انگ جيڪي اسان لکندا آهيون سي الاگرٿم مان نڪتل آهن .. . 1.2.3.4.... وغير کي انگريزي الاگرٿم ۽ I,II,III, IV وغيره کي رومن الاگرٿم چئبو آهي... ڇا توهان اهو ٻڌائي سگهندو ته هڪ کي 1 ۽ ٻه کي 2 ڇا لاءِ چوندا آهن...؟ ۽ هن ۾ ڪهڙو اصول رکيل آهي...؟ اهو تمام آسان آهي .. اصل ۾ هڪ 1 ۽ ٻه کي 2 رکڻ جو اصول بناوٽ ۾ ڪُنڊن جو هجڻ آهي... ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه... چڱو ڀلا هي تصويرون ڏسو.... ۽ سڀ کان دلچسپ آهي... سبق؛ سکڻ ۾ دير نه ڪجي ...
تمام بهترين ۽ اهم ترين ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي مونجهارا هُئا ذهن تي ان سلسلي ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن اسان ٻارن کي پاڙهيندا هُئاسين ته ڪو ننڍڙو ٻالڪ اچانڪ سوال ڪري ويهندو هو ته سائين هڪ جي شڪل اهڙي ڇو بنائي ويئي ۽ اهڙي طرح سڀني انگن جي بيسڪ شڪلن جي باري ۾ پُڇندا هُئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسين جيڪي ان ڏئي ۽ ڪاغذي ڪارتوسن وسيلي ڊگريون وٺي ويٺل صرف ٻارن کي اهو چئي جان ڇڏائيندا هُئا سين ته ڇورا چُپ ڪريو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙا سوال ناهن پُڇبا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ وڃي اهو راز کليو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شڪر جو تمام جلدي توهان جي هن ونڊ مان صفا سولي سنڌي ۾ سمجهي وياسين۔۔۔ پر جادوگر سائين تنهنجو اهو ون (1) ڪا ون(1) آهي، پر تون ته اهڙو جادوگر آهين جو جيڪڏهين چاهين ته ون (1) ٽو (2) ڪا فور (4) به ڪري سگهين ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين تمام بهترين ۽ عقل سان ڀرپور سمجهاڻي آهي۔۔۔ سائين نثار جي ڳالهه وانگر اسان جا ذهني مونجهارا توهان ختم ڪري رهيا آهيو