ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ رهنماءُ اصول! نجم الدين ڪنڀر ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪوپنهنجي زندگي کي ڪامياب بڻائڻ جي خواهش نه رلندو هجي! قول؛ * جڏهن ادب مان ادب(حياءُ) نڪريو وڃي ته ادب بي ادب ٿيو پوي. * جيڪي ماڻهو سماج ۾ رهي ڪري به سماج کي سمجھي نه سگھيا آهن تن کي سماج ۾ رهڻ جو ڪوبه حق ڪونهي. * ٻارن سان ملو ته ٻار ٿي ملو، جوان سان ملوته جوان ٿي ملو، پيرسن سان ملو ته پيرسن ٿي ملو. * سڻو سڀ ڪنهن جي، ڪريو اها جنهن سان قلب کي قرار اچي. * هر ماڻهو جون خوبيون حاصل ڪريو، ۽ ان جي خامين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. * بنان سوچ ويچار جي ڪنهن به ماڻهو جي ڪابه ڳالھ رد ڪرڻ، يا قبول ڪرڻ سڀ کان وڏي بيوقوفي آهي. * سوچ ايتري وسيع رکو جو ڪل ڪائنات سمائجي سگھي. * هر انسان اشرف المخلوقات آهي ان جو قدر ڪريو. * ڪردار انسان کي عزت ۾ عروج تي پهچائي، يا ذلت سان زمين تي ڪيرائي. * پنهنجو موقف ٻڌائڻ کان پهرين ٻئي جو ٻڌو، پوءِ پنهنجي راءِ ڏيو. * ٻئي جي گفتگو ايترو ڌيان سان ٻڌو، جيترو پنهنجي گفتگو ٻئي کان ٻڌڻ جي توقع رکو ٿا. * ٻڌل ۽ ٻڌايل ڳالھ ۾ وڏو فرق آهي. * اوهين پنهنجي عقل جي ابتڙ هر ڳالھ جو رد نٿا ڪري سگھو. ڪوبه عقل ڪُل (مڪمل) ناهي. * هر انسان روحاني توڙي جسماني لحاظ کان ڪمزور آهي. * سچائي ڪٿان به ملي قبول ڪريو. * اهلحديث جو الف (ا) ديوبندي جو دال(د) ۽ بريلوي جو بي(ب) ملائي ”ادب“ سان زندگي گذاريو. * جنهن سان محبت ٿي ويندي آهي اُن جون خاميون لڪي وينديون آهن، جنهن سان نفرت ٿي ويندي آهي اُن جون خوبيون ڍڪجي وڃن ٿيون. * غلطي ڪرڻ ايترو ڏوھ ناهي جيترو غلطي نه مڃڻ ۾ ڏوھ آهي. * اهو نه ڏسو ته ڪير پيو ڳالهائي، پر اهو ٻڌو ته ڇا پيو ڳالھائي. * پنهنجي راءِ ڏيڻ کان پهرين اُن تي نظرثاني ضرور ڪريو. * اختلاف جدائي ۽ تباهي جو ذريعوناهي بلڪه ڪاميابي ۽ ترقي جو بنياد آهي. * سڀني جي سوچ هڪڙي هجي ها ته دنيا جو نظام هلي نه سگھي ها. * الله تعاليٰ سڀني انسانن کي مختلف صورتن تي پيدا ڪري جدا جدا دماغ عطا ڪيوڇا توهان سڀني دماغن کي فطرت جي ابتڙ هڪ ئي قطار ۾ بيهارڻ چاهيو ٿا؟ * سڀني جو هڪ خيال ۽ هڪ جماعت بنجڻ ناممڪن آهي. * اختلاف صرف اصولن تائين محدود هئڻ گھرجي، دلين تائين نه پهچڻ گھرجي. * جنهن اختلاف ۾ محبت شامل آهي ، يقينن اهو اختلاف رحمت ۾ شآمل آهي. * اختلاف هڪ فطري اصول آهي ، فطرت جي اصول کي ٽوڙي نٿو سگھجي. * اختلاف تڏهن ڪريو جڏهن اختلاف جي اصولن کان مڪمل واقف هجو. * هر ماڻهو چاهي ٿو ته ٻيا مون جهڙا ٿين، پر هن ڪڏهن به ناهي سوچيو ته آئون ٻين جهڙو ٿيان. * دين جي نالي تي پنهنجي راءِ کي ٻين جي مٿان نه ٿاڦيو. * دين کي ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن نقصان پهچايو آهي. * جهڙي طرح دنيا جي معاملن ۾ اسان درگذر کان ڪم وٺون ٿا، اهڙي طرح اسان کي دين جي معاملن ۾ به درگذر کان ڪم وٺڻ گھرجي. * دين ته سڄو محبت ئي محبت آهي، پوءِ نفرت ڪٿان آئي؟ ماڻهن کي محبت ڪرڻ لاءِ وقت ڪونهي، پوءِ نفرت لاءِ وقت ڪٿان آيو؟ * دين جي سمورن اختلافي مسئلن جي پسمنظر کي غير جانبدار ٿي غور سان ڏسندوَ ته حيرت انگيز انڪشاف معلوم ٿيندو. * اختلاف هميشه پاڻ کان شروع ڪريو. , * ڪنهن ڳالھ بابت ٻڌو ته صرف ظاهري لفظن آڌار تبصرو نه ڪريو بلڪه ان جو پسمنظر ۽ مختلف رُخ معلوم ڪري پوءِ ڪا راءِ ڏيو. . * جهڙي طرح حق کي الله تعاليٰ توهان جي زبان مان جاري ڪري ٿو، اهڙي طرح ٻئي جي زبان مان به حق جاري ڪندو آهي. * ٿورو سوچي ته ڏسو اسلام جا ڪيترا مسئلا آهن جيڪي مناظري سان حل ٿيا هجن. * مناظرو حق کي ظاهر ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ محبت کي ختم ڪندڙ وڌيڪ آهي. * اسين چاهيون ٿا ته سڀئي انسان نيڪ بنجي وڃن پرپاڻ هن طرف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهيون. * سڀئي مخالف غلط ناهن هوندا. * مخالف جي خامين کي ڇڏي ڏيو، ان جي خوبين کي اختيار ڪريو. * مخالف جو سڀ کان وڏو احسان هي آهي ته هو اوهان سان اختلاف رکي ٿو. * اختلاف غور، فڪر تحقيق ۽ جستجو جي ڪنجي آهي. * اختلاف دور نبويﷺ ۾ به هو، اصحابن جي وقت ۾ به هو، ان وقت کان اڄ تائين هلندو اچي، آئينده به جاري رهندو. * ڪوشش ڪريو ته ڪنهن به مسئلي جي جواب ۾ اوهان جي زبان مان حلال،حرام،جائز،ناجائز،ڪافر،مشرڪ،مرتد،منافق،جهنمي،مردود،بدعتي، فرض،واجب،صحيح ۽ غلط جو لفظ نه نڪري. * هر سوال جي جواب ڏيڻ ۾ احتياط ڪريو، فوري طور جواب نه ڏيو. * دين جي معاملن ۾ دنيا جي معاملن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ احتياط ڪريو. * سمجھ واري لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي، بي سمجھ لاءِ ڪتاب به ڪجھ ناهن. * اختلاف کي سمجھڻ لاءِ بهترين مثال ڪائنات ۽ مخلوقات جو ڪافي آهي. * اهلحديث پنهنجي جاءِ تي صحيح، ديوبندي پنهنجي جاءِ تي صحيح، بريلوي پنهنجي جاءِ تي صحيح، اهلتشيع پنهنجي جاءِ تي صحيح، ٿوري ٿوري صداقت سڀني وٽ آهي مڪمل غلط ڪنهن کي به چئي نٿو سگھجي. * هن وقت اهڙا عالم گھٽ ملندا جيڪي مخالف تي نقطه چيني گھٽ ڪندا هجن، ۽ دين جي حقيقي دعوت عوام تائين وڌيڪ پهچائيندا هجن. * هن وقت عوام توڙي عالمن ۾ هي لاڙو پيدا ٿي پيو آهي،جو مخالف جون خاميون ٻڌن ۽ ٻڌائن. * هن وقت اهڙو ڪو عالم آهي جيڪو جلسي ۾ سڀني جي اڳيان سرعام هي سنت نبوي زنده ڪري ته ” آئون نٿو ڄاڻان“( ). * اختلاف بهتر کان بهترين رستو چونڊڻ ۾ مدد ڪري ٿو. * جيستائين اسلام جا حڪم پهرين ۽ خواهشون پوءِ رهنديون ته ڪوبه نقصان ناهي. پر جڏهن خواهشون اسلامي حڪمن کان پهري ٿي ويون ته ضرور نقصان ٿيندو. * معمولي ۽ اهم مسئلن ۾ فرق رکڻ گھرجي. * ٿوري فائدي لاءِ گھڻو نقصان نه ڪجي. * ڪنهن جي ٻڌايل مسئلي جي جواب ۾ ڪا غلطي ڏسو ته اکيون پوري نه اڏايو، بلڪه ان جو سبب معلوم ڪريو،جي ڄاڻي واڻي غلطي ڪئي اٿس ته ان جو عذاب ان تي پوندو، جي بي خبري مان ڪئي هوندس ته هن جي اصلاح ڪريو. * جنهن ڳالھ بابت جيترووڌيڪ غور ۽ فڪر ڪندوَ ،اوترو ئي وڌيڪ سچائي ملندي. * اختلاف هر مذهب ۾ رهيو آهي، پر جيستائين اختلاف کي اصلاح لاءِ استعمال ڪيو ويو ،تيستائين اختلاف مذهب لاءِ فائيديمند رهيو،پر جڏهن اختلاف جي آڙ ۾ ماڻهن کي دين مان خارج ڪرڻ جوسلسلو شروع ٿيو ته دين کي اختلاف سان نقصان ٿيڻ لڳو. * ڪنن سان ٻڌل اکين ڏٺل ڳالھ تي به ويچار ڪريو.
سائين توهان تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي۔۔ ان ۾ ڪيتريون ئي پوائنٽون منهنجي دل وٽان آهن۔۔۔۔ توهان کي گذارش آهي ته جڏهن به اهڙو ونڊ ڪندا ڪيو ، جيئن اقوال زرين، رهنما اصول ته انهن کي پوائنٽس جي صورت ۾ نمبرنگ ڪندا ڪيو ته جيئن اسان جي دوستن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي۔۔
ادا نجم الدين الله توهان کي آباد ڪري تمام بهترين قيمتي قول ونڊيا اٿوَ شل الله اسان کي ان تي عمل جي توفيق عطا فرمائي ۔