• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عجم[ ايران، ترڪستان وغيره] جون عالم، فاضل ۽ شاعره عورتون

عرس پريو

سينيئر رڪن
1. آسيه خانم: فتح علي شاهه، ايران جي بادشاهه جي والده، ڏاڍي نيڪ ۽ سخي زال، وفات جو سن 1217هه
2. انهيءَ نالي سان سندس بيبي به هئي، جا سردار امير خان جي ڌيءُ هئي، ڏاڍي قابل ۽ فاضل هئي.
3. آغا: مرزا عبدالڪريم معتدالدوله جي ڌيءُ ايران جي شاهي نسل مان، شاعره هئي. سندس ڌيءُ ”آغا ڪوچڪ“ به شاعره هئي.
4. آغا باجي: ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه جي مشهور بيبي، ۽ ابراهيم خان شوشيءِ جي ڀيڻ، ترڪي ۽ فارسيءَ ۾ عمدو شعر چوندي هئي، ڏاڍي قابل هئي.
5. آفاق: فارس جي ويٺل، ڏاڍي فصيح ۽ بليغ هئي.
6. آقا بيگم: هرات جي ويٺل، عالي خاندان جي هئي، ۽ فصيح ڪلام ۽ شعر چوندي هئي. ٻي هن نالي سان محمد خان ترڪمانيءَ جي ڌيءُ به هئي، جا پڻ شاعره هئي.
7. آني فاطمه خانم: قسطنطيه جي ويٺل، شهزادي امير آغا جي بيبي هن جو ترڪي ديوان مشهور آهي.
8. اسماء عبرت: احمد آقا جي ڌيءُ، ۽ محمود جلال الدين جي زال، سلامبول جي ويٺل، ڏاڍي خوشخط هئي.
9. آغا دوست: علم ۽ ادب ۾ قابل ۽ شعر چڱو چوندي هئي. ٻي به انهيءَ نالي سان شاعره هئي. درويش قيام جي ڌيءُ.
10. آرزو: سمرقند، جي رهاڪو، چڱو شعر چوندڙ.
11. ارسلان خاتون: ايران جي سلجوقي بادشاهه طغرل بيگ جي ڀائٽي عباسي خليفي قائم جي زال.
12. آتون يا توني آتون: هرات جي والي مير نظام الدين جي مصائب ملا بقائيءَ سان خوب شعر آزمائي ڪيائين.
13. آقائي يا آقا بيگم: محمد خان ترڪمان جي مصاحبه، قابل شاعره.
14. اتابڪ عيش: سعد بن اتابڪ ابوبڪر جي ڌيءُ، جنهن بادشاهه جي نالي پٺيان”شيخ سعدي“ جو نالو”سعدي“ ورتو، هلاڪو خان جي پٽ منگوءَ جي زال، جا سن 662هه ۾ شيراز جي تخت تي ويٺي، ڏاڍي قابل زال هئي، وفات جو سن 686هه.
15. انيس الدوله: ايران جي بادشاهه جي بيگم، ڏاڍي قابل زال.
16. بيگم جان خانم: فتح علي شاهه قاچار جي نياڻي، تمام قابل زال، نيڪ ۽ سخي.
17. بيگي: هرات جي واليءَ امير علي شير جي ڀاءُ، امير درويش عليءَ جي زال، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
18. بيدلي: شيخ عبدالله ”ديوان“ جي ڀيڻ، فضل ۽ ڪمال ۾ مشهور، شعر چڱو چوندي هئي.
19. بدويه: مصر جي خليفي آمر فاطميءَ جي بيبي، ڏاڍي حسين ۽ قابل عورت.
20. بيجہ: ايران جي مشهور نجومڻ، ۽ شعر گوئيءَ ۾ قابل.
21. بزم عالم: سلطان عبدالمجيد خان جي والده، ۽ محمود خان ثانيءَ جي راڻي، تمام گهڻا خير جا ڪم ڪيائين.
22. پختيه حاجيه: مصر جي سيد خاندان جي هڪ خاتون، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايائين، ڏاڍي قابل ۽ فياض، وفات جو سن 1319هه
23. ترخان خديجه سلطان: سلطان ابراهيم خان عثمانيءَ جي بيبي، ۽ سلطان محمد خان چوٿين جي والده، نيڪ عورت.
24. ترڪان: خوارزم شاهي، شاهه بن ايل ارسلان، جي والده، ۽ ٻي، انهيءَ نالي سان، سلطان جلال الدين جي ڌيءُ _ ٻيئي قابل زالون هيون.
25. توتي: ايران جي مشهور حسين، شيرين زبان ۽ لطيفه گو شاعره.
26. جان فدا قادين: عثماني سلطان مراد خان ٽئين جي بيبي، قابل ۽ خير ڪندڙ زال.
27. جميله: بني حمدان واري بادشاهه ناصر الدوله جي ڌيءُ، ڏاڍي سخي، ديندار ۽ پڙهيل زال. ٻي جميله اصفهاني شاعره هئي.
28. جهان خانم: ناصر الدين شاهه قاچار جي والده، ڏاڍي عاقل، قابل ۽ همت واري عورت.
29. جهان خاتون : شيراز جي هڪڙي مشهور عورت.
30. جهان: ايران جي بادشاهه اسماعيل صفويءَ جي بيبي، چڱو شعر چوندي هئي.
31. حاجي قادين: سلطان بايزيد جي وزير سڪندر خان جي ڌيءُ اسلامبول جي هڪڙي تمام قابل عورت.
32. حبيبه خانم: علي پاشا جي ڌيءُ، ۽ محمد افنديءَ جي زال، ترڪي شعر تمام چڱو چوندي هئي. سن 1262هه ۾ ڄائي.
33. حليمه بيگي آغا: سلطان حيدر ترڪمان جي زال، حسن بيگ جي ڌيءُ، ۽ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جي ماءُ، مشهور قابل عورت، شاهه اسماعيل سن 892هه ۾ ڄائو هو.
34. حياتي: نور علي شاهه خراسانيءَ جي زال، هن جي مرڻ کانپوءِ، ملا محمد جي زال هوشيار شاعره، ڏهه هزار شعر موجود اٿس.
35. حاجيه: ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه جي هڪڙي بيبي، شعر چوندي هئي.
36. حليمه بنت محمد صادق: اسلامبول جي مشهور زالن مان، خوشخط ۽ علم ۾ قابل هئي.
37. حجابي: ”هلالي“ شاعر جي ڌيءُ، استرآباد جي ويٺل، چڱو شعر چيو اٿس.
38. حيات خانم: شاهه اسماعيل صفويءَ جي هڪڙي بيبي، جا شعر چوندي هئي.
39. خان زاده: مير يادگار تبريزيءَ جي ڌيءُ، شعر چوندي هئي.
40. خديجه خانم: ايران جي بادشاهه ڪريم خان رند جي بيبي ۽ محمد شاهه جي چاچي، هوشيار ۽ قابل عورت.
41. دلشاد خاتون: امير چوبان جي پٽ تمرتاش جي ڌيءُ، امير شيخ حسن ابلڪانيءَ جي زال، ۽ سلطان اويس جي ماءُ مشهور شاعره. انهيءَ نالي سان ٻي، امير علي جلاير جي ڌيءُ ۽ امير حسين جلاير جي زال، جو بلخ جو حاڪم هو، _ اها به شاعره هئي.
42. رشحہ ڪاشاني: ”بيگم “ به نالو هوس، ”هاتف“ ڪاشانيءَ جي ڌيءُ، مرزا علي اڪبر ”نظيري“ شاعر جي زال، ۽ مرزا احمد ”ڪشته“ جي ماءُ، وڏي شاعره، ٽي هزار شعر موجود اٿس.
43. سيده بيگم: جرجان جي سيد ناصر جي ڌيءُ، ”وطواط“ جي همعصر، چڱو ۽ گهڻو شعر چيو اٿس.
44. فاطمه خانم: جودت بادشاهه جي ڌيءُ، اسلامبول جي، ڏاڍي پڙهيل ۽ مشهور عورت، يورپ جون ٻوليون به ڄاڻندي هئي، گهڻا ڪتاب به لکيا اٿس.
45. ڪوڪب: تخلص ”ستاره“ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازيءَ جي ڌيءُ، چڱو شعر چوندي هئي.
46. ڪنيز فاطمه: شاهه سليمان ڪابليءَ جي والده، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
47. مهري: حڪيم عبدالعزيز هراتيءَ جي بيبي، مشهور شاعره، شاهه رخ مرزا، جو گوهر شاهه بيگم جو مصاحب هو، تنهن جي زماني ۾ هئي.
48. مهستي: گنج يا نيشاپور يا بدخشان جي مشهور عورتن مان هئي، ۽ شاعره هئي، سلطان سنجر سلجوقيءَ جي حضور ۾ وڏي عزت هيس.
49. نهاني: شاهه سليمان جي والده جي مصاحبہ، پڻس امير هو، تمام قابل ۽ شاعره عورت.
50. همدمي: ايراني جي جرجان وارن سيدن مان، ڏاڍي قابل ۽ شاعره عورت.
51. ياسمين بُو: مرزا عسڪري داغستانيءَ جي بيبي، هوءَ دکن هندستان ۾ به پيءُ سان گڏ آئي هئي _ ڏاڍي خوش نويس هئي، ۽ شعر به چڱو چوندي هئي.
تحفة النسوان تان ورتل
 
Back
Top