سلطان محمود غزنوي وٽ ڪو شخص ونگي کڻي حاضر ٿيو ۔۔۔ سلطان ونگي کي قبول ڪيو ۽ پيش ڪرڻ واري کي انعام ڏنو۔۔۔ پوءِ پنهنجي هٿ سان ونگي جي هڪ ڦاڪ ڪٽي پنهنجي محبوب وزير ”اياز“ کي کائڻ لاءِ ڏني۔۔۔اياز مزي مزي سان اها ونگي جي ڦاڪ کائي ويو۔۔ ان کانپوء سلطان ونگي جي ٻي ڦاڪ ڪٽي ۽ پاڻ کائڻ لڳو۔۔۔ پر ونگي جي ڦاڪ ايترو ته ڪوڙي هئي جو کيس زبان تي رکڻ ئي مشڪل ٿي پيو۔۔ ان ڪري تڪڙو ٿوڪاري ڪڍي ڇڏي۔۔۔
سلطان حيرت سان اياز کي ڏٺو ۽ چيائين ۔۔۔”اياز ايتري ڪوڙي ڦاڪ تون ڪيئن کائي وئين۔۔۔؟ تنهنجي چهري تي ته ڦاڪ جي ڪوڙاهٽ جو بلڪل به تاثر نه اڀريو۔۔ “
اياز عرض ڪيو۔۔ ”حضور ونگي واقعي ڏاڍي ڪوڙي هئي۔۔۔ وات ۾ وجهندي ئي عقل چيو ته ان کي ٿوڪاري ڪڍي ڇڏ۔۔۔ پر دل چيو ته۔۔۔۔ ”اياز خبردار ۔۔! هي اهي ئي هٿ آهن جن سان تون مٺيون شيون کائيندو آهين۔۔۔ جيڪڏهن هڪ ڏينهن ڪوڙي شيء به ملي ته ڇا ٿيو۔۔۔“ ان ڪري حضور مون ونگي جي ڦاڪ کي اڳ اوهان جي طرفان عنايت ڪيل مٺين شين وانگر ئي کائي ڇڏيو۔۔۔“
اسان کي به گهرجي ته جنهن الله اسان تي بي حساب احسان فرمايا آهن۔۔ جيڪڏهن ڪڏهن ان جي طرفان ڪا مصيبت اچي به وڃي ته ان کي به برداشت ڪريون۔۔۔ ۽ صبر سان قبول ڪريون۔۔۔