• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 9 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 9 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 جنوري 1892ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لالا نبي بخش سرڪي جي پيدائش ٿي.
9 جنوري 1907ع ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
9 جنوري 1920ع همدرد فائونڊيشن جي باني حڪيم محمد سعيد جو جنم ڏينهن آهي.
9 جنوري 1944ع اداڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج بلواڻي ( لاڙڪاڻو / احمد آباد)جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

9 جنوري 1881ع خواجه محمد حسن لنواري واري جي وفات ٿي.
9 جنوري 1904ع مذهبي اسڪالر قاضي عنايت الله مطلوي جي وفات ٿي.
9 جنوري 1920ع سنڌ هندو سڀا جو اڳواڻ راء بهادر ٽيڪچند اوڌداس ديهانت ڪري ويو.
9 جنوري 1959ع شاعر سلطان علي فدائي لاڏاڻو ڪري ويو.
9 جنوري 1996ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار سلطان راهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

_______

اڄوڪي ڏينهن 9 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

iHVX81Ddecc0R.jpg

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

____

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
Back
Top