسي پنهنجي سگريٽ ته اُڇلي ڇڏيندو آهي، پر پنهنجي کيسي ۾ رکيل ٽي چار سگريٽ جا پاڪيٽ پڻ اڇلائي ڇڏيندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجي غربت جو ساٿي، شهر جو سڀ کان وڏو عاشق الغرض جيڪڏهن ان شخص جي باري ۾ لکان ته گهٽ ۾ گهٽ 200 پيجن جو ڪتاب جُڙي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وانگر تنهنجا به ڪافي سارا نانءُ آهن، ڪافي سارا ڪردار آهن، تون به مون سان بلڪل ائين ئي پيار ٿو ڪرين۔ جيئن مٿي ڄاڻايل درويش پڻ ائين مون سان پيار ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رنجيت مٺا تون ڇا آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪشي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مُون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي...

مان توهان جي هڪ نافرمانبردار شاگرد آهيان.... جيڪو توهان کان علم عروض جي سکيا ٿو وٺي. منهنجو مطالعو ايترو ڪونهي جو مان توهان جو شاگرد ٿي سگهان.... مونکي لڳي ٿو ڪافي محنت ڪرڻي پوندي توهان کان شاگرد جو ڳانو ٻڌرائڻ جي لاءِ.......

مون پنهنجي زندگيءَ جي پهرين ڪهاڻي جيڪا امر جليل جي ڪتاب ٽيون گهر ۾ منهنجي نصيب ۾ تون نه آهين جي نالي سان هئي اها ڪهاڻي مان پنهنجي دوست جي دوست جي گهر اسلام آباد ۾ راول ڊئم واري علائقي ۾ 2 نومبر جي رات جو 11 لڳي پڙهي هئي. تڏهن مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ انڊين ايمبيسيءَ مان ويزا وٺڻ آيا هئاسين. تڏهن مونکي اهو ڪتاب نظر آيو مون سوچيو ڇونه ڀلا ان ڪهاڻيءَ کي ڪتاب کي پڙهي ڏسان. مان ڪهاڻي ته پڙهي. واهه جو مزو آيو. دل کي فرحت ملي وئي. سمهڻ بعد به اها ڪهاڻي منهنجي مغز ۾ ڦڙڻ لڳي... صبح جو 4 بجه اُٿي ويزا وٺڻ واري قطار ۾ پهتاسين.

مان ته شاعري به صحيح معني ۾ ڪونه پڙهي آهي.....

بس سائين توهان جي لڙ لڳا آهيون اميد ته توهان اسان جو ٻيڙو پار لڳائيندا....

توهان جي پيرن جي جُتيءَ جو ڪوڪو.........
رنجيت رام رکيا
 
استاد، شاگرد، دوست ۽ دلبر، ڇڏيو سڀني قصن کي هي قصو به هڪ پپوءَ جو آهي ...
ٻڌو کل ڀوڳ ۾ ...

هڪ استاد شاگرد کي پڇيو
پپو! تنهنجي گهر ۾ سڀ کان ننڍو ٻار ڪير آهي؟
پپوءَ وڏي معصوميت سان وراڻيون ...” بابا
استاد چيو اهو وري ڪيئن؟
پپوءَ اڃان وڌيڪ معصوميت ۽ ڏک ۾ وراڻيو
انڪري جو بابا اڃان تائين اميءَ سان جو سمهندو آهي !!!
 
سائين هي وري ڇا پيا ڪيو۔۔۔۔ اصل پپو ۔۔۔۔۔
اڙي پپو۔۔۔۔ ڏاڍي ٿي۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top