• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميرپورخاص

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
مير پور خاص
ميرپورخاص شهر ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي شهر مير علي مراد خان ٽالپر 1806ع سن ۾ اڏايو. جو سندن نالي پٺيان ”مير پور“ يعني مير جو شهر سڏجڻ لڳو.
سنڌ ۾ جڏهن هندن جي صاحبي هئي، تڏهن ڪاهو نالي هڪ هندو راجا هاڻوڪي ميرپورخاص طرف راڄ ڪندو هو. ميرپورخاص جي بازار جي هڪ ڀاڱي کي انهيءَ راجا جي نالي پٺيان ڪاهو بازار ڪري ڪوٺيندا آهن. ميرپورخاص کان سڏ پنڌ پري اتر طرف هڪ وڏو دڙو آهي، جو ”ڪاهو جو دڙو“ سڏجي ٿو.
1900ع ڌاري جمڙائو واهه کليو ته ميرپور جو نئون شهر ٻڌو ويو. اصلوڪي شهر جي ويجهو جيڪا غيرآباد زمين پيل هئي، اتي هي شهر ٺهيو. اهڙي طرح هڪ شهر کان ٻه شهر ٿيا، ٻئي شهر هڪ ٻئي کي ويجهو آهن. هڪ کي ميرپورخاص ۽ ٻئي کي ميرپور پراڻي چئبو آهي.
انگريز سرڪار هتي ريلوي اسٽيشن ٺهرائي. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هي شهر تمام گهڻو وڌي ويو . ميرپورخاص شهر ۾ ضلعي جا سڀ وڏا آفيسر رهن ٿا. ميرپورخاص ۾ هڪ وڏو راندين جو ميدان ٺهيل آهي. جنهن جو نالو گاما اسٽيڊيم آهي. ميرپورخاص ۾ ٻه وڏيون مشهور مسجدون آهن. هڪ کي مدينه مسجد چوندا آهن. جيڪا شاهي بازار ۾ وڏي مينار جي ڪري مشهور آهي ۽ ٻيءَ کي جامع مسجد چوندا آهن. جيڪا شاهي مسجد جي نموني تي ٺهيل آهي. جا خانبهادر غلام نبي شاهه جي همت سان جوڙي ويئي هئي.
ميرپورخاص ۾ هڪ سرڪاري فروٽ فارم آهي. جو پوري پاڪستان ۾ انبن کان مشهور آهي. هتي ڇهه هاءِ اسڪول ۽ ٽي ڪاليج آهن. جن مان گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۽ پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليجن مان شاهه عبداللطيف ڪاليج ۽ ابن رشيد ڪاليج پوري ضلعي ۾ مشهور آهن. ميرپورخاص ۾ هڪ وڏو هوائي اڏو آهي. هتي هڪ وڏو کنڊ جو ڪارخانو ۽ ڪيترائي ڪپهه جا ڪارخانا آهن. ميرپورخاص ۾ هڪ وڏو زرعي تحقيقاتي ادارو ”سنڌ هارٽيڪلچر انسٽيٽيوٽ“ آهي. جيڪو 1904ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ 114 ايڪڙن تي مشتمل هڪ ايگريڪلچر جي صورت ۾ آهي. جيڪو ڪاهو جي دڙي وٽ آهي. ان کان علاوه ميونسپل باغ ۽ گلستان بلديه ۾ عجائب گهر، لائبريري ۽ آرٽ گيلري آهن. جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن
 
ميرپور خاص سنڌ جو سهڻو شهر، جيڪو انبن سبب گهڻو مشهور آهي۔ هتان انب وڏي تعداد ۾ ايڪسپورٽ ٿيندا آهن۔
 
اسان به ان شهر کي ظاهري ۽ باطني اکين سان ڪافي ڀيرا ڏٺو آهي ۽ ان جي فروٽ واري خوبي مان محلوظ ٿيا آهيون۔ هڪ سٺو شهر آهي
 
Back
Top