نثارابڙو
نائب منتظم
ڀلاري حج جون مبارڪون
دوستو، حج جو ڀلارو مهينو شروع ٿيو آهي ... هت مڪي پاڪ ۾ ته حج جو مهينو مطلب ماڻهون ئي ماڻهون ... رستن تي، دڪانن تي، گهرن ۾ ۽ حرم ۾ جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن ماڻهن جو هجوم ... حاجي سڳورا (الله جا مهمان) عبادتن ۽ الله کي راضي ڪرڻ ۽ پنهنجن گناهن جي معافي وٺڻ ۾ مشغول آهن،
جيتوڻيڪ هاڻ حج اڳي کان گهڻو سڻائو ٿي پيو آهي پر پوءِ به پرديس واريون ڏکايون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن ...
دوستو اڄ هڪ عرب سڳوري جي تقرير پئي هلي جنهن جو لب لباب هو ته پوري سال ۾ 10 راتيون ۽ 10 ڏينهن افضل ۽ الله وٽ مقبوليت لئه انتهائي اهم آهن .... رمضان جي آخري عشري جون راتيون ۽ انهن ۾ به قدر واري رات، ذوالحج مهيني جا شروعاتي 10 ڏينهن ۽ انهن ۾ به 9 ذوالحج (عرفات) وارو ڏينهن انتهائي اهم آهي جنهن ۾ دعائن جي اگهماجڻ جا موقعا ڪيترا ڀيرا وڌي ويندا آهن ...
رب العزت کان دعا آهي ته هو اسان سڀني جون جيڪي حج تي آهن يا حج تي نه آهن انهن جون نيڪ خواهشون پوريون ڪري ۽ اسان کي سڌي راهه طرف رهنمائي ڪري انهن ماڻهن واري راهه طرف جن تي الله راضي ٿيو نه انهن ماڻهن واري راهه جن تي ڌڻي سڳورو ناراض ٿيو ...
سنڌ سلامت ساٿ پاران سنڌي حاجين کي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جون اڳواٽ مبارڪون ...