• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 8 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 8 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

8 جنوري 1927ع ليکڪ ۽ شاعر اختر مورائي جي پيدائش ٿي.
8 جنوري 1934ع شاعر محبوب سروري جي پيدائش ٿي.
8 جنوري 1937ع شاعر محمد پريل بيدار مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1938ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ سياستدان بابو غلام حسين جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1940ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1952ع اداڪار سورج جسوجا (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1952ع شاعر حسين بخش منزل جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1956ع شاعر آرزو علي محمد جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1956ع اداڪار، ليکڪ ۽ ناٽڪ نگار سنيل سندر سنگهه آڏواڻي جو بمبئي ۾ جنم ٿيو.
8 جنوري 1967ع رتيديري سان تعلق رکندڙ صحافي عزيز بوزدار جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1967ع ليکڪ ابنِ محزون جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1969ع صحافي عبدالعزيز بوزدار (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1972ع سکر سان تعلق رکندڙ شاعر اسد عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1973ع خيرپور سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ نواب علي وساڻ جو جنم ڏينهن آهي.
8 جنوري 1975ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر وقار سيال جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

8 جنوري 1324ع مهمجو مارڪو پولو جي اٽلي جي شهر وينس ۾ وفات ٿي.
8 جنوري 1941ع اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول آفريڪا ۾ انتقال ڪري ويو.
8 جنوري 1993ع سابق آرمي چيف آصف نواز جنجوعه دل جي دوري سبب انتقال ڪري ويو.
8 جنوري 2013ع ناليوارو اديب ۽ محقق خورشيد قائمخاني لاڏاڻو ڪري ويو.
8 جنوري 2019ع ناليوارو اديب ۽ شاعر مير محمد پيرزادو انتقال ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
____
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڌرتي ڌڪاڻن جي درد کي زبان ڏيندڙ خورشيد قائم خاني وڇڙي ويو
خانا بدوش قبيلن تي ڊگهي عرصي کان کوجنا ڪندڙ محقق ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنو
3105878995_9e09d817e1_z-jpg.1660
سنڌ جي ڌرتي ڌڪاڻن ۽ خانا بدوش قبيلن تي ڊگهي عرصي کان کوجنا ڪندڙ ۽ 22 ڪتابن جو خالق نالي وارو اديب ۽ محقق خورشيد قائم خاني هميشه لاءِ وڇڙي ويو، خورشيد قائم خاني ٻن مهينن کان بيمار هو، کيس وڌيڪ تڪليف سبب پهرين جنوري تي ڪراچي جي الشفا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي گهڻ رخي اديب ۽ محقق خورشيد قائم خاني جو مڙهه ٽنڊي الهيار نيو ويو، جتي اڄ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون نالي وارو محقق، اديب ۽ ڪالم نگار خورشيد قائم خاني 1933ع ڌاري ڀارتي راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو، پيءُ انگريز آرمي ۾ سپاهي هو، 1946ع ۾ ماڌو سنگهه اسڪول ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد هن جا وڏا سنڌ جي ٽنڊي الهيار شهر ۾ لڏي آيا، 1948ع ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الهيار مان مڊل ۽ 1951ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين، انٽر ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد ۽ گريجوئيشن ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان ڪيائين، فوج ۾ ميجر جي عهدي تي هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بنگالين جي نسل ڪُشي تي احتجاجن تڏهوڪي جنرل اي ڪي نيازي کي استعيفا پيش ڪري ٽنڊي الهيار موٽي آيو، خورشيد قائمخاني لکڻ جي ابتدا انگريزي اخبار اسٽار ۾ ”راما پير“ تي ڪالم لکي ڪئي، هن 22 ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ترجمو پڻ آهن. انهن ۾ سپيان اور پٿر، ڀٽڪتي نسلين، سپنون ڪا ديس، رني ڪوٽ ڪا قلعه، ڍول مارو، ماروي ڪي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن، هن خديجه گوهر جي ڪتاب ”اميدون ڪي فصل“ جو ترجمو پڻ ڪيو.
 
8 جنوري 1926ع تي عبدالعزيز بن سعود حجاز جو بادشاهه بڻيو ۽ حجاز جو نالو تبديل ڪري سعودي عرب رکيو ويو۔
 
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
Back
Top