آئون ”تاريخ“ لکان ٿوجي ايم مهڪري 1649 اٽيچمينٽ ڏسو 1649 اٽيچمينٽ ڏسو 1650 اٽيچمينٽ ڏسو ”تون مصروف ٿو ڏسجين، اڪرم“ ”ها آهيان.“ اسڪول جو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟“ ”نه“. ”ته پوءِ؟“ ”تاريخ لکڻ جو ڪم!“ ”تاريخ لکڻ؟ ڪڏهن کان؟“ ”تقريباً ٽي سال!“ ”ٽن سالن کان تون تاريخ پيو لکين! ڪهڙي تاريخ؟“ ”منهنجي پنهنجي، ذاتي تاريخ“ ”ذاتي تاريخ! انهي جو ڪهڙو ضرور آهي.“ ”ٻڌ! ٽن سالن کان روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ آئون ڊائري لکي رهيو آهيان.“ ”ته ايئن چئو نه! پوءِ انهي کي تاريخ ڇو ٿو چئين؟“ ”منهنجي ڊائري منهنجي تاريخ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. آئون بنا وقفي لکان ٿو. مهينن کان پوءِ جڏهن آئون پڙهان ٿو ته مون ڇا لکيو آهي ته منهنجو ماضي، منهنجو حال ٿي وڃي ٿو. آئون دلچسپ ڳالهيون ڏسان ٿو جيڪي مون سان ۽ منهنجي چوڏسا پيش آيون. هي منهنجو بهترين ساٿي ۽ سستو شوق آهي.“ ”پر تون انهي ۾ لکين ڇا ٿو؟“ مون توکي ڪونه ٻڌايو؟ آئون هن ۾ جيڪا به ڳالهه مون سان واسطو رکي ٿي. اها ڇا، ڪهڙي، ڇو، ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي اهي سڀ ڳالهيون لکان ٿو. خوشخبريون، غمگين خبرون. هر اها ڳالهه جيڪا مون تي اثر وجهي ٿي. هن ۾ درج ٿي وڃي ٿي ۽ وقت تي هيءَ سڄي گهر لاءِ ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي.“ ”گهر لاءِ ڪيئن؟“ ”جڏهن اسين تاريخي، ڳالهيون ۽ واقعا وساري ويهون ٿا، تڏهن آئون انهن لاءِ پنهنجي تاريخ کوليان ٿو ۽ اهڙي طرح آئون هڪ تير سان ٻه شڪار ڪريان ٿو.“ ”اهو ڪيئن؟“ ”بنا ڪنهن خاص ڪوشش جي آئون مضمون ۽ ننڍڙا مقالا لکڻ سِکي وڃان ٿو. آئون هڪ ليکڪ ٿيڻ جي راهه تي آهيان.“ (روزانه ”ڊان“ جي ٿورن سان)