سائنس مينهن ڪيئن وسندو آهي؟ 1645 اٽيچمينٽ ڏسو 1646 اٽيچمينٽ ڏسو 1647 اٽيچمينٽ ڏسو هوا مختلف گيسن جو مجموعو آهي جنهن ۾ خاص ڪري نائيٽروجن78%، آڪسيجن21%، آرگان، هئڊروجن، ڪاربان- ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گهم1%آهي ان کان سواءِ ٻيون به گئسون آهن جيڪي نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون. جهڙوڪ: ڪريپٽون، اورون ۽ زنيون وغيره. انهن گئسن کان سواءِ هوا ۽ پاڻي جا بخار هر وقت موجود هوندا آهن.زمين جي مٿاڇري سان ٽڪرائڻ جي ڪري هوا گرم ٿي ڪري ڦهلجي ويندي آهي ان ڪري ان جي گهم گهٽ ٿي ويندي آهي هوا جو اهو ڦهلاءُ ان کي مٿي ڌڪيندو آهي ۽ بخار سان ڀريل ٿڌي هوا اچي ڪري گرم هوا جي جڳهه والاريندي آهي اهڙي طرح سلسلو هر وقت جاري رهندو آهي. سمنڊن، دريائن، ڍنڍن ۽ تلائن جي مٿاڇري تي ڏينهن وقت بخار ٿيندا رهندا آهن. اهي بخار نظر ته ڪونه ايندا آهن پر هوا ۾ هر وقت موجود هوندا آهن. جڏهن هوا خشڪ ۽ ان جي گرمي جي درجي ۾ واڌارو ايندو آهي ته ان ۾ بخار جذب ڪرڻ جي طاقت، گهميل، هوا کان وڌيڪ هوندي آهي يعني گرم هوا ٿڌي هوا جي نسبت پاڻي کي وڌيڪ جذب ڪندي آهي. گرميءَ جي موسم ۾ بخار تيزي سان ۽ وڌيڪ مقدار ۾ اٿندا رهندا آهن. رات جي وقت زمين به پنهنجي گرمي خارج ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڇٻر، گل ۽ وڻن جا پتا به پنهنجي گرمي تمام جلد خارج ڪري ڇڏيندا آهن، ان ڪري اهي تمام جلد ٿڌا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن ۽ انهن جي ويجهو جي هوا به ٿڌي ٿي ويندي آهي هيءَ ٿڌي هوا پاڻيءَ جي بخار کي وڌيڪ مقدار ۾ جذب نه ڪري سگهندي آهي. تنهنڪري ان جو ڪجهه حصو ڇٻر گلن ۽ پتن تي ننڍڙن پاڻي جي قطرن جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندو آهي انهن ننڍن ننڍن قطرن کي ”ماڪ“ يا ”شبنم“ چيو ويندو آهي. جڏهن گرم گهميل هوا ٿڌي هوا سان گڏبي آهي، ته پاڻي جا ننڍا قطرا گرد و غبار جي ذرن تي ڄمي پوندا آهن ۽ اهي ذرا زمين جي مٿاڇري جي ويجهو هوا ۾ ملي ويندا آهن. ان وقت ائين لڳندو آهي ته هر هنڌ دونهون ئي دونهون آهي ان کي ڌنڌ چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح گرم ۽ گهميل هوا ٿڌي هوا سان ملي ڪري ڪڪرن جي شڪل ڪندي آهي. ڪڪر بلڪل ڌنڌ وانگي هوندا آهن، فرق صرف ايترو هوندو آهي جو ڌنڌ زمين جي مٿاڇري جي بلڪل ويجهو هوندي آهي ۽ ڪڪر فاصلي تي هوندا آهن. تيز هوا بخار سان ڀريل هوا کي مٿي ڌڪيندي آهي ٻين لفظن ۾ هوا ڪڪرن کي مٿي ڌڪيندي آهي. فضا مٿئين حصي ۾ ٿڌ هئڻ ڪري، ڪڪرن ۾ جيڪي بخار هوندا آهن سي ڄمي ويندا آهن. ڄمڻ ڪري انهن جو وزن به وڌيڪ ٿي ويندو آهي ان ڪري زمين جي ڪشش انهن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي آهي. ان ڪشش جي ڪري ۽ زمين جي گرمي جي درجي جي ڪري اهي ڄميل بخار وري ٻيهر پاڻي جي صورت اختيار ڪندا آهن ۽ جنهن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. پيارا ٻارو! هاڻي توهان کي خبر پئي ته مينهن ڪيئن وسندو آهي.
زبردست، واقعي اها معلومات اسان جي تعليمي نصاب ۾ شايع ڪرڻ جهڙي آهي، يقينن سائنس جي ڪتابن منجهه اهو سڀ ڪجهه هوندو آهي پر تفصيل اوهان پيش ڪيو۔ مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔
پيارن ٻارن سان گڏ اسان جهڙن جهونن کي به خبر پئي ۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ساڳي ڳالهه ڪلاس ۾ استاد سمجهائيندا هئا ته يقين نه ايندو هو ۔۔۔۔۔ پر قدرت جا قانون آهن، ساڳيو پاڻي ڪڏهن گئس ته ڪڏهن پاڻياٺ ۔۔
سائين واهه جي ڳالهه ڪئي اٿو، ان تي مونکي پنهنجي ڪاليج جي پروفيسر سائين لطف الله وڳڻ جي ڳالهه ياد پئجي وئي۔۔۔سائين اسان کي فزڪس پڙهائيندو هو، جيڪو مونکي ٺُپ سمجهه ۾ ڪون ايندو هو، ۽ وري ڪلاس ۾ مان ويهندو به اڳيان اڳيان هيس، ۽ وري ڪامريڊن وانگيان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي، آڪڙجي به ويهندو هئس، تنهن تي اڪثر سائين لطف الله مونکي جمله چوندو رهندو هو، اهي هي ته ڪلهوڙا! ايتري فزڪس اچئي ٿي ڇا؟ مان چوندو هئس، نه سائين ! ته پو ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ايڏو سيٽيو ڇو ويٺو آهين، سڌو ٿي ويهه۔۔۔۔هههههههها پو ته بس اڳيان پٺيان شاگردن جا ٽهڪ گونججي ويندا هئا۔۔۔ بس پو اهي ڏينهن ڪاليج ختم ٿيڻ تائين جڏهن به سيٽجي ويهندو هئس ته سائين لطف الله جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي سڌو ٿي ويهندو هئس ته يار! هڪ ته فزڪس به ڪان ٿي اچي ٻيووري سيٽجي به ويهان ته سٺي نه ٿيندي۔۔۔