پرڪشش چپڙن لاءِ، رحمدليءَ جا لفظ ڳالهايو، پيارين اکڙين لاءِ، ٻين ۾ سونهن ڏسو، تندرست جسم لاءِ، پنهنجي کاڌي ۾ ٻين کي ڀاڱيوار ڪريو، سهڻن وارن لاءِ، پنهنجي مٿي ۾ ننڍڙن ٻارن کي پنهنجيون آڱريون گهمائڻ ڏيو، سورهيائپ لاءِ، علم سان گهمو ته جيئن ڪڏهن به اڪيلا نه ٿيو. شين کان وڌيڪ انسان کي ..... گڏ ڪجي، نئون ڪجي، ٻلوان ڪجي، منظم ڪجي، استعمال ڪجي، ياد رکو! اوهانکي ڪڏهن به ڪنهن مددي هٿ جي ضرورت پوندي ته اهو اوهانکي اوهانجي ئي هڪ ٻانهن جي ڇيڙي تي لڳل ملندو. جيئن اوهان پڪا پختا ٿيو ٿا ته اوهانکي اها ڄاڻ پوي ٿي ته اوهانکي ٻه هٿ آهن، هڪ اوهانجي پنهنجي مدد لاءِ ۽ هڪ ٻين جي مدد لاءِ. آمريڪي ڏاهو، ليکڪ سام ليونسن مترجم نثار ابڙو