• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا توهان ونڊوز ايڪس پي جي شڪل صورت مان تنگ ٿي پيا آهيو۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ونڊوز ايڪس پي کي لانچ ٿيندي هوئن ته ڪافي سال گذري چڪا آهن۔۔۔ پر پاڪستان ۾ سندس جي مقبوليت ۾ گهٽتائي نه آئي آهي ۔۔۔ ان جو سبب گهڻي ڀاڱي اهو آهي ته ونڊوز ايڪس پي سان مطابقت رکندڙ ڪمپيوٽر پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ ايترا مهانگا نه آهن ۔۔۔ جڏهن ته ونڊوز وستا يا ونڊوز 7 سان مطابقت رکندڙ سسٽم ڪافي مهانگا آهن۔۔۔ ٻيو سبب اهو به آهي ته ونڊوز ايڪس پي کي ڪافي ماڻهون اڃان هاڻي ئي سمجهي سگهيا آهن ۽ ونڊوز 98 جو دور پاڪستان مان اڃان هاڻي ختم ٿيو آهي۔۔۔
پر ان جي باوجود به جيڪڏهن توهان ونڊوز ايڪس پي جي ڏيک ڏيکاء مان تنگ ٿي پيا هجو ۽ في الحال توهان جي اهڙي پوزيشن به ناهي جو توهان ونڊوز وستا يا ونڊوز 7 سان مطابقت رکندڙ ڪمپيوٽر خريد ڪري سگهو ته توهان جي بوريت کي هن سافٽويئر جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو۔۔۔

18-09-9.jpg

WindowBlinds جي ذريعي توهان پنهنجي ڊيسڪٽاپ کي مڪمل طور تبديل ڪري وڌيڪ خوبصورت ۽ انتهائي دلڪش بڻائي سگهو ٿا۔۔۔
هن سافٽويئر کي استعمال ڪندي توهان بٽڻ، بار ۽ ٽول بارز جا اسٽائيل تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ ايسيتائين جو پنهنجي پسنديده پروگرام کي کولڻ لاءِ پڻ خوبصورت بٽڻ ڊيسڪٽاپ يا وري ونڊوز جي مٿان رکي سگهو ٿا۔۔۔ جن کي ڪنهن به پروگرام تي ڪم ڪندي ڪلڪ ڪري پنهنجي پسند جي پروگرام کي جهٽ پٽ کولي سگهو ٿا۔۔۔
لڳ ڀڳ 32 ميگا بائيٽ جي هن پروگرام کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
 
سائين بلڪل توهان وقت جي مناسبت سان تمام بهترين سافٽ ويئر شيئر ڪيو آهي، مهربانيون۔۔۔
 
جواب: ڇا توهان ونڊوز ايڪس پي جي شڪل صورت مان تنگ ٿي پيا آهيو۔۔؟

السلام عليڪم ادا رشيد سمون صاحب

تمام بهترين شيئرنگ ڪئي آهي توهان۔۔۔۔مهرباني
 
جواب: ڇا توهان ونڊوز ايڪس پي جي شڪل صورت مان تنگ ٿي پيا آهيو۔۔؟

ادا رشيد، ونڊو بلائينڊس سافٽويئر تمام ؓؓگهڻي ميموري کائيندو آهي، ان کان بهتر آهي ته ڪو وزيوئل گرافڪ ٿيم ڊائونلوڊ ڪجي۔ مونکي هڪ اهڙو ٿيم آهي۔ پر فورم تي ڏيڻ کان پهرين آهي ته انکي سٺي طرح استعمال ڪري پو٪ءِ شئير ڪندم۔
 
Back
Top